bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 33
2 Chronicles 33
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
1
جڏهن منسي بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٻارهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل پنجونجاهہ سال بادشاهي ڪئي.
2
جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
3
هن ٽڪرين تي ٺهيل اهي غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊهرائي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتائن لاءِ قربانگاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا بہ ٺهرايا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيائين.
4
هن انهيءَ هيڪل ۾ بتپرستن جون قربانگاهون تعمير ڪرايون، جنهن جي باري ۾ خداوند فرمايو هو تہ ” يروشلم شهر ۾ آءٌ هميشہ تائين پنهنجو نالو قائم رکندس.“
5
هن هيڪل جي ٻنهي اڱڻن ۾ آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا لاءِ قربانگاهون ٺهرايون.
6
هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.
7
هن هڪ تراشيل مورتي ٺهرائي ۽ اها کڻي اچي خدا جي گھر ۾ رکيائين، جنهن گھر جي باري ۾ خدا دائود ۽ سندس پٽ سليمان کي چيو هو تہ ”هي يروشلم شهر، جنهن کي مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي ڪڍيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ٺهيل منهنجي هيڪل ۾ آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس.
8
آءٌ وري بني اسرائيل کي هن ملڪ مان نہ ٿيڙيندس، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو، بشرطيڪ هو انهن سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهن جيڪي مون کين موسيٰ جي معرفت ڏنا آهن.“
9
تنهن هوندي بہ منسيءَ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي ايترو تہ گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪري ڇڏيو هو.
10
خداوند منسيءَ ۽ سندس قوم کي تنبيهہ ڪئي پر هنن انهيءَ ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو.
11
تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہسالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.
12
هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.
13
جڏهن هن خدا کان دعا گھري تڏهن خدا کي مٿس ڪهل آئي ۽ هن جو فرياد ٻڌائين. سو خدا کيس يروشلم ۾ سندس بادشاهت ۾ موٽائي آندو. تڏهن منسيءَ ڄاڻي ورتو تہ خداوند ئي واحد خدا آهي.
14
تنهن کان پوءِ هن دائود جي شهر جي ڪوٽ کي وري تعمير ڪرايو جيڪو برساتي نهر وٽ جيحون چشمي جي اولهہ طرف کان وٺي عوفل ٽڪريءَ جي چوڌاري مڇيءَ واري دروازي تائين هو. هن انهيءَ ڪوٽ کي تمام اوچو ٺهرايو. هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ فوجي سالار مقرر ڪري ڇڏيا.
15
هن خداوند جي گھر مان ڌارين معبودن جا بت ۽ اها تراشيل مورتي کڻائي ڇڏي، جيڪا پاڻ اتي رکي هئائين. هن اهي سڀ غير معبودن جون قربانگاهون جيڪي صيئون جبل تي بلڪ سڄي يروشلم ۾ ٺهرايون هئائين، سي سڀ ڪڍي شهر جي ٻاهران اڇلرائي ڇڏيون.
16
پوءِ هن خداوند جي قربانگاهہ جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ هو خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.
17
انهيءَ هوندي بہ ماڻهو اڃا پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪندا آيا، پر رڳو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ.
18
منسيءَ جا ٻيا ڪم ۽ خدا کان سندس دعا گھرڻ ۽ انهن نبين جون ڳالهيون جيڪي هنن خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي نالي سان کيس ٻڌايون، سي سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
19
هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہتائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
20
منسي وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس سندس ئي محل ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ امُون سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
21
جڏهن امُون بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٻاويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪئي.
22
هن پنهنجي پيءُ منسيءَ جي شروعاتي دور وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. جيڪي بت سندس پيءُ منسيءَ ٺهرايا هئا، امُون انهن سڀني لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ انهن کي پوڄيائين.
23
هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.
24
امُون جي عملدارن سندس خلاف سازش ڪئي ۽ کيس سندس ئي محل ۾ ماري ڇڏيائون.
25
تنهن تي ملڪ جي ماڻهن انهن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو جن امُون بادشاهہ جي خلاف سازش ڪئي هئي ۽ سندس پٽ يوسياہ کي ان جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايائون.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36