bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 25
2 Chronicles 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
1
جڏهن امصياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يهوعدان هو، جا يروشلم جي هئي.
2
۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، پر اهي هن سالم دل سان نہ ڪيا.
3
هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهت هن جي قبضي ۾ آئي، تڏهن سندس جن نوڪرن سندس پيءُ بادشاهہ کي ماريو هو، تن کي هن قتل ڪيو.
4
پر انهن جي اولاد کي نہ مارايو، ۽ جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تيئن ڪيائين، يعني جيئن خداوند فرمايو آهي تہ پيءُ پنهنجي اولاد جي بدران نہ مرندو، نڪي اولاد پنهنجي پيءُ جي بدران مرندو؛ پر سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ ڪري مرندو.
5
تنهن کان سواءِ امصياہ يهوداہ کي گڏ ڪيو، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کي سندس ابن جي گهراڻن موجب، هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن هيٺ ترتيب وار بيهاري ويو: پوءِ ويهن ورهين جي ڄمار ۽ ان کان مٿي وارن جو شمار ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ اهي ٽي لک چونڊيل مرد، جنگ تي وڃڻ لائق آهن، ۽ نيزي ۽ سپر کڻڻ جهڙا آهن.
6
۽ هن چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ڏيئي اسرائيل مان هڪ لک همت وارا بهادر مرد بہ ڀاڙي ڪيا.
7
پر هڪڙو خدا جو مرد وٽس آيو ۽ چوڻ لڳس تہ اي بادشاهہ، تون اسرائيل جي لشڪر کي پاڻ سان نڪرڻ نہ ڏي؛ ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل سان ناهي، يعني افرائيم جي سڀني ماڻهن سان ناهي.
8
پر جي تون وڃڻ گهرين تہ بهادر ٿج، ۽ جنگ جي لاءِ مضبوط ٿج: خدا توکي دشمن جي اڳيان ڪيرائي وجهندو؛ ڇالاءِ جو خدا کي مدد ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ جي طاقت آهي.
9
۽ امصياہ انهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ جيڪي هڪ سؤ قنطار اسرائيل جي لشڪر کي مون ڏنا آهن، تن جي لاءِ اسين ڇا ڪريون؟ تڏهن انهيءَ خدا جي مرد ورندي ڏني تہ خداوند انهيءَ کان وڌيڪ توکي ڏيئي سگهي ٿو.
10
تڏهن امصياہ انهن کي يعني افرائيم مان جيڪو لشڪر وٽس آيو، تنهن کي ڌار ڪيو تہ پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن: انهيءَ ڪري هو يهوداہ تي ڏاڍو ڪاوڙيا، ۽ ڏاڍي غصي ۾ موٽي گهر آيا.
11
۽ امصياہ همت جهلي پنهنجا ماڻهو وٺي لوڻ واريءَ واديءَ ڏي ويو، ۽ بني شعير جا ڏهہ هزار ماڻهو ماري وڌائين.
12
۽ ٻيا ڏهہ هزار بني يهوداہ جيئرا کڻي ويا، ۽ انهن کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي آڻي اتان هيٺ اُڇلائي وڌائون، جنهنڪري هو سڀ پرزا پرزا ٿي ويا.
13
پر لشڪر جا ماڻهو، جن کي امصياہ موٽائي موڪليو هو تہ ساڻس جنگ تي نہ هلن، سي سامريہ کان وٺي بيت حورون تائين يهوداہ جي شهرن تي ڪاهي پيا، ۽ انهن مان ٽي هزار ماڻهو ماريائون ۽ گهڻو لٽ جو مال ڦريائون.
14
هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن امصياہ ادومين جي ڪوس ڪرڻ کان واندو ٿي آيو، تڏهن هن بني شعير جا معبود پاڻ سان آندا، ۽ انهن کي پنهنجا معبود ڪري رکيائين، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪيائين، ۽ انهن جي لاءِ لوبان ساڙيائين.
15
انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ امصياہ تي ڀڙڪي ۽ هن ڏانهس هڪڙو نبي موڪليو جنهن چيس تہ تون ڇالاءِ انهن ماڻهن جي معبودن جو طالب ٿيو آهين، جن خود پنهنجي قوم کي تنهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي؟
16
۽ هيئن ٿيو تہ هن سان ڳالهين ڪندي بادشاهہ هن کي چيو تہ اسان ڪو توکي بادشاهہ جو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ڇا؟ بس ڪر. ڇو ٿو مارجين؟ تڏهن انهيءَ نبيءَ بس ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ مون کي خبر آهي تہ خدا توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، جو تو هي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح نہ ورتي اٿيئي.
17
پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ صلاح ڪري، اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز بن ياهوءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جو منهن ڏسون.
18
۽ اسرائيل جي بادشاهہ يوآس، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪو ڪانڊيرو لبنان ۾ هو، تنهن لبنان جي ديودار ڏي چوائي موڪليو تہ پنهنجي ڌيءَ منهنجي پٽ کي پرڻائي ڏي: ۽ لبنان جو هڪڙو جهنگلي مرون اتان اچي لنگهيو ۽ ڪانڊيري کي لتاڙي هليو ويو.
19
تون چئين ٿو تہ ڏس مون ادوم فتح ڪيو آهي؛ ۽ تنهنجي دل ۾ ايترو فخر پيدا ٿيو آهي جو تون ٻٽاڪ ٿو هڻين: هاڻي تون پنهنجي گهر ويٺو رهہ؛ ڇو ٿو وچ ۾ پئي پاڻ کي نقصان رسائين، جنهنڪري تون ڪري مري پئين، تون بہ ۽ تو سان گڏ يهوداہ بہ؟
20
پر امصياہ ٻڌڻ جي نہ ڪئي: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خدا جي طرفان هئي تہ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري، جو هو ادوم جي ڪري معبودن جا طالبو ٿيا هئا.
21
انهيءَ طرح اسرائيل جو بادشاهہ يوآس ڪاهي ويو، ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هن ۽ يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جو منهن ڏٺو.
22
۽ يهوداہ اسرائيل جي اڳيان ذليل ٿيو؛ ۽ سڀ پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي اُٿي ڀڳا.
23
۽ اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بيت شمس ۾، يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس بن يهوآخز کي قيد ڪري يروشلم ۾ آندو، ۽ يروشلم جي ڀت، افرائيم جي دروازي کان وٺي ڪنڊ واري دروازي تائين، چار سؤ هٿ، ڀڃي ڇڏيائين.
24
۽ خدا جي گهر ۾ عوبيد ادوم وٽ جيڪو سون ۽ رپو ۽ جيڪي ٿانوَ لڌا سي سڀ، توڙي بادشاهہ جي گهر جا خزانا، ۽ اول پيل بہ هن هٿ ڪيا ۽ موٽي سامريہ ۾ آيو.
25
۽ امصياہ بن يوآس، يهوداہ جو بادشاهہ، اسرائيل جي بادشاهہ يوآس بن يهوآخز جي مرڻ کانپوءِ، پندرهن سال جيئرو رهيو.
26
هاڻي امصياہ جا باقي ڪم، پهريان توڙي پويان، ڏسو، يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
27
هاڻي امصياہ جنهن وقت خدا جي پيرويءَ کان ڦريو، تنهن وقت کان وٺي ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏي اُٿي ڀڳو: پر هن جي پٺيان لڪيس ۾ بہ ماڻهو موڪليائون، جن وڃي اُتي ڪُٺس.
28
۽ هنن گهوڙن تي کڻي آندس ۽ يهوداہ جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائونس.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36