bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 26
2 Chronicles 26
Sindhi Bible
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
1
۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، عزياہ جو سورهن سالن جو هو، تنهن کي وٺي سندس پيءُ امصياہ جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.
2
۽ بادشاهہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، تنهن کانپوءِ هن ايلوت ٻڌو، ۽ اهو موٽي يهوداہ کي ڏنائين.
3
جڏهن عزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن سورهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ٻاونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يڪولياہ هو، جا يروشلم جي هئي.
4
۽ جيڪي ڪم هن جي پيءُ امصياہ ڪيا هئا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، سي هن بہ ڪيا.
5
۽ زڪرياہ، جنهن کي خدا جي رويا جي سمجهہ هوندي هئي، تنهن جي ڏينهن ۾ هن پاڻ کي خدا جي طلب ۾ مشغول رکيو: ۽ جيستائين هو خداوند جي طلب ۾ رهيو، تيستائين هو اقبال وارو رهيو.
6
۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.
7
۽ خدا هن کي فلستين، ۽ عرب، جي جوربعل ۾ رهندا هئا، ۽ معونين سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي.
8
۽ عموني عزياہ کي نذرانا ڏيندا هئا: ۽ هن جو نالو مصر جي گهڙڻ جي جاءِ تائين پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو هن نهايت گهڻو زور ورتو.
9
تنهن کانسواءِ عزياہ يروشلم ۾ ڪنڊ واري در وٽ، ۽ واديءَ واري در وٽ، ۽ ڀت جي در وٽ، ٺلهہ ٺهرايا، ۽ انهن کي مضبوط ڪيائين.
10
۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.
11
تنهن کانسواءِ عزياہ وٽ جنگي ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جو ٽوليون ٽوليون ڪري، انهيءَ شمار موجب جو يعيئيل محرر ۽ معسياہ عملدار ۽ بادشاهہ جي هڪڙي سردار حنانياہ جي نظرداريءَ هيٺ ڪيو ويو هو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو.
12
ابن جي گهراڻن جي رئيسن جو شمار، يعني همت وارن بهادر مردن جو شمار ٻہ هزار ڇهہ سؤ هو.
13
۽ انهن جي هٿ هيٺ ٽن لکن ۽ ساڍن ستن هزارن ماڻهن جو قواعد سکيل لشڪر هو، جو ڏاڍيءَ بهادريءَ سان جنگ ڪندو هو، ۽ دشمن جي برخلاف بادشاهہ کي مدد ڏيندو هو.
14
۽ عزياہ انهن جي لاءِ، يعني ساري لشڪر لاءِ، سپرون ۽ نيزا ۽ هود ۽ زرهون ۽ ڪمانون ۽ کانڀاڻين ۾ هڻڻ جا پهڻ تيار ڪرايا.
15
۽ هن يروشلم ۾ ڪَلون ٺهرايون، جي هنرمند ماڻهن رٿيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي ٺلهن تي ۽ ڪوٽن جي ڪنگرن تي تير، ۽ وڏا پهڻ اُڇلائڻ لاءِ ڪم ۾ اچن. ۽ هن جو نالو پري پري پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو جيستائين هو مضبوط هو، تيستائين هن کي عجيب طرح سان مدد ملي.
16
پر جڏهن هو مضبوط ٿيو، تڏهن هن جي دل مغرور ٿي، جنهنڪري هو خراب ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ خداوند پنهنجي خدا جو گنهگار ٿيو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي هيڪل ۾ لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙڻ ويو.
17
۽ عزرياہ ڪاهن، ۽ ساڻس گڏ ٻيا اسي خداوند جا ڪاهن، جي بهادر مرد هئا،
18
سي سڀ هن جي پٺيان ويا: ۽ انهن بادشاهہ عزياہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ اي عزياہ اهو تنهنجو ڪم ناهي تہ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، پر اهو هارون جي پٽن، يعني ڪاهنن جو ڪم آهي، جي لوبان ساڙڻ لاءِ پاڪ ڪيا ويا آهن: پاڪ جاءِ مان نڪري وڃ؛ ڇالاءِ جو تو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ انهيءَ مان خداوند خدا جي طرفان توکي عزت حاصل نہ ٿيندي.
19
تڏهن عزياہ ڪاوڙيو؛ ۽ ان جي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ هڪڙو آتشدان هو؛ ۽ جڏهن هو ڪاهنن تي ڪاوڙيو، تڏهن خداوند جي گهر ۾، لوبان واري قربانگاهہ جي ڀرسان، ڪاهنن جي اڳيان هن جي پيشانيءَ تي ڪوڙهہ ڦٽي نڪتو.
20
۽ عزياہ سردار ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن ڏي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ هن جي پيشاني تي ڪوڙهہ آهي، تڏهن هڪدم هن کي اتان ڪڍي ڇڏيائون، هائو، هو پاڻيهي اتان تڪڙو ٿي نڪرڻ لڳو، ڇالاءِ جو خداوند هن کي ڌڪ هنيو هو.
21
۽ عزياہ بادشاهہ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪوڙهيو هو، ۽ ڪوڙهي هئڻ سبب ڌار گهر ۾ رهندو هو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي گهر کان وڍجي ويو: ۽ سندس پٽ يوتام بادشاهہ جي گهر مٿان نظر ڪندو هو، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي عدالت ڪندو هو.
22
هاڻي عزياہ جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان يسعياہ بن آموص نبيءَ لکيا.
23
نيٺ عزياہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو؛ ۽ جيڪا دفن ڪرڻ جي زمين بادشاهن جي هئي، تنهن ۾ هن کي سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو ڪوڙهيو آهي: ۽ ان جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36