bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 35
2 Chronicles 35
Sindhi Bible
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 36 →
1
۽ يوسياہ يروشلم ۾ خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ڪئي: ۽ هنن پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جي قرباني ذبح ڪئي.
2
۽ هن ڪاهنن کي پنهنجي پنهنجي عهدي تي مقرر ڪيو، ۽ خداوند جي گهر جي خدمت لاءِ انهن کي همتايائين.
3
۽ لاوين، جن ساري اسرائيل کي تعليم ٿي ڏني ۽ جي خداوند جي لاءِ پاڪ هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪو گهر سليمان بن دائود، اسرائيل جي بادشاهہ جوڙايو، تنهن ۾ پاڪ صندوق وڃي رکو: اڳتي وري اوهانجن ڪلهن تي بار ڪونہ پوندو: هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ ان جي قوم اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.
4
۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي ليکي موجب اوهين پنهنجن ابن جي گهراڻن موافق حصا حصا ڪري پاڻ کي تيار رکو.
5
۽ پنهنجن ڀائرن، بني اُمت جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب پاڪ مڪان ۾ بيهو، ۽ هرهڪ لاءِ لاوين جي ابن جي گهراڻن جو ڪو حصو هئڻ گهرجي.
6
۽ فسح جون قربانيون ذبح ڪريو، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پنهنجن ڀائرن جي لاءِ تياري ڪريو، ۽ جيڪو ڪلام خداوند موسيٰ جي هٿان ڪيو آهي، تنهن موجب عمل ڪريو.
7
۽ يوسياہ بني اُمت کي ڌڻ مان گهيٽا ۽ ڇيلا، انهن سڀني کي ڏنا جي حاضر هئا، تہ فسح جي قرباني ڪن، ۽ اهي ڳاڻاٽي ۾ ٽيهہ هزار هئا، ۽ ٽي هزار ڏاند هئا: اهي بادشاهہ جي مال مان هئا.
8
۽ هن جي سڀ اميرن خوشيءَ جي قرباني لاءِ ماڻهن کي ۽ ڪاهنن کي ۽ لاوين کي ڪي ڏنو. خلقياہ ۽ زڪرياہ ۽ يحيئيل، جي خدا جي گهر جا سردار هئا، تن ڪاهنن کي فسح جي قربانين لاءِ ٻہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ننڍو مال، ۽ ٽي سؤ ڏاند ڏنا.
9
۽ ڪنعنياہ بہ، ۽ سمعياہ، ۽ نتنيئيل، سندس ڀائر ۽ حسبياہ، ۽ يعي ايل، ۽ يوزبد، جي لاوين جا سردار هئا، تن لاوين کي فسح جي قربانين لاءِ پنج هزار ننڍو مال، ۽ پنج سؤ ڏاند ڏنا.
10
انهيءَ طرح عبادت جي تياري ٿي، ۽ ڪاهن پنهنجي جاءِ تي بيٺا، ۽ لاوي پنهنجن حصن موافق بيٺا، جيئن ڪ بادشاهہ حڪم ڪيو هو.
11
پوءِ هنن فسح جون قربانيون ذبح ڪيون، ۽ ڪاهنن انهن جي هٿان رت وٺي ڇاٽاريو، ۽ لاوين انهن جون کلون لاٿيون.
12
۽ هنن سوختني قربانيون کنيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب هنن کي ڏئي ڇڏين، تہ خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ۽ ڏاندن سان بہ هنن ائين ڪيو.
13
۽ دستور موجب هنن فسح جي قرباني باهہ تي ساڙي: ۽ پاڪ قربانيون هنن ديڳڙن، ۽ ديڳين ۽ تَين ۾ رڌيون، ۽ پوءِ هڪدم اهي بني اسرائيل کي ورهائي ڏيئي ڇڏيائون.
14
تنهن کانپوءِ هنن پنهنجي لاءِ ۽ ڪاهنن جي لاءِ تياري ڪئي؛ ڇالاءِ جو هارون جا پٽ ڪاهن رات تائين ساڙڻ وارين قربانين چاڙهڻ ۾ مشغول هئا: تنهنڪري لاوين پنهنجي لاءِ ۽ هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ تياري ڪئي.
15
۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.
16
انهيءَ طرح خداوند جي عبادت لاءِ ساڳئي ڏينهن تياري ٿي ويئي، انهي لاءِ تہ بادشاهہ يوسياہ جي حڪم موجب خداوند جي قربانگاهہ تي فسح جي عيد ڪئي وڃي، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ادا ڪرڻ ۾ اچن.
17
۽ جيڪي بني اسرائيل حاضر هئا، تن انهيءَ وقت فسح جي عيد ۽ اڻ خميري مانيءَ جي عيد ست ڏينهن ڪئي.
18
۽ انهيءَ جهڙي فسح جي عيد سموئيل نبيءَ جي ڏينهن کان وٺي اسرائيل ۾ اڳي ڪڏهن ڪانہ ڪئي ويئي هئي؛ نڪي اسرائيل جي بادشاهن مان ڪنهن بہ اهڙي فسح جي عيد ڪئي جهڙي يوسياہ، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين، ۽ ساري يهوداہ، ۽ اسرائيل، جي حاضر هئا، ۽ يروشلم جي رهاڪن ڪئي.
19
اها عيد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين ورهيہ ۾ ڪئي وئي.
20
۽ انهن ڳالهين کانپوءِ جڏهن يوسياہ هيڪل کي تيار ڪيو، تڏهن مصر جو بادشاهہ نڪوہ چڙهي آيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪرڪمس سان فرات جي نزديڪ جنگ ڪري: ۽ يوسياہ انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو.
21
پر هن ايلچي موڪلي چوائي موڪليس تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، منهنجو تو سان ڪهڙو ڪم آهي؟ اڄ آءٌ تو سان وڙهڻ لاءِ نٿو اچان پر جنهن گهراڻي سان منهنجي جنگ آهي، انهيءَ سان وڙهڻ ٿو اچان؛ ۽ خدا مون کي جلدي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي: خدا جي ڪم ۾ اٽڪ وجهڻ کان پاڻ کي روڪ، جو هو مون سان آهي، متان هو توکي ناس ڪري ڇڏي.
22
انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.
23
۽ ڪماندارن يوسياہ بادشاهہ کي تير هنيو؛ ۽ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪڍي وڃو، ڇالاءِ جو مون کي سخت زخم ٿي پيو آهي.
24
تڏهن هن جي نوڪرن کيس گاڏيءَ مان ڪڍيو ۽ ٻي جيڪا سندس گاڏي هئي، تنهن ۾ رکيائونس، پوءِ يروشلم ۾ وٺي آيس، ۽ هو مئو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو؛ ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم يوسياہ لاءِ ماتم ڪيو.
25
۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.
26
هاڻي يوسياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ان جا چڱا عمل، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهن،
27
۽ هن جا ڪم پهريان توڙي پويان، سي ڏسو، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36