bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 15
2 Chronicles 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 16 →
1
خدا جو روح عزرياہ ولد عودد تي نازل ٿيو.
2
تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.
3
جيئن تہ بني اسرائيل گھڻي عرصي تائين حقيقي خدا، تعليم ڏيندڙ ڪاهنن ۽ شريعت کان سواءِ پئي رهيا،
4
پر جڏهن پنهنجي مصيبت جي وقت هو خداوند ، بني اسرائيل جي خدا آڏو توبهہتائب ٿيا ۽ سندس طالبو بڻيا، تڏهن سندس راضپو حاصل ڪيائون.
5
انهن ڏينهن ۾ هيڏانهن هوڏانهن سفر ڪرڻ ۾ سلامتي ڪانہ هئي، بلڪ ملڪن جا سڀيئي رهاڪو گھڻين ئي تڪليفن ۾ هئا.
6
قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.
7
پر اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪمن جو اجر اوهان کي ضرور ملندو.“
8
جڏهن بادشاهہ آسا عزرياہ ولد عودد نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن جو حوصلو وڌيو. هن يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي جابلو علائقي ۾ قبضي ڪيا هيا تن مان ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون. هن خداوند جي قربانگاهہ جيڪا خداوند جي هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان هئي، تنهن جي بہ مرمت ڪرائي.
9
جڏهن اسرائيل ملڪ جي افرائيم، منسيءَ ۽ شمعون جي علائقن جي ماڻهن ڏٺو تہ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ آسا جو خدا هن سان گڏ آهي، تڏهن انهن مان تمام گھڻا ماڻهو وٽس اچي آباد ٿيا. بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني رهاڪن سان گڏوگڏ انهن کي بہ پاڻ وٽ سڏايو.
10
سو آسا جي بادشاهيءَ جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ اهي سڀيئي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.
11
لٽ جي مال مان جيڪو مال انهيءَ ڏينهن هنن پاڻ سان آندو تنهن ۾ ست سؤ ڍور ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ٻڪريون شامل هيون، جيڪي هنن خداوند جي حضور ۾ قربان ڪيون.
12
هنن عهد ڪيو تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا طالبو ٿي رهندا.
13
جيڪو بہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو طالبو نہ ٿيندو سو قتل ڪيو ويندو، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت.
14
هنن وڏي واڪي شرنايون ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي آڏو اهڙو قسم کنيو.
15
انهيءَ قسم تي سڄي يهوداہ خوشيون ملهايون، ڇاڪاڻ تہ هنن دل وَ جان سان قسم کنيو هو. ائين هو پنهنجي رضا خوشيءَ سان خدا جا طالبو ٿيا ۽ سندس راضپو حاصل ڪيائون. پوءِ خداوند هنن کي هر طرف کان آرام بخشيو.
16
بادشاهہ آسا پنهنجي ڏاڏيءَ معڪہ کي راڻي امان واري مرتبي تان هٽائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن يسيرہ ديويءَ جي مڪروہ مورتي ٺهرائي هئي. آسا اها بہ ڀڃائي ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ انهيءَ کي قدرون جي برساتي نهر وٽ ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيائين.
17
آسا جي دل سندس سڄي حياتي خدا سان پوريءَ طرح لڳل رهي. انهيءَ هوندي بہ ملڪ مان غير معبودن جا پوڄا گھر ختم نہ ڪيا ويا.
18
هن اهي سڀ شيون خدا جي گھر ۾ آڻي رکيون، جيڪي هن جي پيءُ ابياہ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون يعني چاندي، سون ۽ ٿانوَ.
19
آسا جي بادشاهيءَ جي پنجٽيهين سال تائين ڪابہ جنگ ڪانہ لڳي.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36