bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 33
2 Chronicles 33
Sindhi Bible
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
1
جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي.
2
۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ انهن غير قومن جي نفرت جهڙن ڪمن جهڙا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.
3
ڇالاءِ جو هن وري مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڀڃي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعليم جي لاءِ قربانگاهون کڙيون ڪيون ۽ يسيرتون جوڙايائين، ۽ آسمان جي ساري لشڪر جي عبادت ڪيائين، ۽ انهن جي بندگي ڪيائين.
4
۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند چيو تہ يروشلم ۾ منهنجو نالو هميشہ قائم رهندو.
5
۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي ساري لشڪر لاءِ قربانگاهون ٺهرايون.
6
هن پنهنجن ٻارن کي هنوم جي واديءَ ۾ باهہ منجهان بہ لنگهايو؛ ۽ هن فال وجهڻ جو ڪم ڪرايو، ۽ منڊ، ۽ جادوگري ڪم ۾ آندائين؛ ۽ جن کي جن ڀوت ايندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻين سان واهپو رکيائين: هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا، جنهنڪري هن کي ڪاوڙ ڏياريائين.
7
۽ بت جي اُڪريل مورت جا هن جوڙي هئي، سا خدا جي گهر ۾ رکيائين، جنهن گهر بابت خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو تہ هي گهر ۽ يروشلم، جن کي مون اسرائيل جي سڀني فرقن مان پسند ڪيو آهي، تن ۾ آءٌ پنهنجو نالو هميشہ لاءِ قائم رکندس:
8
نڪي آءٌ اسرائيل جو پير انهيءَ زمين مان وري ڪڏهن ڪڍندس، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن لاءِ مقرر ڪئي آهي؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، يعني ساري شريعت ۽ سڀ قاعدا ۽ قانون، جي موسيٰ جي هٿان ڏنا اٿم، تنهن جي تعميل ڪندا.
9
۽ منسيءَ يهوداہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ايتري قدر گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ خراب ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪيو هو.
10
۽ خدا منسيءَ ۽ سندس قوم سان ڳالهايو: پر هنن انهيءَ جي پرواهہ ڪانہ ڪئي.
11
جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.
12
۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.
13
۽ هن کان دعا گهريائين؛ هن سندس دعا قبول ڪري سندس فرياد ٻڌو ۽ هن کي موٽائي سندس بادشاهت ۽ يروشلم ۾ آندائين. تڏهن منسي کي پڪ ٿي تہ خداوند برابر خدا آهي.
14
هاڻي انهيءَ کانپوءِ هن دائود جي شهر جي ڀت جيحون جي اُلهندي پاسي، واديءَ ۾، مڇيءَ واري دروازي جي لنگهہ تائين، عوفل جي چوڌاري جوڙائي؛ ۽ انهيءَ کي تمام گهڻو مٿي چاڙهيائين: ۽ هن يهوداہ جي ڪوٽ وارن سڀني شهرن ۾ بهادر سردار رکيا.
15
هن ڌاريا معبود ۽ مورت خداوند جي گهر مان ڪڍي ڇڏيا، ۽ سڀ قربانگاهون جي خداوند جي گهر جي جبل تي، ۽ يروشلم ۾ جوڙايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائين.
16
۽ خداوند جي قربانگاهہ جوڙايائين، ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ يهوداہ کي حڪم ڪيائين تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.
17
انهيءَ هوندي بہ ماڻهو اڃا مٿانهين جاين تي قربانيون پيا ڪندا هئا، پر رڳو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ.
18
هاڻي منسي جا باقي ٻيا ڪم، ۽ پنهنجي خدا وٽ سندس دعا، ۽ انهن غيب دانن جون ڳالهيون، جي انهن خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي سان کيس ٻڌايون، سي ڏسو، اسرائيل جي بادشاهن جي ڪمن ۾ لکيل آهن.
19
هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.
20
نيٺ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
21
جڏهن امون بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ٻہ سال بادشاهي ڪئي.
22
۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا سندس پيءُ منسي جا هئا: ۽ امون انهن سڀني اُڪريل مورتن لاءِ قربانيون ڪيون، جي سندس پيءُ منسي جوڙيون هيون، ۽ انهن جي عبادت ڪيائين.
23
۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.
24
۽ هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو ۽ هن کي خود سندس گهر ۾ ماري وڌائون.
25
پر ملڪ جي ماڻهن انهن سڀني کي ڪُهي ڇڏيو، جن امون بادشاهہ جي برخلاف منصوبو ڪيو هو؛ ۽ ملڪ جي ماڻهن سندس پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36