bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 7
2 Chronicles 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 8 →
1
هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.
2
۽ ڪاهن خداوند جي گهر ۾ گهڙي نہ سگهيا، ڇالاءِ جو خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو هو.
3
۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ باهہ لهي آئي آهي ۽ خداوند جو جلال گهر جي مٿان آهي؛ ۽ هنن هيٺ زمين جي فرش تي منهن رکي سجدو ڪيو، ۽ خداوند جي شڪرگذاري ادا ڪيائون، ۽ چيائون تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.
4
تڏهن بادشاهہ ۽ سڄي قوم خداوند جي اڳيان قرباني ادا ڪئي،
5
۽ سليمان بادشاهہ ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ سؤ ويهہ هزار رڍون قربان ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ سڄي قوم خدا جي گهر کي مخصوص ڪيو.
6
۽ ڪاهن پنهنجن عهدن موافق بيهي رهيا؛ لاوي بہ خداوند جي انهن وڄائڻ جي سازن سان بيهي رهيا، جي دائود بادشاهہ خداوند جي شڪر بجا آڻڻ لاءِ جوڙيا هئا، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ دائود انهن جي وسيلي تعريف ادا ڪئي هئي: ۽ ڪاهنن انهن جي اڳيان قرنائون وڄايون، ۽ سڀ اسرائيل اُٿي بيهي رهيا.
7
تنهن کانسواءِ جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو، تنهن جو وچ سليمان پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو اتي هن سوختني قربانيون ادا ڪيون، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ: ڇالاءِ جو جيڪا پتل جي قربانگاهہ سليمان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ چرٻي، اهي سڀ ماپي نہ ٿي سگهيون.
8
پوءِ سليمان انهيءَ وقت ست ڏينهن عيد ڪئي ۽ ساڻس گڏ سڄي اسرائيلي قوم جا هڪڙي وڏي جماعت هئي، حمات جي گهڙڻ جي جاءِ کان وٺي مصر جي نديءَ تائين شامل هئي.
9
۽ اٺين ڏينهن هنن هڪڙي پاڪ مجلس گڏ ڪئي: ڇالاءِ جو هنن قربانگاهہ جي پاڪ ڪرڻ جي خوشي، ست ڏينهن ملهائي ۽ عيد بہ ست ڏينهن ڪئي.
10
۽ ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ هن ماڻهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، ۽ هو انهيءَ چڱائيءَ جي ڪري خوش ٿي دل جي راضپي سان هليا ويا، جا خداوند دائود، ۽ سليمان ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي.
11
انهيءَ طرح سليمان خداوند جو گهر، ۽ بادشاهہ جو گهر پورو ڪيو؛ ۽ جيڪي سليمان جي دل ۾ آيو تہ خداوند جي گهر ۾، ۽ خود پنهنجي گهر ۾ ڪري، سو هن فتحيابيءَ سان پورو ڪيو.
12
۽ رات جو خداوند سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هيءَ جاءِ پنهنجي قربانيءَ جي گهر لاءِ پسند ڪئي اٿم.
13
جيڪڏهن آءٌ آسمان کي بند ڪندس، ۽ مينهن نہ وسندو، يا جيڪڏهن آءٌ مڪڙن کي حڪم ڏيندس تہ زمين ڳهي وڃن، يا جيڪڏهن آءٌ پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس؛
14
۽ منهنجي قوم جا منهنجي نالي پٺيان ٿي سڏجي، سا جيڪڏهن عاجزيءَ سان دعا گهرندي، ۽ منهنجي منهن جي طلب رکندي، ۽ پنهنجي شرارت جي رستن کان موٽندي، تہ آءٌ آسمان مان ٻڌندس، ۽ انهن جو گناهہ معاف ڪندس، ۽ انهن جي زمين کي شفا بخشيندس.
15
هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.
16
ڇالاءِ جو مون هاڻي هي گهر پسند ۽ پاڪ ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجو نالو انهيءَ ۾ هميشہ لاءِ قائم رهي: ۽ منهنجون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي هوندي.
17
باقي تون، سو جيڪڏهن منهنجي اڳيان ائين هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، ۽ ائين ڪندين جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، ۽ منهنجن قاعدن ۽ فيصلن جي سنڀال رکندين؛
18
تہ آءٌ تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت قائم ڪندس، جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو: ۽ چيوهومانس تہ تنهنجي نسل مان اسرائيل ۾ حاڪم ٿيڻ لاءِ ماڻهو ڪونہ کٽندو.
19
پر جي اوهين ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ منهنجا قاعدا ۽ حڪم ڇڏي ڏيندا، جي مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن ۽ وڃي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڏيندا:
20
تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني آهي تنهن مان، آءٌ هنن جون پاڙون پٽي ڪڍندس ۽ هيءُ گهر، جو مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي سو آءٌ پنهنجي نظر کان پاسي ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي سڀني قومن ۾ ضرب المثل ۽ هڪڙو مثال ڪري ڇڏيندس.
21
۽ هي گهر جو اهڙو اُتانهون آهي، تنهن کي ڏسي جيڪو لنگهندو سو عجب ۾ پوندو ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟
22
۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود هٿ ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي بندگي ڪيائون: تنهنڪري هن هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36