bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Chronicles 29
2 Chronicles 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
1
جڏهن حزقياہ پنجويهن ورهين جو هو، تڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابياہ هو، جا زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.
2
۽ هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ سندس پيءُ دائود جي ڪمن جهڙا هئا.
3
پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرين سال جي پهرين مهيني ۾ هن خداوند جي گهر جا در کولايا ۽ انهن جي مرمت ڪرايائين.
4
۽ هن ڪاهن ۽ لاوي آڻي اُڀرندي پاسي ڪشادي هنڌ گڏ ڪيا؛
5
۽ انهن کي چيائين تہ اي لاوي منهنجي ٻڌو؛ هاڻي پاڻ کي ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي پاڪ ڪريو، ۽ انهيءَ پاڪ جاءِ مان گندگي ڪڍي وڃو.
6
ڇالاءِ جو اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيو آهي ۽ اهي ڪم ڪيا اٿن، جي خداوند اسان جي خدا جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ پنهنجا منهن خداوند جي رهڻ جي جاءِ کان ڦيريا اٿن ۽ پٺيون ڏنيون اٿن.
7
۽ دالان جا در بہ بند ڪيا اٿن ۽ ڏيئا اُجهايا اٿن ۽ لوبان نہ ساڙيا اٿن، نڪي پاڪ جاءِ ۾ اسرائيل جي خدا لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون اٿن.
8
تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ يهوداہ ۽ يروشلم تي هئي، ۽ هن انهن کي هيڏي هوڏي اُڇلايو ۽ رلايو آهي، تہ حيرت ۽ نفرت پيدا ڪن، جيئن اوهين پنهنجين اکين سان ڏسو ٿا.
9
ڇالاءِ جو ڏسو، اسان جا ابا ڏاڏا ترار سان مارجي ويا، ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون ۽ اسان جون زالون انهيءَ ڪري قيد ۾ آهن.
10
هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.
11
اي منهنجا ٻچڙا هاڻي غفلت نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو آهي تہ هن جي اڳيان بيهو ۽ خدمت ڪريو، ۽ اوهين هن جا خادم ٿيو ۽ لوبان ساڙيو.
12
تڏهن لاوي اُٿيا، يعني قهاتين جي پٽن مان، محت بن عماسي، ۽ يوايل بن عزرياہ: ۽ مراري جي پٽن مان، قيس بن عبدي، ۽ عزرياہ بن يهللئيل: ۽ جرسونين مان، يوآخ بن زمہ، ۽ عدن بن يوآخ:
13
۽ اليصفن جي پٽن مان، سمري ۽ يعوايل: ۽ آسف جي پٽن مان زڪرياہ ۽ متنياہ:
14
۽ هيمان جي پٽن مان يحي ايل ۽ سعمي: ۽ يدوتون جي پٽن مان سمعياہ ۽ عزي ايل.
15
۽ هنن پنهنجا ڀائر گڏ ڪيا ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي ڪلام موجب، خداوند جي گهر کي صاف ڪرڻ لاءِ اندر ويا.
16
۽ ڪاهن خداوند جي گهر جي اندرئين ڀاڱي ۾ ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ويا ۽ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ خداوند جي هيڪل منجهہ جيڪا گندگي ڏٺائون سا ٻاهر ڪڍي آندائون. ۽ لاوي اها ڪڍي قدرون جي نديءَ ڏانهن کڻي ويا.
17
هاڻي اُنهن پهرين مهيني جي پهرين تاريخ پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ مهيني جي اٺين تاريخ اهي خداوند جي دالان ۾ آيا: ۽ اٺن ڏينهن ۾ هنن خدا جي گهر کي پاڪ ڪيو: ۽ پهرين مهيني جي سورهين تاريخ هنن اهو ڪم پورو ڪيو.
18
تنهن کانپوءِ هو محلات ۾ لنگهي بادشاهہ حزقياہ وٽ ويا، ۽ چيائونس تہ اسان خداوند جو سارو گهر ۽ سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ، ۽ ان جي سڀني ٿانوَن، ۽ نذر جي مانيءَ جي ميز، ان جي ٿانوَن سميت، پاڪ ڪئي آهي.
19
تنهن کانسواءِ سڀ ٿانوَ، جي آخز بادشاهہ گنهگار ٿيڻ وقت پنهنجي راڄ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا، سي اسان تيار ڪري پاڪ ڪيا آهن؛ ۽ ڏس، اهي خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان آهن.
20
تڏهن حزقياہ بادشاهہ صبح جو سوير اُٿيو ۽ شهر جا سڀ امير گڏ ڪيائين ۽ خداوند جي گهر ڏي چڙهي ويو.
21
۽ هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا ۽ ست گهيٽا ۽ ست ٻڪر، بادشاهت جي لاءِ، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ، ۽ يهوداہ جي لاءِ، گناهہ جي قرباني ڪري آندا. ۽ هن هارون جي پٽن ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ اهي خداوند جي قربانگاهہ تي چاڙهين.
22
تڏهن هن ڍڳا ڪُٺا ۽ ڪاهنن رت کڻي قربانگاهہ تي ڇاٽاريو: ۽ هنن گهٽا ڪُٺا ۽ اهو بہ رت قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون: هنن گهيٽا بہ ڪُٺا ۽ انهن جو رت بہ قربانگاهہ تي ڇاٽاريائون.
23
پوءِ هنن گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بادشاهہ ۽ جماعت جي اڳيان ٻڪر آندا، ۽ انهن پنهنجا هٿ انهن تي رکيا:
24
پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.
25
۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.
26
۽ لاوي دائود جي سازن سان، ۽ ڪاهن قرنائن سان اٿي بيهي رهيا.
27
۽ حزقياہ حڪم ڏنو تہ قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين. ۽ جڏهن سوختني قرباني شروع ٿي، تڏهن خداوند جو راڳ بہ شروع ٿيو، ۽ قرنائون بہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جا ساز بہ وڄڻ لڳا.
28
۽ ساري جماعت سجدو ڪيو، ۽ ڳائڻ وارن ڳايو، ۽ قرنائن وارن وڄايو؛ اهو سڀ ڪم پئي هليو، جيسين ڪ سوختني قرباني پوري ٿي.
29
۽ جڏهن هنن قرباني پوري ڪئي، تڏهن بادشاهہ ۽ ٻيا جيڪي ساڻس حاضر هئا تن جهڪي سجدو ڪيو.
30
تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.
31
تڏهن حزقياہ ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو ويجهو اچو ۽ خداوند جي گهر ۾ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون آڻيو. ان موجب جماعت ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون اندر آنديون؛ ۽ جن جي دل جي خوشي هئي، تن سوختني قربانيون آنديون.
32
۽ جيڪي سوختني قربانيون جماعت آنديون سي شمار ۾ ستر ڍڳا، هڪ سؤ گهٽا، ۽ ٻہ سؤ گهيٽا هئا: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قرباني واسطي هئا.
33
۽ پاڪ ڪيل شيون ڇهہ سؤ ڏاند ۽ ٽي هزار رڍون هيون.
34
پر ڪاهن تمام ٿورا هئا، جنهنڪري اهي سڀني سوختني قربانين جون کلون لاهي نہ سگهيا: انهيءَ ڪري هنن جي ڀائرن لاوين انهن کي مدد ڏني، ۽ اهو ڪم پورو ٿيو؛ ۽ ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو: ڇالاءِ جو لاوي ڪاهنن کان وڌيڪ پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سالم دل وارا هئا.
35
۽ سوختني قربانيون، سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي ۽ هرهڪ سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيئڻ وارين قربانين سميت، تمام گهڻيون هيون. انهيءَ طرح خداوند جي گهر جي خدمت چاڪريءَ جو پورو بندوبست ٿي ويو.
36
۽ حزقياہ ۽ ساري قوم خوشيون ڪيون. ڇالاءِ جو خدا قوم جي لاءِ تياري ڪئي هئي: جو اهو ڪم جلدي لهي ويو.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36