bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 12
2 Chronicles 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 13 →
1
هاڻ جڏهن رحبعام جي بادشاهي قائم ٿي ويئي ۽ هو پنهنجا پير ڄمائي ويو، تڏهن هن ۽ ساڻس گڏ سڀني يهوداہ وارن خداوند جي شريعت کي ڇڏي ڏنو.
2
جيئن تہ هو خداوند کان ڦري ويا هئا، تنهنڪري بادشاهہ رحبعام جي بادشاهيءَ جي پنجين سال مصر جو بادشاهہ سيساق يروشلم تي ڪاهي آيو.
3
هن سان ٻارهن سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ سٺ هزار گھوڙي سوار هئا. هن سان گڏ مصر مان آيل ماڻهو بيشمار هئا، جيڪي لبيا، سوڪي ۽ سوڊان ملڪن مان هئا.
4
هن يهوداہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ يروشلم تائين اچي پهتو.
5
تڏهن سمعياہ نبي يهوداہ جي اڳواڻن ۽ رحبعام وٽ آيو جيڪي سيساق جي خوف کان ڀڄي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هن کين چيو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي تيئن هاڻي مون بہ اوهان کي سيساق جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.‘“
6
تڏهن يهوداہ جي اڳواڻن ۽ بادشاهہ ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ خداوند عادل آهي.“
7
جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تڏهن سمعياہ سان ڳالهائيندي کيس فرمايائين تہ ”جيئن تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تنهنڪري آءٌ کين ناس نہ ڪندس پر ساڻن ڪجھہ رعايت ڪندس. منهنجي ڪاوڙ سيساق جي معرفت يروشلم تي نہ ڪڙڪندي.
8
تنهن هوندي بہ هو انهيءَ جي رعيت ٿي رهندا، تہ جيئن هنن کي منهنجي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ وارن ملڪن جي بادشاهن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ فرق جي خبر پوي.“
9
سو جڏهن مصر جي بادشاهہ سيساق يروشلم تي ڪاهہ ڪئي تڏهن هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ شاهي محل جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، ايستائين جو سليمان جون ٺهرايل سونيون ڍالون بہ کڻي ويو.
10
تڏهن بادشاهہ رحبعام انهن جي بدران پتل جون ڍالون ٺهرايون ۽ اهي پهري وارن جي سالارن جي حوالي ڪيائين جيڪي شاهي محل جي دروازي تي پهرو ڏيندا هئا.
11
جڏهن بہ بادشاهہ خداوند جي گھر ۾ ويندو هو، تڏهن پهري وارا اهي ڍالون کڻي ساڻس گڏ ويندا هئا ۽ پوءِ پهري واري جاءِ ۾ موٽائي آڻي رکي ڇڏيندا هئا.
12
جيئن تہ رحبعام بادشاهہ عاجزيءَ کان ڪم ورتو هو تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ هن تان ٽري ويئي ۽ کيس پوريءَ طرح ناس نہ ڪيائين، بلڪ سندس ملڪ يهوداہ ۾ حالات صحيح رهيا.
13
رحبعام بادشاهہ يروشلم ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري رهڻ لڳو ۽ سندس بادشاهي جاري رهي. جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ايڪيتاليهہ سال هئي. سترهن سال هن يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي، جنهن شهر کي خداوند بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان پنهنجي نالي کي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو. رحبعام بادشاهہ جي ماءُ جو نالو نعمہ هو جيڪا عمونين مان هئي.
14
رحبعام اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خراب هئا، ڇاڪاڻ تہ هو دلي طور تي خداوند جو طالبو نہ هو.
15
تواريخ وارو ڪتاب جيڪو نسبنامن موجب لکيل آهي، تنهن ۾ رحبعام جي بادشاهيءَ جا ٻيا واقعا، شروع کان آخر تائين، سمعياہ نبيءَ ۽ عدو غيبدان جي لکت ۾ آهن. رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگيون جھيڙا ٿيندا رهيا.
16
رحبعام وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس جاءِ تي سندس پٽ ابياہ بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36