bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 24
2 Chronicles 24
Sindhi Bible
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
1
جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ستن ورهين جو هو؛ ۽ هن چاليهہ سال يروشلم ۾ راڄ ڪيو: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جا بيرسبع جي هئي.
2
۽ يهويدع ڪاهن جي سڀني ڏينهن ۾ يوآس اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا،
3
۽ يهويدع هن کي ٻہ زالون پرڻايون؛ ۽ هن کي پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.
4
انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو جو يوآس جي دل ۾ آيو تہ خداوند جي گهر جي مرمت ڪرائي.
5
۽ هن ڪاهنن ۽ لاوين کي گڏ ڪري انهن کي چيو، تہ اوهين يهوداہ جي شهرن ڏي نڪري وڃو، ۽ ساري اسرائيل مان پئسا گڏ ڪريو تہ سال بسال اوهان جي خدا جي گهر جي مرمت ٿئي، ۽ اها نظر ڪجو تہ انهيءَ ڪم جو جلد اُڪلاءُ ٿئي. انهيءَ هوندي بہ لاوين جلد اُڪلاءُ ڪونہ ڪيو.
6
۽ بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏايو، ۽ چيائينس تہ ڇالاءِ تو لاوين کي نہ چيو تہ يهوداہ مان، ۽ يروشلم مان، خداوند جي ٻانهي، ۽ اسرائيل جي جماعت جي خادم موسيٰ جو ٻڌل ڏن، شاهديءَ جي تنبوءَ لاءِ اوڳاڙي کڻي اچن.
7
ڇالاءِ جو انهيءَ شرير زال عتلياہ جي پٽن، خدا جو گهر ڀڃي ڇڏيو هو؛ ۽ هنن خداوند جي گهر جون وقف ٿيل شيون بعليم کي ڏيئي ڇڏيون هيون.
8
تڏهن بادشاهہ جي حڪم موجب هنن هڪڙي صندوق جوڙي ۽ اها خداوند جي گهر جي در تي ٻاهر رکائي ڇڏيائون.
9
۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڪرايو تہ جيڪو ڏن خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ اسرائيل تي ٻڌو هو، سو خداوند جي لاءِ کڻي اچو.
10
۽ سڀني سردارن ۽ سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ پنهنجو ڏن آڻي انهيءَ صندوق ۾ وڌائون، ۽ سڄو ڪم لاهي پورو ڪيائون.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها صندوق لاوين جي هٿان بادشاهہ جي ڪچهريءَ ۾ پهتي، ۽ جڏهن هنن ڏٺو تہ پئسا تمام گهڻا آهن، تڏهن بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهنن جي عملدار اچي پيتي خالي ڪئي، ۽ اها وري کڻي پنهنجي جاءِ تي رکي ڇڏيائون. انهيءَ طرح هو روز بروز ڪندا رهيا ۽ تمام گهڻي رقم گڏ ڪيائون.
12
۽ بادشاهہ ۽ يهويدع اها اهڙن ماڻهن کي ڏني، جن خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ٿي ڪيو؛ ۽ هنن رازا ۽ واڍا ڀاڙي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي گهر جي مرمت ڪن، ۽ انهن کي بہ ڏنائون، جن خداوند جي گهر جي مرمت ڪرڻ لاءِ لوهہ ۽ پتل جو ڪم ٿي ڪيو.
13
انهيءَ طرح ڪاريگر ڪم ڪندا رهيا ۽ اهو ڪم هنن پورو ڪيو، ۽ خداوند جو گهر پهرين حالت تي بيهاريائون، ۽ انهيءَ کي مضبوط ڪيائون.
14
۽ جڏهن هنن ڪم پورو ڪيو تڏهن جيڪي پئسا باقي بچيا، سي بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آندائون ۽ انهن مان خداوند جي گهر لاءِ ٿانوَ جوڙيا ويا، يعني خدمت ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ قرباني ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ چمچا، ۽ سونا روپا ٿانوَ. ۽ هنن يهويدع جي سڀني ڏينهن ۾ هميشہ خداوند جي گهر ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پئي چاڙهيون.
15
پر يهويدع ٻڍو ۽ ڪهن سال ٿيو ۽ وفات ڪيائين؛ ۽ مرڻ مهل هو هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو هو.
16
۽ هنن انهي کي دائود جي شهر ۾ بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو، ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ خدا ۽ سندس گهر لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.
17
هاڻي يهويدع جي مرڻ کانپوءِ يهوداہ جي سردارن اچي بادشاهہ کي تعظيم ڏني، تڏهن بادشاهہ هنن جي ڳالهہ ٻڌي.
18
۽ پوءِ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي ڇڏي ڏنو، ۽ يسيرتن ۽ بُتن جي بندگي ڪرڻ لڳا؛ ۽ انهيءَ گناهہ ڪرڻ ڪري يهوداہ ۽ يروشلم تي غضب نازل ٿيو.
19
انهيءَ هوندي بہ هن انهن ڏي نبي موڪليا تہ کين خداوند ڏانهن موٽائي آڻين؛ ۽ هنن انهن جي گهڻي ملامت ڪئي: پر انهن ڪن ڪونہ ڏنو.
20
پوءِ خدا جو روح زڪرياہ بن يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو؛ ۽ هو ماڻهن کان مٿي بيهي چوڻ لڳو تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ڇو خداوند جي حڪم عدولي ٿا ڪريو، جو سکيا گذاري نٿا سگهو، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو آهي.
21
۽ هنن ان جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي گهر جي ايوان ۾ هن کي سنگسار ڪيائون.
22
انهيءَ طرح يوآس بادشاهہ اُها مهرباني ياد نہ ڪئي جا هن جي پيءُ يهويدع ڪئي هئس، پر انهيءَ جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. ۽ جڏهن زڪرياہ مئو، تڏهن هن چيو تہ شل خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ جو حساب وٺي.
23
۽ سال جي پوري ٿيڻ تي هيئن ٿيو تہ ارامين جو لشڪر هن تي چڙهي آيو: ۽ هو يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا، ۽ ماڻهن منجهان انهن جا سڀ سردار ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ انهن جو سڀ لٽ جو مال دمشق جي بادشاهہ ڏي ڏياري موڪليائون.
24
جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن سان آيو هو؛ پر خداوند هڪڙو تمام وڏو لشڪر انهن جي هٿن ۾ ڏنو، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ طرح هنن يوآس تي سزا جي حڪم جي تعميل ڪئي.
25
۽ جڏهن هو انهن کي ڇڏي هليا ويا، (ڇالاءِ جو هو انهن کي وڏين بيمارين ۾ ڇڏي ويا،) تڏهن خود هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کان يهويدع ڪاهن جي پٽن جي خون جو وير ورتو، ۽ هن کي سندس بستري تي ڪُهي ڇڏيائون ۽ هو مري ويو: ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر نہ بادشاهن واري قبرستان ۾.
26
۽ جن هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، سي هي آهن: زبد بن سماعت عمونڻ، ۽ يهوزبد بن سمريت موآبڻ.
27
هاڻي هن جي پٽن بابت ۽ جيڪي وڏا بار هن تي رکيا ويا تنهن بابت، ۽ خدا جي گهر جي وري جوڙڻ بابت، ڏسو، اهي بادشاهن جي ڪتاب جي تفسير ۾ لکيل آهن. ۽ هن جو پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36