bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 13
2 Chronicles 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 14 →
1
بادشاهہ يربعام جي ارڙهين ورهيہ ۾ ابياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
هن يروشلم ۾ ٽي سال بادشاهي ڪئي: ۽ سندس ماءُ جو نالو ميڪاياہ هو جا جبعہ واري اوري ايل جي ڌيءَ هئي. ۽ ابياہ ۽ يربعام جي وچ ۾ جنگ رهندي هئي.
3
۽ ابياہ چئن لکن چونڊيل جنگي بهادرن جي لشڪرن سان وڃي جنگ ۾ داخل ٿيو: ۽ يربعام اٺ لک چونڊيل ماڻهو، جي همت وارا بهادر مرد هئا، تن سان هن جي مقابلي ۾ صفون ٻڌي بيٺو.
4
۽ ابياہ صمريم جبل تي چڙهي بيٺو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آهي ۽ چوڻ لڳو تہ، اي يربعام، ۽ اي ڪل اسرائيليو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو؛
5
اوهان کي ايترو معلوم نہ آهي ڇا، تہ خداوند، اسرائيل جي خدا، دائود کي اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ بادشاهي ڏني، جهڙو هن کي، تهڙو سندس پٽن کي، ۽ اُها هن لوڻ جي عهد اقرار موجب ڏني آهي؟
6
انهيءَ هوندي بہ يربعام بن نباط، جو سليمان بن دائود جو ٻانهو هو، تنهن اُٿي پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف بغاوت ڪئي.
7
۽ هن وٽ بيهودا ماڻهو، شيطان زادا، اچي گڏ ٿيا، ۽ جڏهن رحبعام اڃا ننڍو ۽ نرم دل هو، ۽ هنن سان مقابلو ڪري نہ ٿي سگهيو، تڏهن هو زور وٺي رحبعام بن سليمان جي برخلاف ٿي بيٺا.
8
۽ هاڻي اوهين سمجهو ٿا تہ خداوند جي بادشاهت، جا دائود جي پٽن جي هٿ ۾ آهي، تنهن سان مقابلو ڪريو؛ ۽ اوهين گهڻا ماڻهو آهيو، ۽ اوهان سان سونا گابا آهن، جي يربعام جوڙي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.
9
۽ اوهان خداوند جي ڪاهنن، هارون جي پٽن کي، ۽ لاوين کي هڪلي نہ ڪڍيو آهي ڇا، ۽ ٻين قومن وانگي پنهنجي لاءِ ڪاهن نہ مقرر ڪيا آهن ڇا؟ ۽ جيڪو هڪڙو جوان ڍڳو ۽ ست گهٽا پاڻ سان وٺي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بنجي، جي خدا ناهن.
10
پر اسان جي لاءِ خداوند اسان جو خدا آهي، ۽ اسان انهيءَ کي نہ ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان وٽ هارون جا پٽ، خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن آهن، ۽ لاوي پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهن:
11
۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.
12
۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.
13
پر يربعام هنن جي پٺيان هڪڙو لڪل لشڪر چوڌاري ڦيرائي آندو: جنهن ڪري هو يهوداہ جي اڳيان هئا، ۽ لڪل لشڪر هنن جي پٺيان هو.
14
۽ جڏهن يهوداہ پٺتي نهاريو تڏهن ڏسو، هنن جي اڳيان توڙي پٺيان جنگ هئي: ۽ هنن خداوند کي دانهن ڪئي ۽ ڪاهنن قرنائون وڄايون.
15
تڏهن يهوداہ جي ماڻهن هڪڙو نعرو هنيو: ۽ جيئن يهوداہ جي ماڻهن نعرو هنيو، تيئن هيئن ٿيو تہ خدا، ابياہ ۽ يهوداہ جي اڳيان يربعام ۽ سڀني اسرائيلين کي شڪست ڏني.
16
۽ بني اسرائيل يهوداہ جي اڳيان اٿي ڀڳا: ۽ خدا انهن کي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.
17
۽ ابياہ ۽ سندس ماڻهن هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، ۽ هنن کي ڪُٺو: جنهنڪري اسرائيل جا پنج لک چونڊيل مرد مارجي ويا.
18
انهيءَ طرح بني اسرائيل انهيءَ وقت شڪست کاڌي، ۽ بني يهوداہ غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو رکيو.
19
۽ ابياہ يربعام جي پٺيان پيو، ۽ هن کان هي شهر ورتائين؛ بيت ايل، ان جي شهرن سميت، ۽ يسانہ، ان جي شهرن سميت، ۽ عفرون، ان جي شهرن سميت.
20
نڪي وري يربعام ابياہ جي ڏينهن ۾ نئين سر زور ورتو: ۽ خداوند هن کي ڌڪ هنيو ۽ هو مئو.
21
پر ابياہ زور وٺندو ويو، ۽ چوڏهن زالن سان شادي ڪيائين: ۽ کيس ٻاويهہ پٽ، ۽ سورهن ڌيئون ڄايون.
22
۽ ابياہ جا ٻيا ڪم، ۽ سندس رستا، ۽ سندس ڳالهيون، عيدو نبيءَ جي تفسير ۾ لکيل آهن.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36