bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 5
2 Chronicles 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 6 →
1
جڏهن اهو سمورو ڪم پورو ٿيو جيڪو هيڪل لاءِ ڪرايو ويو هو، تڏهن سليمان بادشاهہ اهي سڀ شيون کڻائي اچي هيڪل اندر رکايون جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. هن اهي سڀ شيون هيڪل جي خزاني ۾ رکايون.
2
تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.
3
سو اهي سڀيئي ماڻهو ستين مهيني ۾ تنبن واري عيد جي موقعي تي بادشاهہ وٽ اچي گڏ ٿيا.
4
جڏهن بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ پهچي ويا، تڏهن لاوين اها صندوق کنئي.
5
ڪاهن ۽ لاوي عهد واري صندوق ، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو سامان هيڪل ۾ کڻي آيا.
6
بادشاهہ سليمان ۽ وٽس گڏ ٿيل سڀني ماڻهن عهد واري صندوق جي اڳيان بيهي بيشمار رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا قربان ڪيا.
7
پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق هيڪل جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق جي مجسمن هيٺان مقرر ڪيل جاءِ تي آڻي رکي.
8
پردار آسماني مخلوق جا پر عهد واري صندوق ۽ ان جي ٻانهين جي مٿان پکڙيل هئا.
9
اهي ٻانهيون ايتريون تہ ڊگھيون هيون جو انهن جا ڇيڙا مقدس ترين جاءِ جي اڳيان مقدس جاءِ وٽان ڏسڻ ۾ ٿي آيا، پر مقدس جاءِ جي ٻاهران اهي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا. اڄ ڏينهن تائين اهي اتي ئي آهن.
10
انهيءَ صندوق ۾ انهن ٻن تختين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪين هو جيڪي موسيٰ ان وقت منجھس رکيون هيون، جڏهن بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت سينا جبل وٽ خداوند ساڻن عهد ٻڌو هو.
11
اتي جيڪي بہ ڪاهن هئا تن صندوق کڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل واري جي لحاظ کان سواءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو هو. هيڪل جي سمورن لاوي ڳائڻن، يعني آسف، هيمان، يدوتون ۽ سندن پٽن ۽ مائٽن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. اهي قربانگاهہ جي اوڀر پاسي بيٺا هئا ۽ ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائي رهيا هئا. انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن شرنايون پئي وڄايون. شرناين، ٽلين ۽ ٻين سازن وڄائڻ وارن سان گڏجي سڀيئي ڳائڻ وارا بلند آواز سان خداوند جي تعريف ۾ چئي رهيا هئا تہ ” خداوند جي واکاڻ هجي، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان نڪري آيا، تڏهن خداوند جو گھر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.
14
ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي ڪري عبادت نہ ڪري سگھيا، ڇاڪاڻ تہ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي هئي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36