bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 3
2 Chronicles 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
1
پوءِ سليمان يروشلم ۾ مورياہ جبل تي هيڪل جي تعمير شروع ڪرائي، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي. اها جاءِ اُروناہ يبوسيءَ جي ڳاهہ ڳاهڻ جي پِڙ واري جاءِ هئي، جيڪا دائود انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.
2
هن تعمير جو ڪم پنهنجي بادشاهيءَ جي چوٿين سال جي ٻئي مهيني جي ٻي تاريخ کان شروع ڪرايو.
3
هيڪل تعمير ڪرڻ لاءِ بادشاهہ سليمان جيڪي بنياد وجھرايا تن جي ڊيگھہ ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر نوَ ميٽر هئي.
4
جيڪو ورانڊو هيڪل اڳيان تعمير ڪيو ويو تنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ اوچائي چوونجاهہ ميٽر هئس. انهيءَ ورانڊي کي اندران نج سون مڙهايو ويو.
5
هن مقدس جاءِ کي صنوبر جي تختن سان ڍڪرايو ۽ انهن تختن تي نج سون جو پٽ چاڙهايو ۽ مٿان کجين جا وڻ ۽ زنجيريون اُڪرايائين.
6
هن انهيءَ هيڪل کي قيمتي پٿرن ۽ پروائم ملڪ مان گھرايل سون سان سينگاريو.
7
هن هيڪل جي شهتيرن، چانئٺن، ڀتين ۽ دروازن تي سون جو پٽ چاڙهايو ۽ ڀتين تي پردار آسماني مخلوق جا نقش اُڪرايائين.
8
هن مقدس جاءِ جي پٺيان مقدس ترين جاءِ بہ تعمير ڪرائي، جنهن جي ڊيگھہ هيڪل جي ويڪر موجب نوَ ميٽر ۽ ويڪر بہ نوَ ميٽر هئي. هن انهيءَ مقدس ترين جاءِ تي اندران ايڪيهہ هزار ڪلوگرام سون چاڙهايو.
9
سونين ڪلين جي تور ڇهہ سؤ گرام هئي. هن مٿين ڪمرن جي ڀتين تي پڻ سون چاڙهايو.
10
هن مقدس ترين جاءِ جي ڪمري ۾ پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺهرايا ۽ انهن تي سون چاڙهايائين.
11
اهي ٻئي مجسما هڪٻئي جي ڀرسان دروازي ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. انهن جي پَرن جي ڪل ڊيگھہ ڪمري جي ويڪر جيتري يعني نوَ ميٽر هئي ۽ پَرن جون ٻاهريون چوٽيون هيڪل جي پاسن وارين ڀتين تائين ٿي پهتيون. آسماني مخلوق جي هر هڪ پَر جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر هئي ۽ ڪمري جي وچ ۾ هڪ آسماني مخلوق جو پَر ٻي آسماني مخلوق جي پَر تائين ٿي پهتو.
14
هن مقدس ترين جاءِ جي اڳيان هڻڻ لاءِ سوٽي ڪپڙي ۽ ٻين قسمن جي ڪپڙن مان نيري، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو پردو ٺهرايو جنهن تي پردار آسماني مخلوق جون تصويرون اُڻيل هيون.
15
سليمان بادشاهہ هيڪل جي لاءِ پتل جا ٻہ ٿنڀا ٺهرايا، جن جي ڪل ڊيگھہ سورهن ميٽر هئي. هر هڪ ٿنڀي جي چوٽيءَ تي جيڪو ڇٽ هو تنهن جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر هئي.
16
هن زنجيريون ٺهرائي ٿنڀن جي چوٽين جي چوڌاري ٻڌرايون. هر هڪ ڇٽ لاءِ هن پتل جا هڪ سؤ ڏاڙهون پڻ ٺهرايا جيڪي انهن زنجيرين ۾ هڻائي ڇڏيائين.
17
هن اهي ٿنڀا هيڪل جي اڳيان کڙا ڪرايا، هڪڙو ساڄي پاسي تہ ٻيو کاٻي پاسي. ساڄي پاسي واري ٿنڀي جو ياڪن نالو رکيو ويو ۽ کاٻي پاسي واري جو بوعز نالو رکيو ويو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36