bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 19
2 Chronicles 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
1
يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط جنگ مان صحيح سلامت موٽي يروشلم ۾ پنهنجي محل ۾ آيو.
2
تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي.
3
انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي ڳالهيون چڱيون آهن جو تو هن ملڪ مان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀن کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ماڻهو پوڄا ڪندا هئا. انهيءَ کان علاوہ تو خداوند جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“
4
هاڻي جيتوڻيڪ يهوسفط يروشلم ۾ پئي رهيو، تڏهن بہ هو اڪثر ڪري ڏکڻ ۾ بيرسبع کان وٺي اتر ۾ افرائيم جي جابلو علائقي تائين پنهنجي رعيت وارن وٽ ويندو رهيو ۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن وري کين موٽائي آندائين.
5
هن يهوداہ ملڪ جي ڪوٽن وارن سڀني شهرن ۾ جج مقرر ڪيا.
6
هن انهن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين فيصلو ٻڌائڻ وقت خبردار رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڪنهن انسان جي اختياريءَ سان نہ بلڪ خداوند جي اختياريءَ سان ڪم ڪريو ٿا. فيصلي ٻڌائڻ وقت هو اوهان سان گڏ آهي.
7
تنهنڪري اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ جيڪي ڪريو سو خبرداريءَ سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا وٽ بيانصافي ناهي، نڪي هو ڪنهن جي طرفداري ٿو ڪري ۽ نہ وري وٽس رشوت ٿي هلي.“
8
انهيءَ کان سواءِ يهوسفط يروشلم ۾ بہ لاوين ، ڪاهنن ۽ گھراڻن جي وڏن مان ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو تہ اهي خداوند جي شريعت مطابق انصاف ڪن ۽ جھيڙن جھڳڙن جا فيصلا ڪن. سو اهي يروشلم ۾ رهي ڪم ڪرڻ لڳا.
9
يهوسفط کين تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين خداوند جو خوف رکندي ايمانداريءَ ۽ صافدليءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪجو.
10
جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هموطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هموطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا.
11
ياد رکو، خداوند جي شريعت سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار امرياہ ڪاهن وٽ هوندو ۽ بادشاهہ جي قاعدن قانونن سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار يهوداہ جي گورنر زبدياہ ولد اسماعيل وٽ هوندو. لاوي بہ منهنجي طرفان اوهان سان گڏ عملدار مقرر هوندا. سو اوهين همت سان ڪم ڪريو. شل خداوند نيڪن سان گڏ هجي.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36