bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 2
2 Chronicles 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
1
بادشاهہ سليمان ارادو ڪيو تہ هڪڙو گھر خداوند جي نالي تي جوڙائجي ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو شاهي محل پڻ تعمير ڪرائجي.
2
انهيءَ ڪم لاءِ سليمان بادشاهہ جبلن ۾ پٿر ٽُڪڻ لاءِ اسي هزار ماڻهو ۽ اهي پٿر ڍوئڻ لاءِ ستر هزار ماڻهو مقرر ڪيا. هن ٽي هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو انهن تي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا.
3
سليمان صور جي بادشاهہ حيرام ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تو منهنجي پيءُ دائود سان سندس رهڻ جي لاءِ محل تعمير ڪرڻ واسطي ديال جي ڪاٺ ڏيڻ جو سودو ڪيو هو تيئن مون سان بہ سودو ڪر.
4
آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.
5
جيڪو گھر آءٌ تعمير ڪرائڻ وارو آهيان سو تمام عاليشان هوندو، ڇو تہ اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڌيڪ عظيم آهي.
6
پر ڪنهن کي طاقت آهي جو ان لاءِ گھر تعمير ڪرائي سگھي؟ جڏهن تہ آسمان ۾ بلڪ عرش عظيم ۾ بہ هو سمائجي نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ آءٌ ڪير آهيان جو سندس حضور ۾ قربانيون پيش ڪرڻ جي خيال کان علاوہ هن لاءِ گھر بہ ٺاهي سگھان؟
7
سو تون هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل جيڪو هر قسم جو اُڪر جو ڪم ڄاڻندو هجي ۽ سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، لال ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ بہ ماهر هجي. هو يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي انهن ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪي منهنجي پيءُ دائود جا مقرر ڪيل آهن.
8
لبنان مان ديال، صنوبر ۽ چندن جو ڪاٺ مون ڏانهن ڏياري موڪل، ڇو تہ مون کي خبر آهي تہ تنهنجا نوڪر ڪاٺ ڪٽڻ جي ڪم ۾ ماهر آهن. اتي منهنجا ماڻهو تنهنجي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪندا،
9
تہ جيئن منهنجي لاءِ تمام گھڻو ڪاٺ تيار ڪن، ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھر مون کي ٺهرائڻو آهي سو تمام عاليشان هوندو.
10
آءٌ تنهنجي ڪاٺير نوڪرن کي سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڏريل ڪڻڪ، سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام جَوَ، چار لک چاليهہ هزار ليٽر مئي ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو تيل ڏياري موڪليندس.“
11
تڏهن صور جي بادشاهہ حيرام جواب ۾ سليمان ڏانهن لکي موڪليو تہ ”جيئن تہ خداوند کي پنهنجي قوم سان پيار آهي، تنهنڪري ئي هن تو کي انهيءَ مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.
12
خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن زمين ۽ آسمان کي بڻايو ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي سمجھہ ۽ عقل وارو هڪ پٽ عطا ڪيو، جيڪو خداوند جي لاءِ هڪ گھر ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محل تعمير ڪرائي ٿو.
13
آءٌ اوهان ڏانهن حورام نالي پنهنجو وڏو ڪاريگر موڪليان ٿو جيڪو نهايت سمجھدار ۽ سٺو هنرمند آهي.
14
هن جي ماءُ دان جي ڪٽنب مان آهي ۽ هن جو پيءُ صُور جو رهاڪو آهي. هو سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، پٿر ۽ ڪاٺ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، نيري، لال ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ماهر آهي. هو هر ڪنهن اُڪر جي ڪم ۾ ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ ماهر آهي. هو اوهان جي ڪاريگرن توڙي منهنجي آقا دائود ، اوهان جي پيءُ جي ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو.
15
سو هاڻ اوهين اها ڪڻڪ، جَوَ، زيتون جو تيل ۽ مئي اسان ڏانهن ڏياري موڪليو، جيئن اوهان واعدو ڪيو آهي.
16
اسين لبنان جي جبلن مان ايترو ڪاٺ وڍينداسون جيترو اوهين گھرندا. اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري يافا شهر جي بندر تائين آڻينداسون. پوءِ اُهو اوهين اُتان يروشلم ڏانهن کڻائي وڃجو.“
17
بادشاهہ سليمان اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي مردم شماري ڪرائي، جهڙيءَ طرح سندس پيءُ دائود ڪرائي هئي. اهي هڪ لک ٽيونجاهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا.
18
سليمان بادشاهہ جبلن ۾ پٿر ٽُڪڻ لاءِ اسي هزار ماڻهو ۽ اهي پٿر ڍوئڻ لاءِ ستر هزار ماڻهو مقرر ڪيا. هن ٽي هزار ڇهہ سؤ ماڻهو انهن مٿان نگران مقرر ڪيا.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36