bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 27
2 Chronicles 27
Sindhi Bible
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 28 →
1
يوتام جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي؛ ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسہ هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.
2
۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.
3
هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو، ۽ عوفل جي ڀت تي گهڻو ئي اڏايائين.
4
تنهن کانسواءِ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ هن گهڻا شهر ٻڌا، ۽ ٻيلن ۾ هن قلعا ۽ ٺلهہ جوڙايا.
5
هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو.
6
انهيءَ طرح يوتام زور وارو ٿيو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان پنهنجا رستا سنوان ڪيا.
7
هاڻي يوتام جا ٻيا ڪم ۽ سندس سڀ جنگيون، ۽ سندس رستا، ڏس، اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
8
جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي.
9
۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سُتو ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36