bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 5
2 Chronicles 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 6 →
1
انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.
2
تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.
3
۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، ستين مهيني ۾ جيڪا عيد هئي، تنهن تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا.
4
۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ لاوين صندوق کنئي.
5
۽ هنن صندوق ۽ جماعت جو تنبو، ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي پاڪ باسڻ هئا سي سڀ آندا؛ اهي ڪاهنن، يعني لاوين آندا.
6
۽ بادشاهہ سليمان، ۽ اسرائيل جي جماعت، جا هن وٽ گڏ ٿي هئي، سي سڀ صندوق جي اڳيان حاضر ٿيا، ۽ ايتريون رڍون ۽ ايترا ڏاند قرباني ڪيائون جي شمار کان ٻاهر هئا.
7
۽ ڪاهنن خداوند جي عهدنامي جي صندوق، گهر جي محراب ۾ تمام پاڪ مڪان ۾، يعني ڪروبين جي پرن هيٺ، پنهنجي جاءِ تي کڻي رکي.
8
ڇالاءِ جو ڪروبي پنهنجا پر صندوق جي جاءِ جي مٿان پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق مٿان انهي جي لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا.
9
۽ لٺيون ايڏيون ڊگهيون هيون جو انهن لٺين جون چهنبون، محراب جي اڳيان، صندوق تائين ڏسڻ ۾ پئي آيون؛ پر ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اُتي آهي.
10
صندوق ۾ ٻيو ڪي بہ ڪين هو، سواءِ ٻن تختين جي، جي جڏهن خداوند بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ مهل حورب ۾، ساڻن عهد اقرار ڪيو هو، تڏهن موسيٰ اتي رکيون هيون.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا (ڇالاءِ جو جيڪي ڪاهن حاضر هئا تن پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، ۽ پنهنجي واري موجب نہ آيا هئا؛
12
۽ لاوي، جي ڳائڻ وارا هئا، سي سڀ، يعني آسف، هيمان، ۽ يدوتون ۽ انهن جا پٽ ۽ انهن جا ڀائر بہ ڪتاني ڪپڙن ۾، جهانجهن، ۽ سنطورن ۽ بربطن سان، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري ڇيڙي وٽ بيهي رهيا، ۽ انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن قرنائون پئي وڄايون:)
13
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.
14
جنهنڪري ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي سبب خدمت ڪرڻ لاءِ بيهي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال سان خدا جو گهر ڀرجي ويو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36