bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 32
2 Chronicles 32
Sindhi Bible
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 33 →
1
هنن ڳالهين ۽ اهڙيءَ ايمانداريءَ کانپوءِ اسور جو بادشاهہ سنحيرب آيو ۽ يهوداہ ۾ گهڙيو، ۽ قلعن وارن شهرن جي سامهون منزل ڪيائين، ۽ ارادو هوس تہ اهي پنهنجي لاءِ فتح ڪري وٺي.
2
۽ جڏهن حزقياہ ڏٺو تہ سنحيرب آيو آهي ۽ يروشلم سان وڙهڻ جي رٿ ڪئي اٿس،
3
تڏهن هن پنهنجن اميرن ۽ بهادرن سان صلاح ڪري اها رٿ ڪئي تہ جيڪي چشما شهر جي ٻاهر آهن، تن جو پاڻي بند ڪري ڇڏي؛ ۽ انهي ڪم ۾ هنن مدد ڪيس.
4
انهيءَ لاءِ تہ گهڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن سڀ چشما، ۽ جيڪا نهر انهيءَ زمين جي وچان ٿي وهي، تن کي بند ڪري ڇڏيو، جو چيائون تہ ڇو اسور جا بادشاهہ اچن ۽ گهڻو پاڻي لهن.
5
۽ هن همت جهلي جيڪا ڀت ڀڄي پيئي هئي سا جوڙائي ۽ اها چاڙهي ٺلهن تائين آندي، ۽ جيڪا ٻاهرين ڀت هئي، سا بہ جوڙايائين. ۽ دائود جي شهر ۾ ملو کي بہ مضبوط ڪيائين، ۽ تمام گهڻا هٿيار ۽ سپرون جوڙايائين.
6
۽ هن ماڻهن تي جنگي سردار مقرر ڪيا ۽ انهن کي شهر جي در وٽ ڪشادي ميدان ۾ پاڻي وٽ گڏ ڪيائين، ۽ انهن کي دلاسو ڏيئي چيائين، تہ
7
مضبوط ٿيو ۽ همت جهليو، اسور جي بادشاهہ ڪري ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو، نڪي جيڪو وڏو ميڙ انهيءَ سان آهي، تنهن کان ڊڄو: ڇالاءِ جو جيڪو اسان سان آهي سو جيڪي هنن سان آهن تن کان وڏو آهي.
8
هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.
9
تنهن کانپوءِ اسور جي بادشاهہ سنحيرب پنهنجا نوڪر يروشلم ڏي موڪليا (هاڻي لڪيس جي سامهون هو ۽ سندس سارو لشڪر ساڻس هو،) ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ ساري يهوداہ جا ماڻهو جي يروشلم ۾ هئا، تن ڏي چوائي موڪليائين،
10
تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب ٿو چوي تہ اوهين ڇا تي ڀروسو ٿا ڪريو جو يروشلم جي گهيري ۾ اندر رهيا پيا آهيو؟
11
حزقياہ اوهان کي انهيءَ لاءِ نٿو ٺڳاري ڇا تہ اوهان کي ڏڪار ۽ اُڃ ۾ مرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏي، ۽ چوي ٿو تہ خداوند اسان جو خدا اسور جي بادشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندو؟
12
ساڳئي حزقياہ ان جون مٿانهيون جايون ۽ ان جون قربانگاهون ڪڍي نہ ڇڏيون آهن ڇا، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي نہ چيو اٿس ڇا تہ اوهين هڪڙي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو ۽ انهيءَ تي لوبان ساڙيو؟
13
اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن ملڪن جي ماڻهن سان ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ انهن ملڪن جي ماڻهن جا معبود ڪو انهن جي زمين کي منهنجن هٿن مان ڪنهن بہ طرح ڇڏائي سگهيا ڇا؟
14
جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو، تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو، جو پنهنجي قوم کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهندو؟
15
تنهنڪري هاڻي ڌيان ڪجو، متان حزقياہ اوهان کي ٺڳي ۽ انهيءَ طرح اوهان کي لالچائي؛ انهيءَ تي اوهين اعتبار نہ ڪجو: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان، ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي ڪا طاقت نہ هئي: تڏهن اوهان جي خدا کي منهنجي هٿان اوهان کي ڇڏائڻ جو ڪيترو نہ گهٽ امڪان آهي؟
16
۽ هن جي نوڪرن خداوند خدا ۽ سندس ٻانهي حزقياہ جي نسبت ۾ اڃا بہ ڪي وڌيڪ ڳالهايو.
17
هن خداوند، اسرائيل جي خدا جي بابت بي ادبيءَ جا خط بہ لکيا، جن ۾ ان جي برخلاف ڳالهايائين ۽ چيائين، تہ جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جي معبودن پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏائيندو.
18
۽ جيڪي يروشلم جا ماڻهو ڀت تي هئا، تن سان هنن وڏي سڏ يهودين جي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ڊيڄارين ۽ تڪيلف رسائين، تہ اهو شهر وٺن.
19
۽ هن يروشلم جي خدا بابت بہ ائين ڳالهايو جيئن زمين جي ٻين قومن جي معبودن بابت ڳالهائبو آهي، جي ماڻهن جي هٿن جا جڙيل آهن.
20
۽ انهيءَ ڪري حزقياہ بادشاهہ ۽ يسعياہ بن آموص نبيءَ دعا گهري، ۽ آسمان ڏي منهن ڪري دانهن ڪيائون.
21
۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.
22
انهيءَ طرح خداوند حزقياہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي اسور جي بادشاهہ سنحيرب، ۽ ٻين سڀني جي هٿن مان بچايو ۽ هر طرح هنن جي هدايت ڪيائين.
23
۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.
24
انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿيو جو مرڻ تي هو. ۽ هن خداوند کان دعا گهري؛ ۽ انهيءَ ساڻس ڳالهايو ۽ کيس هڪڙي نشاني ڏنائين.
25
پر حزقياہ جيڪو فائدو کيس رسايو ويو هو، تنهن موجب ڪجهہ بہ ڪين ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن جي دل مغرور ٿي تنهنڪري ان تي، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم تي، غضب نازل ٿيو.
26
انهيءَ ڪري حزقياہ توڙي يروشلم جي رهاڪن پنهنجي دل جي مغروريءَ کان پاڻ کي نماڻو ڪيو، جنهن ڪري حزقياہ جي ڏينهن ۾ خداوند جي ڪاوڙ هنن تي نہ آئي.
27
۽ حزقياہ کي تمام گهڻي دولت ۽ عزت حاصل ٿي: ۽ هن پنهنجي لاءِ چاندي، ۽ سون، ۽ قيمتي جواهر ۽ مصالحن، ۽ سپرن ۽ هر قسم جي سهڻن باسڻن جا خزانا گڏ ڪيا؛
28
۽ اَن جي پيدائش ۽ شراب، ۽ تيل لاءِ انبارخانا؛ ۽ هر قسم جي وهٽن لاءِ ٿانوَ ۽ ڌڻن جي لاءِ واڙا.
29
تنهن کانسواءِ هن پنهنجي لاءِ شهر، ۽ ڌڻن ۽ گلن جو مال ملڪيت تمام گهڻو گڏ ڪيو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي گهڻو مال عطا ڪيو هو.
30
انهيءَ ساڳي حزقياہ جيحون جي پاڻيءَ جو مٿيون چشمو بہ بند ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ کي سڌو هيٺ لاهي دائود جي شهر جي الهندي پاسي آندائين. ۽ حزقياہ پنهنجن سڀني ڪمن ۾ فتحياب ٿيو.
31
انهيءَ هوندي بہ بابل جي اميرن جا ايلچي، جي ڏانهس موڪليا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو عجيب ڪم انهيءَ زمين ۾ ڪيو ويو هو، تنهن بابت پڇا ڪن، تن جي نسبت ۾ خدا هن کي آزمائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيڪي هن جي دل ۾ آهي سو سڀ کيس معلوم ٿئي.
32
هاڻي حزقياہ جا ٻيا باقي ڪم ۽ ان جي چڱائي، ڏسو، اهي يسعياہ بن آموص نبيءَ جي رويا ۾، ۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
33
۽ حزقياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ هن کي دائود جي پٽن جي قبرستان واريءَ چاڙهيءَ تي دفن ڪيائون، ۽ سندس مرڻ مهل ساري يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن هن کي تعظيم ڏني، ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36