bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 23
2 Chronicles 23
Sindhi Bible
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 24 →
1
۽ ستين سال ۾ يهويدع پاڻ کي زور وارو ڪيو، ۽ سوَن جي سردارن کي، يعني عزرياہ بن يهورام، اسماعيل بن يهوحنان، ۽ عزرياہ بن عوبيد، ۽ معسياہ بن عداياہ، ۽ اليسافط بن زڪري، کي پاڻ سان عهد اقرار ۾ ٻڌائين.
2
۽ اهي يهوداہ ۾ هيڏي هوڏي گهميا، ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن مان لاوين کي ۽ اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي رئيسن کي، گڏ ڪيائون ۽ يروشلم ۾ آيا.
3
۽ ساري جماعت خدا جي گهر ۾ بادشاهہ سان عهد اقرار ڪيو، ۽ هن انهن کي چيو تہ ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند دائود جي پٽن جي نسبت ۾ فرمايو آهي، تهڙيءَ طرح بادشاهہ جو پٽ بادشاهي ڪندو.
4
۽ اوهان کي هيئن ڪرڻ لازم آهي: اوهان مان، جيڪي سبت جي ڏينهن اندر ٿا اچو، ۽ ڪاهن ۽ لاوي آهيو، تن منجهان ٽيون حصو درن جا دربان ٿيو:
5
۽ ٽيون حصو بادشاهہ جي گهر ۾ رهي، ۽ ٽيون حصو بنياد واري در تي رهي؛ ۽ ٻيا سڀ ماڻهو خداوند جي گهر جي ايوانن ۾ رهن.
6
پر ڪاهن ۽ جيڪي لاوي خدمت ٿا ڪن، تن کان سواءِ ڪوبہ خداوند جي گهر ۾ نہ اچي؛ اهي ڀلي اچن، ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن؛ پر سڀ ماڻهو خداوند لاءِ پهرو ڏيندا.
7
۽ لاوي بادشاهہ جي چوڌاري ڦري بيهندا ۽ سڀ ڪو پنهنجا هٿيار کڻي بيهندو؛ ۽ جيڪو گهر ۾ گهڙي ايندو، سو قتل ڪيو ويندو: ۽ جڏهن بادشاهہ اندر اچي ۽ ٻاهر وڃي، تڏهن اوهين انهيءَ ساڻ هجو.
8
تڏهن لاوين ۽ يهوداہ جي ماڻهن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڪيو هون: ۽ انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجا اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا جي سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا، ۽ اهي جي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا؛ ڇالاءِ جو يهويدع ڪاهن ترتيبوار حصن کي موڪل نہ ڏني هئي.
9
۽ يهويدع ڪاهن سوَن جي سردارن کي اهي نيزا ۽ ڍالون ۽ سپرون ڏنيون، جي دائود جون هيون، ۽ جي خدا جي گهر ۾ هيون.
10
۽ هن سڀني ماڻهن کي سندن هٿ ۾ پنهنجا هٿيار ڏيئي، گهر جي سڄي هٿ پاسي کان وٺي گهر جي کٻي هٿ پاسي تائين، قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي کان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري مقرر ڪري بيهاري ڇڏيا.
11
تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو ۽ تاج کڻي انهيءَ تي رکيائون، ۽ شاهديءَ جي سند ڏنائونس، ۽ بادشاهہ ڪيائونس: ۽ يهويدع ۽ ان جي پٽن هن کي مسح ڪيو؛ پوءِ چوڻ لڳا تہ بادشاهہ کي شل خدا سلامت رکي.
12
۽ جڏهن عتلياہ ماڻهن جو هُل ٻڌو، جي پئي ڊوڙيا، ۽ بادشاهہ جي تعريف پئي ڪيائون، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي:
13
۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ دروازي وٽ پنهنجي ٿنڀ جي ڀرسان بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز پيا وڄائين، ۽ تعريف جا راڳ پيا ڳائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.
14
۽ يهويدع ڪاهن جيڪي سوَن جا سردار لشڪر تي بيٺل هئا، تن کي ٻاهر ڪڍي آيو، ۽ چيائين تہ عتلياہ کي جهلي پنهنجين صفن جي وچ ۾ آڻيو، ۽ جيڪو هن جي پٺيان اچي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.
15
انهيءَ طرح هنن انهيءَ کي لنگهڻ ڏنو؛ ۽ هوءَ بادشاهہ جي گهر جي گهوڙي واري دروازي جي لنگهہ ڏانهن ويئي: ۽ اُتي هنن قتل ڪري ڇڏيس.
16
۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.
17
۽ سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏي ويا ۽ انهيءَ کي ڀڳائون، ۽ انهيءَ جون قربانگاهون ۽ انهيءَ جا بُت ڀڃي پرزا پرزا ڪيائون، ۽ بعل جي ڪاهن متانَ کي قربانگاهہ جي اڳيان قتل ڪيائون.
18
۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.
19
۽ هن خداوند جي گهر جي درن تي دربان مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن بہ طرح ناپاڪ هجي، تنهن کي اندر لنگهڻ نہ ڏين.
20
۽ هن سوَن جي سردارن، ۽ اميرن، ۽ ماڻهن جي حاڪمن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري، بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو: ۽ هو مٿين درن مان بادشاهہ جي گهر ۾ آيا، ۽ بادشاهہ کي بادشاهت جي تخت تي ويهاريائون.
21
پوءِ ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ آرام ٿيو: ۽ هنن عتلياہ کي ترار سان ماري وڌو.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36