bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 4
2 Chronicles 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
1
انهيءَ کانسواءِ هن پتل جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي ويڪر بہ ويهہ هٿ هئي، ۽ جنهن جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي.
2
هن پلٽيل حوض بہ جوڙيو، جو هڪڙي ڪَني کان ٻئي ڪَني تائين ڏهہ هٿ هو، ۽ پاسن کان گول هو، انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي؛ ۽ ان جي گولائي ٽيهہ هٿ هئي.
3
۽ انهيءَ جي هيٺان ڍڳن جون شڪليون هيون، جي انهيءَ کي ڏهہ هٿ چوڌاري ڦري ٿي آيون، ۽ حوض جي چوگرد هيون. ڍڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽڻ وقت پلٽيا ويا هئا.
4
اهو حوض ٻارهن ڍڳن تي بيٺل هو، ٽن اُتر ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُلهندي ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن ڏکڻ ڏانهن پئي نهاريو، ۽ ٽن اُڀرندي ڏانهن پئي نهاريو: ۽ انهن جي مٿان حوض رکيل هو، ۽ انهن جا ڌڙ، اندر تي هئا.
5
۽ اهو، ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪَنو پيالي جي ڪَني وانگر سوسن جي گل جي شڪل ۾ جڙيل هو: ۽ انهيءَ ۾ ٽي هزار بٿ سمائجي ويندا هئا.
6
هن ڏهہ چلمچيون بہ جوڙيون، پنج سڄي هٿ پاسي رکيائين، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي، تہ انهن ۾ ڌوئڻ جو ڪم ٿئي، جيڪي شيون سوختني قربانيءَ سان واسطو رکنديون هيون، سي انهن ۾ ڌوپنديون هيون: پر خود اهو حوض ڪاهنن جي ڌوئڻ لاءِ هو.
7
۽ هن ڏهہ شمعدان سون جا، انهن جي نسبت ۾ ٺهرايل قانونن موجب جوڙيا؛ ۽ اهي هن هيڪل ۾ رکيا، پنج سڄي هٿ پاسي ۽ پنج کٻي هٿ پاسي.
8
۽ هن ڏهہ ميزون بہ جوڙيون، ۽ هيڪل ۾ رکيون، پنج سڄي هٿ پاسي، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي. ۽ هن هڪ سؤ سون جون ٿالهيون جوڙيون.
9
تنهن کان سواءِ هن ڪاهنن جو ايوان، ۽ وڏو ايوان، ۽ ايوان لاءِ در جوڙيا، ۽ انهن جي درن تي پتل مڙهيائين.
10
۽ هن اهو سمنڊ، گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏانهن، ڏکڻ جي لهہ تي رکيو.
11
۽ حورام ديڳيون، ۽ چمچا، ۽ ٿالهيون جوڙيون. انهيءَ طرح حورام خدا جي گهر ۾، سليمان بادشاهہ جي لاءِ جيڪو ڪم ٿيڻو هو، سو ڪري پورو ڪيو.
12
ٻہ ٿنڀ، ۽ ٻہ ڇٽ، جي ٿنڀن جي چوٽيءَ تي هئا؛ ۽ ٻہ ڄاريون ٿنڀن جي چوٽيءَ تي رکيل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛
13
۽ چار سؤ ڏاڙهون انهن ٻن ڄارين لاءِ، ڏاڙهن جون ٻہ قطارون هرهڪ ڄاريءَ لاءِ، ۽ ٿنڀن تي بيٺل ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ واسطي.
14
هن پاوا بہ جوڙيا، ۽ انهن پاون تي چلمچيون جوڙيائين؛
15
۽ هڪڙو حوض، ۽ انهيءَ جي هيٺان ٻارهن ڏاند.
16
ديڳيون، ۽ چمچا ۽ گوشت جا ڪنڍا، ۽ انهيءَ جا سڀ باسڻ، ان جي پيءُ حورام، خداوند جي گهر لاءِ سليمان بادشاهہ واسطي چمڪندڙ پتل جا جوڙيا.
17
يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ صريدا جي وچ ۾، چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين منجهہ اهي بادشاهہ پلٽايا.
18
انهيءَ طرح سليمان اهي سڀ باسڻ بيشمار جوڙايا: ايترا جو پتل جي تور معلوم ٿي نہ سگهي.
19
۽ سليمان اهي سڀ باسڻ جوڙيا، جي خدا جي گهر ۾ هئا، يعني سوني قربانگاهہ، ۽ ميزون، جي نذر جي ماني رکڻ لاءِ هيون؛
20
۽ نج سون جا شمعدان، ڏيئن سميت، جي قاعدي موجب پاڪ جاءِ جي اڳيان ٻرڻ لاءِ هئا؛
21
۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا سون جا، بلڪ خالص سون جا هئا؛
22
۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون ۽ ٿالهيون، ۽ چمچا، ۽ لوبان ساڙڻ جا باسڻ، سڀ نج سون جا هئا: ۽ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ، يعني تمام پاڪ جاءِ جا اندريان دروازا، ۽ گهر جا دروازا يعني هيڪل جا دروازا سڀ سون جا هئا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36