bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 21
2 Chronicles 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 22 →
1
يهوسفط وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ يهورام بادشاهہ بڻيو.
2
بادشاهہ يهوسفط کي يهورام کان علاوہ ٻيا پٽ هي هئا: عزرياہ، يحيئيل، زڪرياہ، عزرياهو، ميڪائيل ۽ سفطياہ.
3
سندن پيءُ کين چاندي، سون ۽ ٻين قيمتي شين جي گھڻين ئي سوغاتن سان گڏ يهوداہ ملڪ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا هئا. پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇاڪاڻ تہ هو سندس پهريتو پٽ هو.
4
هاڻي يهورام جڏهن پنهنجي پيءُ جي بادشاهت حاصل ڪري پاڻ کي مضبوط ڪيو، تڏهن هن ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ پنهنجي سڀني ڀائرن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو.
5
يهورام ٻٽيهين سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل اٺ سال بادشاهي ڪيائين.
6
هو بدڪردار اخياب ۽ اهڙن ٻين اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ اخياب جي ڌيءَ سندس زال هئي. سو هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
7
انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گھراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گھريو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين تہ کانئس پوءِ سندس اولاد مان هميشہ تائين هڪڙو حڪمران رهندو ايندو.
8
يهورام جي حڪومت دوران ادوم ملڪ يهوداہ خلاف بغاوت ڪئي ۽ هڪ الڳ ملڪ ٺهي پيو هو.
9
تڏهن يهورام پنهنجي سالارن ۽ سڀني جنگي گھوڙي گاڏين سميت ادومين تي چڙهائي ڪري ويو جتي ادومين کين گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. پر رات جي وقت يهورام جو لشڪر ادومين جو گھيرو ٽوڙي ڀڄي ويو.
10
سو ادومي اڄ ڏينهن تائين يهوداہ ملڪ کان باغي رهندا ٿا اچن. يهورام جي ئي ڏينهن ۾ لبناہ شهر وارا بہ باغي ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو يهورام خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.
11
ايتري قدر جو يهورام يهوداہ جي جبلن تي غير معبودن جا پوڄا گھر بہ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح هن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي خدا کان ڦيري کين گمراهہ ڪري ڇڏيو.
12
تڏهن الياس نبيءَ وٽان کيس هڪڙو خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو تہ ” خداوند ، تنهنجي وڏي دائود جو خدا فرمائي ٿو تہ ’تون پنهنجي پيءُ يهوسفط توڙي يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين.
13
پر تون اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو آهين. تو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي خدا کان ڦيري گمراهہ ڪيو آهي جيئن اخياب جي گھراڻي ڪيو هو. انهيءَ کان سواءِ تو پنهنجي ڀائرن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪي تو کان چڱا هئا.
14
تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند تنهنجي قوم، تنهنجي اولاد ۽ تنهنجي زالن کي سخت سزا ڏيندس ۽ تنهنجي سڄي ملڪيت کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.
15
آءٌ تو کي آنڊن جي سخت بيماريءَ ۾ مبتلا ڪندس، ايتري قدر جو انهيءَ بيماريءَ جي ڪري روز بروز تنهنجي حالت خراب ٿيندي ويندي.‘“
16
تڏهن خداوند يهورام جي خلاف فلستين کي ۽ سوڊان جي ڀرسان رهندڙ عربن کي جوش ڏياري اٿاريو.
17
سو اهي يهوداہ تي چڙهائي ڪري آيا ۽ منجھس ڪاهي پيا. بادشاهہ جي محل مان جيڪو مال کين هٿ آيو سو ۽ سندس پٽ ۽ زالون بہ پاڻ سان کڻي هليا ويا. سڀني کان ننڍي پٽ اخزياہ کان سواءِ سندس ڪو اولاد باقي نہ بچيو.
18
انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ خداوند بادشاهہ يهورام کي آنڊن جو هڪڙو لاعلاج مرض بڇيو.
19
وقت گذرندو رهيو، ائين ٻن سالن گذرڻ بعد سخت بيماريءَ جي ڪري سندس آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ هو انهيءَ بري بيماريءَ ۾ مري ويو. هن جي قوم وارن هن لاءِ ڪو سوڳ نہ ڪيو ۽ نہ ڪو مچ ئي ٻاريو، جيئن سندس ابن ڏاڏن جي اعزاز ۾ سوڳ ڪندا هئا.
20
يهورام ٻٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل اٺ سال بادشاهي ڪيائين. هن جي مرڻ تي ڪنهن بہ سوڳ نہ ڪيو. کيس دفن تہ دائود جي شهر ۾ ئي ڪيو ويو پر شاهي قبرستان کان ٻاهر.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36