bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 11
2 Chronicles 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
1
جڏهن رحبعام يروشلم ۾ آيو تڏهن هن يهوداہ ۽ بنيمين جو سڄو گهراڻو، جي هڪ لک ۽ اسي هزار چونڊيل ماڻهو ٿيا، ۽ جنگي مرد هئا، اُهي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل سان وڙهن، ۽ بادشاهت وري رحبعام وٽ آڻين.
2
پر خداوند جو ڪلام سمعياہ خدا جي مرد تي نازل ٿيو تہ
3
يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام بن سليمان کي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين ۾ جيڪي اسرائيلي آهن تن سڀني کي چئُہ، تہ
4
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين چڙهي نہ وڃو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن سان وڙهو: هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هو خداوند جو حڪم مڃي يربعام تي ڪاهي وڃڻ کان موٽي آيا.
5
۽ رحبعام يروشلم ۾ رهي پيو، ۽ يهوداہ ۾ بچاءَ جي لاءِ شهر جوڙيائين.
6
هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،
7
بيت صور، ۽ شوڪر، ۽ عدلام،
8
۽ جات، ۽ مريسہ، ۽ زيف،
9
۽ ادوريم، ۽ لڪيس، ۽ عزيقہ،
10
۽ صرعہ، ۽ ايالون، ۽ حبرون، جي يهوداہ ۾ ۽ بنيمين ۾ ڪوٽن وارا شهر آهن.
11
۽ هن قلعن کي مضبوط ڪيو، ۽ منجهن سردار، ۽ کاڌي جو انبار، ۽ تيل، ۽ شراب موجود ڪيائين.
12
۽ هرهڪ شهر ۾ سپرون ۽ ڀالا رکيائين، ۽ انهن کي نهايت مضبوط ڪيائين. ۽ يهوداہ ۽ بنيمين سندس هئا.
13
۽ سڄي اسرائيل ۾ جيڪي ڪاهن ۽ لاوي هئا، سي پنهنجين سڀني سرحدن مان هن وٽ آيا.
14
ڇالاءِ جو لاوي پنهنجا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ۽ پنهنجي ملڪيت ڇڏي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا: جو يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪڍي ڇڏيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ ڪهانت جو عهدو نہ هلائين:
15
۽ مٿانهين جاين لاءِ، ۽ جيڪي ٻڪر ۽ گابا هن جوڙيا هئا، تن لاءِ هن ڪاهن مقرر ڪيا.
16
۽ انهن جي پٺيان، اسرائيل جي سڀني فرقن مان، جن کي خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ جي خواهش هئي، سي بہ يروشلم ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ قربانيون ڪن.
17
تڏهن هنن يهوداہ جي بادشاهت مضبوط ڪئي، ۽ ٽي ورهيہ رحبعام بن سليمان کي زور وٺايائين؛ ڇالاءِ جو ٽي سال هو دائود ۽ سليمان جي رستي تي هليا.
18
۽ رحبعام محالات سان شادي ڪئي، جا يريموت بن دائود، ۽ ابيخيل بنت الياب بن يسيءَ جي ڌيءَ هئي؛
19
۽ انهيءَ مان هي پٽ ڄايس؛ يعوس، ۽ سمرياہ، ۽ زهم.
20
انهيءَ کانپوءِ هن ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان شادي ڪئي؛ ۽ انهيءَ مان هن کي ابياہ، عتي، ۽ زيزا، ۽ سلوميت ڄاوا.
21
۽ رحبعام جي پنهنجن زالن ۽ سريتن کان، ابي سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان گهڻي محبت هئي: (هن کي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، ۽ اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئون کيس ڄايون).
22
۽ رحبعام معڪہ جي پٽ ابياہ کي مکيہ ڪيو، يعني سندس ڀائرن ۾ هن کي سردار مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو سندس ارادو هو تہ هن کي بادشاهہ ڪري.
23
۽ هن ڏاهپ جي هلت ڪئي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن کي يهوداہ ۽ بنيمين جي سڀني زمينن ۽ سڀني ڪوٽ وارن شهرن ۾ رکي هڪڙو هڪڙو ڪري پکيڙي ڇڏيائين: ۽ هن انهن کي بي انداز کاڌو ڏنو، ۽ انهن جي لاءِ گهڻيون زالون ڳولايائين.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36