bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 9
2 Chronicles 9
Sindhi Bible
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
1
جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان سليمان جي امتحان وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي، ۽ ساڻس وڏو ساٿ هو، يعني مصالحن کڻڻ وارا اُٺ، ۽ نهايت گهڻو سون، ۽ قيمتي جواهر هئا؛ ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين.
2
۽ سليمان هن جي سوالن جا جواب ڏنا: ۽ سليمان کان ڪابہ اهڙي ڳجهي شيءِ ڪانہ رهي، جا هن کي نہ ٻڌايائين.
3
۽ جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ڏاهپ، ۽ جيڪو گهر جوڙيو هئائين سو ڏٺو،
4
۽ هن جي دسترخاني جو طعام، ۽ هن جي نوڪرن جي ويهڻ جو دستور، ۽ هن جي خدمتگارن جي حاضر رهڻ جو دستور، ۽ انهن جي پوشاڪ، هن جا پيالي بردار ۽ انهن جي پوشاڪ، ۽ هن جي ڏاڪڻ جنهن سان خداوند جي گهر ۾ چڙهي ويندو هو، سا ڏٺائين؛ تڏهن سندس هوش حواس گم ٿي ويو.
5
۽ هن بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي مون تنهنجن ڪمن ۽ تنهنجي ڏاهپ جو پنهنجي ملڪ ۾ ٻڌو هو سو سڀ سچ هو.
6
انهيءَ هوندي بہ مون ماڻهن جي ڳالهہ تي اعتبار نہ ٿي ڪيو جيستائين آءٌ پاڻ نہ آيس، ۽ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم: ۽ ڏس، مون کي تنهنجي ڏاهپ جو اڌ بہ هنن نہ ٻڌايو هو: جيڪا ناموس مون ٻڌي هئي تنهن کان تون گهڻو وڌيڪ آهين.
7
سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، ۽ سڀاڳا آهن هي تنهنجا نوڪر، جي سدائين تنهنجي اڳيان بيهن ٿا ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا.
8
خداوند تنهنجو خدا شل برڪت وارو هجي جنهن تو مان راضي ٿي توکي پنهنجي تخت تي ويهاريو آهي، تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي طرفان بادشاهہ ٿين: ڇالاءِ جو تنهنجي خدا جي اسرائيل سان محبت هئي جو انهن کي هميشہ لاءِ قائم ڪيائين؛ تنهنڪري هن توکي انهن تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي تہ انهن جو انصاف ۽ عدالت ڪندو رهين.
9
پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي هڪ سؤ ويهہ قنطار سون جا، ۽ بي انداز مصالحا، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: جهڙا مصالحا سبا جي ملڪہ سليمان بادشاهہ کي ڏنا، تهڙا ڪٿي ڪين هئا.
10
۽ حورام جي نوڪرن ۽ سليمان جي نوڪرن، جن اوفير مان سون آندو هو، تن چندن جا ڪاٺ ۽ قيمتي پٿر بہ آندا.
11
۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر جي لاءِ، ۽ بادشاهہ جي گهر جي لاءِ ڪٽهڙا جوڙيا، ۽ ڳائڻ وارن لاءِ بربط ۽ سنطور: اهڙا يهوداہ جي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن نہ ڏٺا ويا هئا.
12
۽ سليمان بادشاهہ سبا جي ملڪہ کي جيڪي هن چاهيو ۽ گهريو سو ڏنائين، سواءِ انهيءَ جي جيڪي هن پاڻ بادشاهہ لاءِ آندو هو سو. پوءِ هوءَ موٽي پنهنجن نوڪرن سميت پنهنجي ملڪ ڏانهن ويئي.
13
هاڻي هڪڙي ورهيہ جي اندر جيڪو سون سليمان وٽ آيو، سو وزن ۾ ڇهہ سؤ ڇاهٺ قنطار ٿيو؛
14
انهيءَ کانسواءِ جيڪو گهورڙن ۽ سوداگرن آندو: ۽ عربستان جي سڀني بادشاهن ۽ ملڪ جي حاڪمن سون ۽ چاندي سليمان وٽ آندي.
15
۽ سليمان بادشاهہ ڪُٽيل سون جون ٻہ سؤ وڏيون سپرون جوڙايون: هرهڪ سپر تي ڪُٽيل سون جا ڇهہ سؤ شيڪل لڳا.
16
۽ هن ٽي سؤ ڍالون ڪُٽيل سون جون جوڙايون؛ هرهڪ ڍال تي سون جا ٽي سؤ شيڪل لڳا: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون.
17
تنهن کانسواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ اُنهيءَ تي خالص سون مڙهايائين.
18
۽ اُنهيءَ تخت تي پير رکڻ جي سوني صندليءَ سميت ڇهہ ڏاڪا هئا، جي تخت سان ڳنڍيل هئا، ۽ ويهڻ جي جاءِ جي ٻنهي پاسن کان ٽيڪون هيون، ۽ ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا.
19
۽ اُنهن ڇهن ڏاڪن تي هڪڙي پاسي بہ ۽ ٻئي پاسي بہ ٻارهن شينهن بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ٻيو ڪونہ هو.
20
۽ بادشاهہ سليمان جا سڀ پيئڻ جا باسڻ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ نج سون جا هئا: سليمان جي ڏينهن ۾ چاندي ليکي ۾ ئي ڪين ايندي هئي.
21
ڇالاءِ جو بادشاهہ وٽ جهاز هوندا هئا، جي حورام جي نوڪرن سان گڏجي ترسيس ڏانهن ويندا هئا: ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز ايندا هئا، ۽ سون، ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور آڻيندا هئا.
22
اهڙيءَ طرح سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ زمين جي سڀني بادشاهن کان ڪسر کڻي ويو.
23
۽ زمين جا سڀ بادشاهہ اهو شوق رکندا هئا تہ سليمان وٽ حاضر رهي هن جي ڏاهپ ٻڌن، جا خدا هن جي دل ۾ وڌي هئي.
24
۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو نذرانو ٿي آندو، چانديءَ جا باسڻ، سون جا باسڻ ۽ ڪپڙا، ۽ هٿيار، ۽ مصالحہ، گهوڙا ۽ خچر، جي هو سال بسال ٺهرايل انداز موجب پهچائيندا هئا.
25
۽ سليمان کي گهوڙن ۽ گاڏين جي لاءِ چار هزار ٿان هوندا هئا، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئس، جي هن گاڏين وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ بيهاري ڇڏيا.
26
۽ نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي حد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪم هلائيندو هو.
27
۽ بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو پٿرن جو، ۽ سرو جي ڪاٺ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو گولر جي وڻن جو، جي هيٺانهينءَ زمين تي بيشمار ٿيندا آهن.
28
۽ ماڻهو سليمان جي لاءِ مصر مان ۽ ٻين سڀني ملڪن مان گهوڙا آڻيندا هئا.
29
هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان، ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ اخياہ سيلاني جي نبوت ۾، ۽ عيدو غيب دان جيڪي رويا يربعام بن نباط جي نسبت ۾ ڏٺا، تن ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
30
۽ سليمان يروشلم ۾ ساري اسرائيل تي چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
31
پوءِ سليمان پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفن ٿيو، ۽ سندس پٽ رحبعام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36