bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 24
2 Chronicles 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
1
يوآس ستن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل چاليهہ سال بادشاهي ڪيائين. سندس ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي رهاڪو هئي.
2
يهويدع ڪاهن جي جيئري يوآس اهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
3
يهويدع کيس ٻہ زالون پرڻايون، جن مان کيس پٽ ۽ ڌيئر ڄايون.
4
ڪجھہ عرصي کان پوءِ يوآس خداوند جي گھر جي مرمت ڪرائڻ جو ارادو ڪيو.
5
انهيءَ لاءِ هن ڪاهنن ۽ لاوين کي سڏائي کين حڪم ڏنو تہ ”اوهين يهوداہ جي شهرن ۾ وڃي سڀني ماڻهن کان هيڪل جي سالياني مرمت لاءِ پئسا گڏ ڪريو. ڏسو، انهيءَ ڪم ۾ اوهين جلدي ڪجو.“ پر لاوين بادشاهہ جي حڪم مطابق جلدي نہ ڪئي.
6
تڏهن بادشاهہ يهويدع سردار ڪاهن کي سڏائي چيو تہ ”تو لاوين تي زور ڇو نہ رکيو تہ هو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان اهو ڏنُ وصول ڪري اچن، جيڪو خدا جي ٻانهي موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي لاءِ سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو؟“
7
جيئن تہ بڇڙي عورت عتلياہ جي ماڻهن هيڪل جي عمارت کي نقصان پهچايو هو ۽ انهيءَ مان گھڻيون ئي وقف ٿيل شيون کڻي وڃي بعل ديوتا جي پوڄا ۾ استعمال ڪيون هئائون.
8
سو بادشاهہ جي حڪم موجب لاوين هڪڙي پيتي ٺهرائي ۽ اها خداوند جي گھر جي در وٽ ٻاهر رکائي ڇڏيائون.
9
پوءِ هنن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ اعلان ڪرائي ڇڏيو تہ ”جيڪو ڏنُ خدا جي ٻانهي موسيٰ بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجي سڄيءَ قوم تي مقرر ڪيو هو سو کڻي اچو.“
10
انهيءَ اعلان جي ڪري عام ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ سڀ بيحد خوش ٿيا ۽ پنهنجو ڏنُ آڻي انهيءَ پيتيءَ ۾ وجھندا رهيا، ايستائين جو اها ڀرجي ويئي.
11
پوءِ جڏهن اها پيتي لاوين جي هٿان بادشاهہ جي مقرر عملدارن وٽ آندي ويئي تڏهن هنن ڏٺو تہ انهيءَ ۾ تمام گھڻا پئسا پيل هئا. سو بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهن جي مددگار اندر اچي اها پيتي خالي ڪئي. پوءِ اها وري کڻي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح اهي اڪثر ائين ڪندا رهيا ۽ تمام گھڻي رقم گڏ ڪيائون.
12
پوءِ بادشاهہ ۽ يهويدع ڪاهن اها رقم هيڪل جي مرمت جي ڪم جي نگراني ڪندڙ ماڻهن کي ڏني، جن رازن ۽ واڍن کي هيڪل جي مرمت لاءِ مزدوري تي لڳايو ۽ انهيءَ کان سواءِ هيڪل ۾ لوهہ ۽ پتل جو ڪم ڪندڙن کي پڻ پئسا ڏنائون.
13
اهڙيءَ طرح ڪاريگرن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو ۽ مرمت جو سمورو ڪم پورو ڪري هيڪل کي پهريون واري حالت ۾ آندائون ۽ انهيءَ کي مضبوط پڻ ڪيائون.
14
جڏهن هو سمورو ڪم پورو ڪري چڪا تڏهن باقي بچيل رقم هنن بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آڻي رکي جن انهيءَ مان خوشبودان ۽ هيڪل جي خدمت ڪرڻ لاءِ ۽ قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جوڙايا. يهويدع جي جيئري رهڻ تائين باقاعدگيءَ سان هيڪل ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وينديون هيون.
15
هڪ سؤ ٽيهن سالن جي وڏي ڄمار تي پهچڻ کان پوءِ يهويدع وفات ڪئي.
16
کيس دائود جي شهر ۾ بادشاهن واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ جو هن خدا ۽ سندس قوم ۽ هيڪل لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.
17
يهويدع جي وفات کان پوءِ يهوداہ جي اڳواڻن اچي بادشاهہ يوآس کي ريجھايو ۽ هو سندن ڳالهين تي هلڻ لڳو.
18
سو ماڻهن هيڪل ۾ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. تڏهن انهيءَ گناهہ ڪرڻ جي ڪري يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.
19
انهيءَ هوندي بہ خداوند هنن ڏانهن نبي موڪليا تہ جيئن اهي توبهہتائب ٿين. نبين کين تنبيهہ ڪئي پر هنن سندن هڪ بہ نہ ٻڌي.
20
تڏهن خداوند جو روح زڪرياہ ولد يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو ۽ هو ماڻهن جي اڳيان مٿاهين جاءِ تي بيهي کين چوڻ لڳو تہ ” خداوند ٿو فرمائي تہ ’اوهين مون خداوند جي حڪم جي نافرماني ڇو ٿا ڪريو؟ ڇو اوهين پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا وجھو؟ جيئن تہ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري مون بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو.‘“
21
تنهن تي بادشاهہ يوآس ۽ سندس ماڻهو زڪرياہ جي خلاف ٿي پيا. پوءِ بادشاهہ جي حڪم سان هيڪل جي اڱڻ ۾ ئي زڪرياہ کي سنگسار ڪيو ويو.
22
اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“
23
انهيءَ سال جي پوري ٿيڻ تي ارام جو لشڪر يهوداہ تي چڙهائي ڪري آيو. هنن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اهي اڳواڻ جيڪي کين هٿ آيا، تن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄو مال لُٽي ارام جي بادشاهہ ڏانهن دمشق ۾ ڏياري موڪليائون.
24
جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن جي جٿي سان آيو هو، تڏهن بہ خداوند يهوداہ وارن جي وڏي لشڪر کي انهن کان شڪست ڏياري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. اهڙيءَ طرح يوآس بادشاهہ تي خدا جي طرفان سزا جو حڪم سچو ثابت ٿيو.
25
جيئن تہ يوآس لڙائيءَ ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، سو جڏهن ارامي لشڪر کيس ڇڏي هليو ويو، تڏهن سندس ئي ٻن عملدارن يهويدع ڪاهن جي پٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ کيس سندس پلنگ تي ئي ڪُهي ڇڏيو. کيس دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو پر بادشاهن واري قبرستان کان ٻاهر.
26
جن يوآس جي خلاف سازش سِٽي هئي سي زبد، جيڪو هڪ عموني عورت سماعت جو پٽ هو ۽ يهوزبد، جيڪو هڪ موآبي عورت سمريت جو پٽ هو.
27
باقي يوآس جي پٽن بابت ۽ کيس ڪيل خدا جي تنبيهہ جي باري ۾ ۽ هيڪل جي مرمت بابت سمورو احوال ”بادشاهن جي ڪتاب جو تفسير“ ۾ لکيل آهي. يوآس کان پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36