bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 30
2 Chronicles 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
1
پوءِ حزقياہ ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ افرائيم ۽ منسيءَ ڏي بہ خط لکي موڪليائين، تہ يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ اچو تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪريون.
2
ڇالاءِ جو بادشاهہ ۽ سندس اميرن ۽ ساري جماعت يروشلم ۾ صلاح مشورت ڪئي هئي تہ ٻئي مهيني ۾ فسح جي عيد ڪن.
3
ڇالاءِ جو هو انهيءَ وقت اها ڪري نہ سگهيا، هن ڪري جو گهرج جيترن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، نڪي ماڻهو يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا.
4
۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي ۽ ساري جماعت جي نظر ۾ چڱي هئي.
5
تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.
6
پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.
7
۽ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن وانگي ۽ پنهنجن ڀائرن وانگي نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو، جنهن ڪري هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ڪ اوهين ڏسو ٿا.
8
هاڻي اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي سخت گردن وارا نہ ٿيو؛ پر خداوند جي اڳيان نماڻا ٿيو، ۽ هن جي پاڪ مڪان ۾ گهڙو، جو هن هميشہ لاءِ پاڪ ڪيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي بندگي ڪريو، تہ هن جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.
9
ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين خداوند ڏانهن ڦرندا، تہ اوهانجن ڀائرن ۽ اوهان جي اولاد تي اُهي رحم ڪندا، جي انهن کي قيد ڪري کڻي ويا آهن، ۽ هو وري هن زمين ۾ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي ۽ اوهان کان پنهنجو منهن نہ ڦيرائيندو، بشرطيڪ اوهين هن ڏي موٽندا.
10
پوءِ افرائيم ۽ منسيءَ جي ساري ملڪ ۾، زبولون تائين، قاصد شهر بہ شهر لنگهي ويا: پر هو انهن تي کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
11
انهيءَ هوندي بہ آشر ۽ منسيءَ مان ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ يروشلم ۾ آيا.
12
يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.
13
۽ يروشلم ۾ گهڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ٻئي مهيني ۾ اڻ خمير ٿيل مانيءَ جي عيد ڪن، ۽ هڪڙي تمام وڏي جماعت گڏ ٿي ويئي.
14
۽ هو اُٿيا ۽ يروشلم ۾ جيڪي قربانگاهون هيون، ۽ لوبان ساڙڻ جون سڀ قربانگاهون کڻي ويا، ۽ وڃي قدرون جي نديءَ ۾ اُڇلايائون.
15
تنهن کانپوءِ ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ فسح جون قربانيون ڪُٺائون، ۽ ڪاهن ۽ لاوي شرمندا ٿيا، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ خداوند جي گهر ۾ سوختني قربانيون کڻي آيا.
16
۽ اهي خدا جي مرد موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي درجن موافق پنهنجين جاين تي بيهي ويا: ۽ ڪاهنن کي جيڪو رت لاوين جي هٿان مليو هو، سو هنن ڇاٽاريو.
17
ڇالاءِ جو جماعت ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا، جن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو: تنهنڪري لاوين تي اهو فرض ٿيو تہ جيڪي پاڪ نہ هئا، تن جي پاران فسح جون قربانيون ڪُهن، تہ اهي خداوند وٽ پاڪ ٿين.
18
ڇالاءِ جو قوم مان تمام گهڻن ماڻهن، يعني افرائيم ۽ منسي، اشڪار ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تڏهن بہ هنن جيئن لکيل هو تيئن نہ، پر ٻئي طرح فسح کاڌي. ڇالاءِ جو حزقياہ هنن جي پاران دعا گهري هئي ۽ چيو هئائين تہ شل نيڪ خداوند سڀ ڪنهن کي بخشي
19
جو خدا، خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي طلب ۾ پنهنجي دل لڳائي ٿو، جيتوڻيڪ هو پاڪ مڪان جي پاڪ ڪرڻ جي دستور موجب پاڪ نہ ٿيو هجي.
20
۽ خداوند حزقياہ جي دعا قبول ڪئي، ۽ ماڻهن کي معافي ڏنائين.
21
۽ جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ حاضر هئا، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين اڻ خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ۽ لاوين ۽ ڪاهنن روز بروز خداوند جي تعريف پئي ڪئي، ۽ زور سان ساز وڄائي خداوند لاءِ پئي گيت ڳايائون.
22
۽ اهي سڀيئي لاوي جي خداوند جي عبادت ۾ ماهر هئا، تن سان حزقياہ دلاسو ڏيئي ڳالهايو. تن عيد جا ست ئي ڏينهن کاڄ کاڌا، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا شڪرانا بجا آندائون.
23
۽ ساريءَ جماعت پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ڪن: ۽ خوشيءَ سان ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ڪيائون.
24
ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ڏنيون: ۽ اميرن جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ڏنيون: ۽ تمام گهڻن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو.
25
۽ يهوداہ جي ساري جماعت، ڪاهنن ۽ لاوين سميت، ۽ جيڪا ساري جماعت اسرائيل مان نڪري آئي، ۽ پرديسي مسافر جي اسرائيل جي زمين مان نڪري آيا ۽ جي يهوداہ ۾ رهندا هئا، تن خوشيون ڪيون.
26
انهيءَ طرح يروشلم ۾ گهڻي خوشي ٿي: ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ سليمان بن دائود جي وقت کان وٺي اهڙي خوشي يروشلم ۾ نہ ٿي هئي.
27
تنهن کانپوءِ ڪاهن يعني لاوي اُٿيا ۽ ماڻهن کي دعا ڪيائون: ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ انهن جي دعا هن جي پاڪ رهڻ واري جاءِ تائين، يعني آسمان تائين وڃي پهتي.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36