bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 1
2 Chronicles 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 2 →
1
سليمان ولد دائود جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا ساڻس گڏ هو، جنهن سندس مان مٿاهون ڪيو.
2
هڪ ڏينهن سليمان بادشاهہ لشڪر جي سون ۽ هزارن جي دستن جي سالارن، رهبرن ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن ۽ گھراڻن جي وڏن کي حڪم ڏيئي چيو تہ
3
”اوهين سڀ مون سان گڏجي جِبعون واري مقدس هنڌ ڏانهن هلو.“ هو اوڏانهن ان ڪري ويا جو اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو لڳل هو، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ ٺاهيو هو.
4
پر عهد واري صندوق يروشلم ۾ هڪڙي تنبوءَ ۾ رکيل هئي، جيڪو سليمان جي پيءُ دائود تڏهن کوڙيو هو جڏهن اها صندوق قريتيعريم مان آندي هئائين.
5
پتل جي ٺهيل اها قربانگاهہ، جيڪا بصليايل ولد اوري ولد حور ٺهرائي هئي، سا پڻ جِبعون ۾ مقدس خيمي جي اڳيان رکيل هئي. سو سليمان سڀني ماڻهن سميت اوڏانهن عبادت ڪرڻ لاءِ ويو
6
۽ انهيءَ پتل جي قربانگاهہ تي خداوند جي حضور ۾ هڪ هزار ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيائين.
7
انهيءَ ئي رات خدا سليمان کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر تہ اهو آءٌ تو کي ڏيان.“
8
سليمان خدا کي ورندي ڏني تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود تي وڏي مهرباني ڪئي هئي ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو اٿيئي.
9
هاڻ اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو برقرار رهي، ڇو تہ تو مون کي هڪڙي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ بڻايو آهي جيڪا شمار ۾ واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ آهي.
10
سو هاڻي مون کي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪر تہ جيئن آءٌ صحيح نموني انهن جي اڳواڻي ڪري سگھان، نہ تہ تنهنجي هيڏي ساري قوم جي مٿان آءٌ ڪيئن انصاف سان حڪمراني ڪري سگھندس؟“
11
تڏهن خدا سليمان کي چيو تہ ”جيئن تہ اها ئي تنهنجي دلي خواهش هئي ۽ تو نہ مال، نہ دولت ۽ نہ عزت گھري آهي ۽ نہ ئي وري پنهنجي دشمنن جي لاءِ موت گھريو اٿيئي، نڪي وڏي حياتي گھري اٿيئي، بلڪ ڏاهپ ۽ علم گھريو اٿيئي، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي جنهن قوم تي مون تو کي بادشاهہ بڻايو آهي تنهن تي انصاف سان حڪمراني ڪري سگھين.
12
سو ڏاهپ ۽ علم تہ آءٌ تو کي عطا ڪريان ٿو، بلڪ انهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ تو کي مال، دولت ۽ عزت اهڙي عطا ڪندس جهڙي نہ تو کان اڳي وارن بادشاهن مان ڪنهن کي ملي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.“
13
پوءِ سليمان جِبعون واري مقدس هنڌ، جتي خدا سان ملاقات وارو خيمو هو، اتان موٽي يروشلم ۾ آيو. اتان ئي هو بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪندو رهيو.
14
وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.
15
سندس بادشاهيءَ دوران يروشلم ۾ چاندي ۽ سون پٿرن وانگر عام ٿي ويا ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.
16
سليمان جي لاءِ مصر ۽ ڪيوُ مان گھوڙا آندا ويندا هئا. شاهي سوداگر اهي مقرر ڪيل قيمت تي خريد ڪري آڻيندا هئا.
17
هو مصر مان في جنگي گھوڙي گاڏي ڇهہ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ ۽ في گھوڙو ڏيڍ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ خريد ڪري آڻيندا هئا. هو اهي گاڏيون ۽ گھوڙا حتين ۽ ارام جي بادشاهن کي پڻ برآمد ڪندا هئا.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36