bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 4
2 Chronicles 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
1
بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربانگاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.
2
هن پتل جو پلٽيل هڪ وڏو گول حوض پڻ ٺهرايو، جنهن جي اوچائي سوا ٻہ ميٽر هئي، ان جو گھيرو ساڍا تيرهن ميٽر هو ۽ اهو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ساڍا چار ميٽر هو.
3
حوض جي ٻاهرين پاسي ڪناري جي هيٺان چوڌاري سوا ٻن ميٽرن تائين ڏاندن جا مجسما ٺهيل هئا. اهي مجسما ٻن قطارن ۾ هئا جيڪي حوض ٺاهڻ وقت ئي ان تي پلٽي ٺاهيا ويا هئا.
4
اهو حوض پتل جي ٻارهن ڏاندن جي پٺين تي رکيو ويو. انهن مان ٽن ڏاندن جو منهن اتر طرف، ٽن جو اولهہ طرف، ٽن جو ڏکڻ طرف ۽ ٽن جو اوڀر طرف هو. انهن ڏاندن جا پٺيان پاسا اندر حوض طرف هئا.
5
اهو حوض چار آڱر ٿلهو هو ۽ سندس ڪنارو پيالي جي ڪناري وانگر هو جيڪو ٻاهر طرف سوسن گل وانگر وريل هو. انهيءَ حوض ۾ ڇاهٺ هزار ليٽر ماپي ٿي سگھيا.
6
هن ڏهہ ننڍا حوض بہ ٺهرايا، جن مان پنج هيڪل جي ساڄي پاسي رکيائين ۽ پنج کاٻي پاسي. انهن ۾ جانورن جا ساڙڻ وارين قربانين جا حصا ڌوتا ويندا هئا. پر اهو وڏو حوض ڪاهنن جي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هو.
7
هن مقرر ڪيل قاعدن موجب ڏهہ سون جا شمعدان ٺهرايا ۽ اهي آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي.
8
هن ڏهہ ميزون ٺهرايون ۽ اهي بہ آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي. هن هڪ سؤ سونا ٿالهہ پڻ ٺهرايا.
9
هن هيڪل ۾ ٻہ اڱڻ ٺهرايا، هڪڙو ٻاهريون اڱڻ ۽ ٻيو اندريون اڱڻ، جيڪو رڳو ڪاهنن لاءِ هو. انهن ٻنهي اڱڻن جي وچ ۾ دروازا ٺهرايائين جن جي طاقن مٿان پتل چاڙهايائين.
10
هن وڏو حوض هيڪل ۾ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکرايو.
11
هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،
12
يعني ٻہ ٿنڀا، ٿنڀن جي چوٽين مٿان ٻہ پيالي نما ڇٽ، ٿنڀن جي چوٽين تي رکيل ڇٽن کي ڍڪڻ لاءِ ٻہ ڄاريون،
13
انهن ٻنهي ڄارين لاءِ چار سؤ پتل جي ڏاڙهن جون ٻہ ٻہ قطارون،
14
ڏهہ ننڍا حوض ۽ انهن لاءِ ڏهہ ريڙهيون،
15
هڪ وڏو حوض ۽ ان جي هيٺان ٻارهن ڏاند،
16
تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.
17
بادشاهہ اهي سڀ شيون اردن ماٿريءَ منجھہ سڪات ۽ صريدا ڳوٺن جي وچ واري علائقي ۾ چيڪي مٽيءَ واري پڪل ڪالب ۾ پلٽرايون.
18
انهن پتل جي ٺهيل شين جي تور نہ ڪرائي ويئي، ڇاڪاڻ تہ اهي تمام گھڻيون هيون.
19
بادشاهہ سليمان هيڪل لاءِ سون مان هي سامان پڻ ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميزون،
20
شمعدان جن ۾ ڏيئا قاعدي موجب مقدس ترين جاءِ جي اڳيان ٻارڻا هئا،
21
گل، ڏيئا ۽ ٽانڊن لاءِ چمٽا،
22
ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، ٿالهہ، لوباندان ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا. اهو سڀ سامان نج سون مان ٺهرايو ويو. هيڪل جا دروازا يعني مقدس ترين جاءِ جا دروازا ۽ وڏي هال جا دروازا، پڻ سون مان ٺهرايا ويا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36