bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 28
2 Chronicles 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
1
جڏهن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس پيءُ دائود ڪيا:
2
پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو ۽ بعليم جي لاءِ پلٽيل مورتيون بہ جوڙيائين.
3
تنهن کانسواءِ هن هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ لوبان ساڙيو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجا ٻار باهہ ۾ ساڙيا.
4
۽ هن مٿانهين جاين ۾، ۽ ٽڪرن تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ قرباني ڪئي ۽ لوبان ساڙيو.
5
تنهنڪري خداوند سندس خدا هن کي ارام جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو؛ ۽ انهن هن کي شڪست ڏيئي، ۽ سندس ماڻهن مان تمام گهڻا قيدي کڻي دمشق ۾ آندا. ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ بہ ڏنو ويو، جنهن ڏاڍي ڪوس سان هن کي شڪست ڏني.
6
۽ فقحہ بن رملياہ يهوداہ ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪُٺا، جي سڀ بهادر مرد هئا، ڇالاءِ جو انهن خداوند پنهنجي ابن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.
7
۽ ذڪري، جو افرائيم جو هڪڙو زور وارو ماڻهو هو، تنهن بادشاهہ جي پٽ معسياہ، ۽ گهر جي سردار عزريقام، ۽ بادشاهہ جي نائب القانہ کي قتل ڪيو.
8
۽ بني اسرائيل پنهنجن ڀائرن مان ٻہ لک زالون، ڇوڪر ۽ ڇوڪريون قيد ڪري کڻي ويا ۽ انهن سان گهڻو لٽ جو مال سامريہ ۾ آندائون.
9
پر خداوند جو هڪڙو نبي اتي هو، جنهن جو نالو عودد هو: ۽ هو سامريہ ڏانهن ايندڙ لشڪر کي وڃي گڏيو ۽ انهن کي چيائين تہ ڏسو، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ اوهان انهن کي اهڙي ڪاوڙ سان ڪُٺو آهي، جا آسمان تائين وڃي پهتي آهي.
10
۽ هاڻي اوهين ڀانئيو ٿا تہ يهوداہ ۽ يروشلم جي اولاد کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري پاڻ وٽ رکو: پر خود اوهان خداوند پنهنجي خدا جا گناهہ نہ ڪيا آهن ڇا؟
11
تنهنڪري هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ پنهنجن ڀائرن مان جيڪي اوهين قيد ڪري کڻي آيا آهيو، سي موٽائي موڪلي ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند جي سخت ڪاوڙ اوهان تي آهي.
12
تڏهن بني افرائيم جي ڪن رئيسن، يعني عزرياہ بن يهوحنان، ۽ برڪياہ بن مسليموت، ۽ يحزقياہ بن سلوم، ۽ عماسا بن خدلي، جيڪي ماڻهو جنگ تان آيا هئا تن سان مقابلو ڪيو،
13
۽ انهن کي چيائون تہ قيدين کي متان هيڏي آڻيو: ڇالاءِ جو اوهين اُهو ڪم ڪرڻ ٿا گهرون جو اسان تي خداوند جي برخلاف هڪڙو ڏوهہ آڻيندو، ۽ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ وڌائيندو: ڇالاءِ جو اسان وڏو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ اسرائيل تي سخت ڪاوڙ نازل ٿي آهي.
14
تڏهن جنگي ماڻهن، سردارن ۽ ساري جماعت جي اڳيان، قيدي ۽ لٽ جو مال ڇڏي ڏنو.
15
۽ جن ماڻهن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو، سي اُٿيا ۽ قيدي ورتائون، ۽ انهن مان جيڪي اُگهاڙا هئا، تن کي انهيءَ لٽ جي مال مان ڪپڙا پهرايائون، ۽ انهن کي سينگاريائون، ۽ جُتي پارايائون، ۽ کارايائون، پياريائون ۽ تيل مکيائون، ۽ جيڪي منجهن ضعيف هئا تن کي گڏهن تي چاڙهي کجين جي وڻن جي شهر، يعني يريحو تائين پنهنجن ڀائرن وٽ آندائون: پوءِ هو موٽي سامريہ ڏي ويا.
16
انهيءَ وقت بادشاهہ آخز اسور جي بادشاهن کي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو.
17
ڇالاءِ جو ادومين وري اچي يهوداہ کي شڪست ڏني هئي ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪري کڻي ويا هئا.
18
فلستين بہ هيٺانهين زمين تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ بيت شمس ۽ ايالون ۽ جديروت ۽ شوڪو، ان جي شهرن سميت، ۽ تمنہ، ان جي شهرن سميت، ۽ جمسو، ان جي شهرن سميت، ورتا هئائون، ۽ اتي رهي پيا هئا.
19
ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ آخز جي سبب خداوند يهوداہ کي ذليل ڪيو؛ جو هن يهوداہ ۾ بي حيائيءَ جي هلت ڪئي، ۽ خداوند جي برخلاف سخت گناهہ ڪيو.
20
۽ اسور جو بادشاهہ تگلت پلناسر هن تي ڪاهي آيو ۽ هن کي سوڙهو گهٽيائين، پر مدد ڪانہ ڪيائينس.
21
ڇالاءِ جو آخز خداوند جي گهر مان ۽ بادشاهہ جي گهر مان ۽ اميرن کان ڪجهہ حصو وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنو: تڏهن بہ کيس مدد ڪانہ ملي.
22
۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.
23
ڇالاءِ جو هن دمشق جي معبودن جي لاءِ قربانيون ڪيون جن هن کي شڪست ڏني هئي: ۽ هن چيو تہ سامريہ جي بادشاهن جي معبودن انهن کي واهر ڪئي، تنهنڪري آءٌ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ هو منهنجي بہ واهر ڪن. پر انهي ڪري، هنن پاڻ کيس ۽ ساري اسرائيل کي ناس ڪري ڇڏيو.
24
۽ آخز خدا جي گهر جا سڀ ٿانوَ گڏ ڪيا ۽ خدا جي گهر جي ٿانوَن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين، ۽ خداوند جي گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيائين؛ ۽ يروشلم جي سڀني ڪنڊن ۾ پنهنجي لاءِ قربانگاهون جوڙيائين.
25
۽ يهوداہ جي سڀ ڪنهن شهر ۾ هن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياريائين.
26
هاڻي هن جا ٻيا ڪم ۽ هن جا سڀ رستا، پهريان ۽ پويان، ڏسو، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
27
۽ آخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ کيس شهر ۾، يعني يروشلم ۾ دفن ڪيائون، ڇالاءِ جو هن کي اسرائيل جي بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ آندائون: ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36