bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 20
2 Chronicles 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 21 →
1
انهيءَ کانپوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون، ڪن عمونين سان گڏ، يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.
2
پوءِ ڪن اچي يهوسفط کي چيو تہ سمنڊ جي هن ڀر ارام مان هڪڙو وڏو ڪٽڪ توتي ڪاهيو ٿو اچي، ۽ ڏس اهي حصاصون تمر ۾ (يعني عين جدي ۾ آهن.)
3
تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.
4
۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو خداوند جي مدد گهرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا: مطلب تہ يهوداہ جي سڀني شهرن مان ماڻهو خداوند جي اڳيان ڳولا لاءِ آيا.
5
۽ يهوسفط يهوداہ ۽ يروشلم جي جماعت ۾، خداوند جي گهر منجهہ، نئين ايوان جي اڳيان اٿي بيٺو؛
6
۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.
7
اي اسان جا خدا، تو هن زمين جي رهاڪن کي پنهنجي قوم اسرائيل جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍيو ڇا، ۽ اُها تو پنهنجي دوست ابرهام جي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيئي نہ ڇڏي ڇا؟
8
۽ اهي ان ۾ رهي پيا ۽ اتي تنهنجي نالي لاءِ هنن هڪڙو پاڪ مڪان جوڙيو، ۽ چيائون تہ،
9
جيڪڏهن ڪا بلا اسان تي ايندي، جيئن تہ سزا جي ترار، يا طاعون يا ڏڪار، تہ اسين هن گهر جي اڳيان ۽ تنهنجي اڳيان بيهنداسين، (ڇالاءِ جو تنهنجو نالو هن گهر ۾ آهي) ۽ پنهنجي مصيبت ۾ توکي پڪارينداسين تہ تون ٻڌندين ۽ بچائيندين.
10
۽ هاڻي ڏس، بني عمون ۽ موآب ۽ شعير جبل، جن تي بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان نڪرڻ مهل تو ڪاهہ ڪرڻ نہ ڏني بلڪ هو انهن کان ڦري ويا، ۽ انهن کي ناس نہ ڪيائون؛
11
سي ڏس تہ ڪيئن نہ انهيءَ جو اسان کي بدلو ٿا ڏين، جو جيڪا ملڪيت تو اسان کي ورثو ڪري ڏني آهي، تنهن مان اسان کي ڪڍي ٿا ڇڏين.
12
اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.
13
۽ سارو يهوداہ، پنهنجن ننڍڙن ٻارن ۽ زالن ۽ اولاد سميت خداوند جي اڳيان بيٺو آهي.
14
تڏهن يحزي ايل بن زڪرياہ، بن بناياہ، بن يعي ايل، بن متنياہ، جو لاوي هو، ۽ آسف جي پٽن مان هو، تنهن تي جماعت جي وچ ۾ خداوند جو روح نازل ٿيو؛
15
۽ هن چيو تہ اي يهوداہ جا سڀ ماڻهو، ۽ اي يروشلم جا سڀ رهاڪو، ۽ اي يهوسفط بادشاهہ، اوهين سڀ ٻڌو: خداوند اوهان کي هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ڊڄو نہ ۽ هن وڏي ڪٽڪ جي ڪري خوف نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هيءَ جنگ اوهان جي نہ آهي پر خدا جي آهي.
16
سڀاڻي اوهين هنن تي ڪاهي وڃو: ڏسو هو صيص واري چاڙهيءَ تان چڙهندا ٿا اچن، ۽ اوهين انهن کي يروئيل جي بيابان جي اڳيان واديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وڃي هٿ ڪندا.
17
اوهان کي هن جنگ ۾ وڙهڻ جو ضرور نہ ٿيندو: پاڻ کي تيار ڪري ماٺ ڪري بيهي رهو، پوءِ اي يهوداہ ۽ يروشلم، خداوند جو ڇوٽڪارو جو اوهان ساڻ آهي ڏسجو: ڊڄو نہ، نہ ڪو خوف ڪريو: سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان سان آهي.
18
پوءِ يهوسفط سر جهڪائي پنهنجو منهن زمين تي رکيو: ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم جا ماڻهو خداوند جي اڳيان ڪِري پيا ۽ خداوند کي سجدو ڪرڻ لڳا.
19
۽ بني قهات ۽ بني قورح مان لاوي خداوند، اسرائيل جي خدا جي تمام وڏي سڏ تعريف ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا.
20
۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.
21
۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.
22
جڏهن هو ڳائڻ ۽ تعريف ڪرڻ لڳا، تڏهن خداوند بني عمون ۽ بني موآب ۽ بني شعير جبل، جي يهوداہ جي برخلاف ڪاهي آيا، تن جي برخلاف ڄڪ هڻڻ وارا ويهاري ڇڏيا؛ ۽ هنن شڪست کاڌي.
23
ڇالاءِ جو هو بني عمون، ۽ موآب، ۽ شعير جبل جي رهاڪن جي سامهون ٿي بيٺا، ۽ انهن کي ڪُهي چٽ ڪري ڇڏيائون: ۽ جڏهن شعير جي رهاڪن کي کپائي بس ڪيائون، تڏهن هو وري هڪ ٻئي کي ناس ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳا.
24
۽ جڏهن يهوداہ بيابان جي پهري واري ٺلهہ وٽ آيا، تڏهن هنن انهيءَ ڪٽڪ ڏانهن نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ اُهي لاشا آهن جي زمين تي پيا آهن، ۽ منجهانئن اهڙا ڪي بہ ڪين هئا جي ڀڄي جان ڇڏائين.
25
۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.
26
۽ چوٿين ڏينهن هو براڪاهہ جي واديءَ ۾ اچي گڏ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُتي هنن خداوند کي دعا ڏني: تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ تائين براڪاهہ جي وادي آهي.
27
تنهن کانپوءِ هو سڀ، يعني يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳيان يهوسفط خوشيون ڪندا يروشلم ڏي موٽيا؛ ڇالاءِ جو خداوند هنن کي سندن دشمنن تي شادمان ڪيو.
28
۽ هو سنطورن ۽ بربطن ۽ قرنائن سان، يروشلم ۾ خداوند جي گهر ۾ گهڙيا.
29
۽ جڏهن سڀني ملڪن جي بادشاهتن ٻڌو تہ خداوند اسرائيل جي دشمنن سان وڙهيو، تڏهن انهن تي خدا جو خوف غالب ٿيو.
30
انهيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ آرام ٿيو: ڇالاءِ جو هن جي خدا هن کي چوڌاري آرام بخشيو.
31
۽ يهوسفط يهوداہ تي بادشاهي ڪئي: جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجٽيهن سالن جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو عزوبہ هو، جا سلحيءَ جي ڌيءَ هئي.
32
۽ هو پنهنجي پيءُ آسا جي رستي تي هليو ۽ انهيءَ کان مڙيو ڪين، ۽ اهڙا ڪم ڪيائين جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
33
انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون؛ نڪي اڃا ماڻهن پنهنجون دليون پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدا تي ڄمايون هيون.
34
هاڻي يهوسفط جا باقي ٻيا ڪم، پهريان توڙي پويان، ڏسو، ياهو بن حنانيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن، جا اسرائيل جي بادشاهن جي ڪتاب ۾ داخل آهي.
35
۽ انهيءَ کانپوءِ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ اخزياہ سان وڃي گڏيو؛ ۽ انهيءَ تمام شرارت جهڙي هلت ڪئي:
36
۽ هو انهيءَ سان شامل ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ ترسيس ڏي وڃڻ لاءِ جهاز جوڙين: ۽ هنن عصيون جابر ۾ جهاز جوڙيا:
37
پوءِ اليعزر بن دوداواهو مريساهيءَ، يهوسفط جي برخلاف پيشنگوئي ڪئي ۽ چيائين تہ تون اخزياہ سان وڃي گڏيو آهين، تنهنڪري خداوند تنهنجا ڪم خراب ڪري ڇڏيا آهن. ۽ جهاز اهڙي طرح ڀڄي پيا جو هو ترسيس ڏي وڃي نہ سگهيا.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36