bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 34
2 Chronicles 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 35 →
1
جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.
2
هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو ۽ انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.
3
سندس بادشاهيءَ جي اٺين سال جڏهن هو اڃا ننڍو هو تڏهن کان وٺي هو پنهنجي وڏي دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻارهين سال کان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ کي غير معبودن جي پوڄا گھرن، يسيرہ ديويءَ جي مورتين، ۽ ٻين سڀني بتن کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.
4
هن پنهنجي روبرو بعل ديوتائن جون قربانگاهون ڊهرائي ڇڏيون. انهن جي مٿان جيڪي لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون هيون سي بہ ڊهرائي ڇڏيائين. يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا، ۽ ٻيا سڀ بت ۽ مورتيون ڀڃائي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين. هن اهي ٽڪرا انهن جي قبرن تي پکيڙائي ڇڏيا جيڪي انهن تي قربانيون پيش ڪندا هئا.
5
هن انهن قربانگاهن تي سندن مذهبي اڳواڻن جا هڏا ساڙائي ڇڏيا، جن تي هو قربانيون پيش ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح هن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ کي هڪ دفعو وري انهيءَ پليتيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيو.
6
هن اسرائيل ملڪ جي منسي، افرائيم ۽ شمعون ويندي اتر طرف نفتالي قبيلن جي علائقن جي شهرن توڙي کنڊرات ۾
7
غير معبودن جون ٺهيل قربانگاهون ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ڪيرائي ڇڏيا ۽ بتن کي ڀڃائي دز ڪرائي ڇڏيائين. هن سڄي اسرائيل ملڪ مان لوبان ساڙڻ واريون سڀيئي قربانگاهون پڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون. پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو.
8
يوسياہ جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال جڏهن هو ملڪ کي ۽ خداوند جي گھر کي بتپرستن جي پوڄا کان پاڪ ڪري چڪو، تڏهن هن سافن ولد اصلياہ، يروشلم شهر جي اعليٰ عملدار معسياہ ۽ يوآخ ولد يوآخز شاهي منتظم کي خداوند پنهنجي خدا جي گھر جي مرمت ڪرائڻ لاءِ موڪليو.
9
هو سردار ڪاهن خلقياہ وٽ آيا ۽ کانئس اهي پئسا ورتائون جيڪي لاوي دربانن خداوند جي گھر ۾ گڏ ڪيا هئا ۽ خلقياہ وٽ رکيل هئا. اهي پئسا اسرائيل جي منسي ۽ افرائيم قبيلن ۽ باقي اسرائيل وارن کان ورتا ويا هئا، تنهن کان سواءِ بنيامين قبيلي وارن، يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کان پڻ وصول ڪيا ويا هئا.
10
پوءِ اهي پئسا انهن کي ڏنا ويا جيڪي خداوند جي گھر جي ڪم تي نگران مقرر ڪيا ويا هئا. انهن نگرانن وري اهي پئسا
11
واڍن ۽ اڏاوت ڪندڙن کي ڏنا تہ جيئن اهي هيڪل جي عمارتن جي مرمت لاءِ تراشيل پٿر ۽ شهتيرن جا ڪاٺ خريد ڪن، جيڪي عمارتون يهوداہ جي بادشاهن جي بيڌيانيءَ سبب ڊهي ويون هيون.
12
مزدورن ايمانداريءَ سان ڪم ٿي ڪيو. انهن کي هدايتون ڏيڻ ۽ سندن نگراني ڪرڻ لاءِ مٿن هي چار لاوي مقرر هئا: يحت ۽ عبدياہ جيڪي مراريءَ جي خاندان مان هئا، زڪرياہ ۽ مسلام، جيڪي قهات جي خاندان مان هئا. ٻيا لاوي جيڪي سازن وڄائڻ ۾ ماهر هئا،
13
سي مزدورن جي مٿان داروغا هئا ۽ هر قسم جي ڪم تي سڀني ماڻهن جي نگراني ڪندا هئا. لاوين مان ڪجھہ نگران مقرر هئا جڏهن تہ ٻيا منشي ۽ دربان بڻايا ويا.
14
جيڪي پئسا هيڪل جي گودام ۾ رکيا ويا هئا سي جنهن وقت ٻاهر ٿي ڪڍيا ويا تنهن وقت سردار ڪاهن خلقياہ کي ڪنهن هنڌان خداوند جي شريعت جو ڪتاب لڀي پيو جيڪو موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو هو.
15
تڏهن خلقياہ شاهي محرر سافن کي چيو تہ ”مون خداوند جي گھر مان هي شريعت جو ڪتاب لڌو آهي.“ پوءِ اهو ڪتاب سافن کي ڏنائين،
16
جيڪو سافن کڻي بادشاهہ وٽ ويو. هن بادشاهہ کي ڪم جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تہ ”اوهان جا عملدار اهو ڪجھہ ڪن ٿا پيا جيڪي کين ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي.
17
جيڪي پئسا هيڪل جي گودام ۾ رکيل هئا سي اسان ڪڍي نگراني ڪندڙن ۽ ڪم ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.“
18
پوءِ سافن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”سردار ڪاهن خلقياہ مون کي هي ڪتاب ڏنو آهي.“ سافن اهو ڪتاب بادشاهہ کي پڙهي بہ ٻڌايو.
19
جڏهن بادشاهہ شريعت جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پريشان ٿي پنهنجو جبو ڦاڙيو.
20
پوءِ بادشاهہ هڪدم خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عبدون ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي حڪم ڏنو تہ
21
”اوهين وڃي منهنجي لاءِ ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ هن لڌل ڪتاب ۾ جيڪي ڪجھہ لکيل آهي تنهن بابت خداوند کان پڇا ڪريو. اسان تي خداوند جو تمام گھڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي، ڇوجو اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب ۾ لکيل خداوند جي فرمان کي نہ مڃيندي ان جي سڀني ڳالهين تي عمل نہ ڪيو.“
22
تڏهن خلقياہ ۽ ٻيا ماڻهو جن کي بادشاهہ حڪم ڏيئي موڪليو هو سي خلدہ نبياڻيءَ ڏانهن ويا جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو.
23
نبياڻيءَ کين چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ اوهان کي مون ڏانهن موڪليو آهي تنهن کي
24
خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ’ياد رکو، آءٌ يروشلم شهر تي ۽ هتي جي رهاڪن تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان. هن ڪتاب ۾ لکيل اهي سڀ لعنتون ملامتون جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيون ويون آهن سي سڀ آڻيندس.
25
انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.
26
باقي يهوداہ جو بادشاهہ جنهن پنهنجي باري ۾ مون خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ اوهان کي موڪليو آهي، تنهن کي وڃي چئو تہ آءٌ خداوند ، بني اسرائيل جو خدا تنهنجي باري ۾ چوان ٿو تہ
27
جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.
28
جيڪا سزا آءٌ هن هنڌ ۽ هتي رهڻ وارن کي ڏيندس سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. تون انهيءَ کان اڳ سڪون سان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين.‘“ پوءِ اهي ماڻهو خداوند جو اهو پيغام کڻي يوسياہ بادشاهہ وٽ آيا.
29
تڏهن بادشاهہ يوسياہ ماڻهو موڪلي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اڳواڻن کي پاڻ وٽ گھرايو.
30
پوءِ بادشاهہ انهن اڳواڻن کي يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني ماڻهن، ڪاهنن ، لاوين مطلب تہ سڀني ننڍن توڙي وڏن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ۾ ويو. هن اتي خداوند جي گھر مان لڌل انهيءَ عهدنامي جو ڪتاب يعني شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن کي پڙهي ٻڌايون.
31
پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“
32
پوءِ هن بنيامين وارن ۽ جيڪي يروشلم ۾ هئا تن سڀني کان ان عهد جو اقرار ورتو تہ اهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدا جي عهد موجب عمل ڪندا.
33
جيڪي علائقا بني اسرائيل جي ملڪيت هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙا بت ڪڍائي ڇڏيا ۽ جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. جيستائين هو جيئرو هو تيستائين اهي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي فرمانبرداري ڪرڻ کان نہ ڦريا.
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36