bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 31
2 Chronicles 31
Sindhi Bible
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
1
هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.
2
۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.
3
هن بادشاهہ جي مال مان سندس حصو سوختني قربانين لاءِ بہ مقرر ڪيو، يعني صبح ۽ شام جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ سبت جي ڏينهن جي سوختني قربانين لاءِ، ۽ نئين چنڊ لاءِ، ۽ ٺهرايل عيدن لاءِ، جيئن ڪ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي.
4
تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.
5
۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.
6
۽ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، جي يهوداہ جي شهرن ۾ رهندا هئا، تن بہ ڏاندن ۽ رڍن جو ڏهون حصو آندو، ۽ جيڪي وقف ٿيل شيون خداوند سندن خدا جي لاءِ پاڪ ڪيون ويون هيون، سي بہ آڻي ڍڳ ڪيائون.
7
ٽئين مهيني ۾ هنن گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ ستين مهيني ۾ پورو ڪيائون.
8
۽ جڏهن حزقياہ ۽ اميرن اچي اهي گڏ ڪيل شيون ڏٺيون، تڏهن خداوند ۽ سندس قوم اسرائيل کي برڪت جي دعا ڏنائون.
9
تڏهن حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين کان انهن شين بابت پڇا ڪئي.
10
۽ عزرياہ سردار ڪاهن، جو صدوق جي گهراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ جنهن وقت ماڻهو خداوند جي گهر ۾ نذرانا آڻڻ لڳا، تنهن وقت کان وٺي اسان پئي کاڌو آهي، ۽ ججهو ئي کاڌو اٿئون، ۽ گهڻو ئي باقي بچائي ڇڏيو اٿئون: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي قوم کي برڪت ڏني آهي، ۽ باقي جيڪي بچيو آهي سو هي وڏو انبار آهي.
11
تڏهن حزقياہ حڪم ڏنو تہ خداوند جي گهر ۾ ڪوٺيون تيار ڪن: ۽ ماڻهن اهي ڪوٺيون تيار ڪيون.
12
۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.
13
۽ يحيئيل، ۽ عززياہ، ۽ نحت، ۽ عساهيل، ۽ يريموت، ۽ يوزبد، ۽ الي ايل ۽ اسماڪياہ، ۽ محت، ۽ نباياہ، جي ڪنعنياہ ۽ سندس ڀاءُ سمعي جي هٿ هيٺ، حزقياہ بادشاهہ ۽ عزرياہ، خدا جي گهر جي ناظر، جي ٺهراءَ موجب داروغا هئا.
14
۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.
15
۽ انهيءَ جي هيٺان عيدن، ۽ منيمين، ۽ يشوع، ۽ سمعياہ، ۽ امرياہ، ۽ سڪنياہ هئا، جي ڪاهنن جي شهرن ۾ پنهنجي مقرر عهدي تي هئا، ۽ پنهنجن ڀائرن کي حصن موجب وڏن توڙي ننڍن کي سندن حصا ڏيڻ وارا هئا:
16
۽ انهن کانسواءِ جيڪي مردن جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا، ۽ ٽن سالن جا ۽ انهي کان مٿي هئا، يعني جيڪو ماڻهو، هر روز فرضي ڪم جي ضرورت موجب خداوند جي گهر ۾ گهڙندو هو، انهي لاءِ تہ جيڪا خدمت سندن حوالي هئي، تنهن جي لاءِ پنهنجي حصن موجب خدمت ڪري؛
17
۽ انهن کي بہ، جي ڪاهنن جي ابن جي گهراڻن موافق سندن نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن لاوين کي بہ، جي ويهن ورهين جي عمر جا ۽ ان کان مٿي هئا، ۽ حصن موجب پنهنجي واري سان ڪم ڪندا هئا؛
18
۽ انهن کي بہ جي سندن سڀني ننڍن ٻارن، ۽ سندن زالن، ۽ سندن پٽن، ۽ سندن ڌيئرن جي نسب نامي موجب، ساري جماعت مان، شمار ڪيا ويا هئا: ڇالاءِ جو پنهنجي پنهنجي مقرر عهدي تي پاڪيزگيءَ سان هنن پاڻ کي پاڪ ٿي ڪيو.
19
هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ بہ، جي سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾، پنهنجن شهرن جي ٻهراڙين وارين ٻنين ۾ رهندا هئا، ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاهنن مان جيڪي مرد ماڻهو هئا ۽ جيڪي لاوين مان نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي سندن حصا پهچائي ڏين.
20
۽ انهيءَ طرح حزقياہ ساري يهوداہ ۾ ڪيو؛ ۽ هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان جيڪي چڱو ۽ درست ۽ حق هو، سو ڪيو.
21
۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36