bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 28
2 Chronicles 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
1
جڏهن آخز بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ڪم نہ ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس وڏي دائود چڱا ڪم ڪيا.
2
بلڪ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو ۽ بعل ديوتائن جي پوڄڻ لاءِ پلٽيل مورتيون ٺهرايائين.
3
هن هنوم ماٿريءَ ۾ غير معبودن واسطي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي هلي پنهنجي پٽن کي ساڙڻ واريءَ قربانيءَ طور پيش ڪيائين.
4
هو جبلن تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرن جي چوٽين تي ۽ هر ڪنهن وڏي ڇانوري واري وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو.
5
بادشاهہ آخز کي سندس گناهن جي ڪري خداوند سندس خدا ارام ملڪ جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري. سو ارامي سندس ماڻهن مان گھڻن کي قيدي بڻائي دمشق شهر ڏانهن وٺي آيا. تنهن کان پوءِ خداوند وري کيس اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ هٿان شڪست ڏياري، جنهن يهوداہ جي لشڪر ۾ وڏو ڪوس وڌو.
6
اسرائيل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار بهادر ماڻهو مارائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.
7
ذڪري نالي هڪ افرائيمي جنگي جوڌي آخز بادشاهہ جي پٽ معسياہ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ شاهي محل جي نگران عزريقام ۽ بادشاهہ جي نائب القانہ کي بہ قتل ڪري ڇڏيائين.
8
اسرائيل وارا پنهنجي همقوم يهوداہ وارن مان ٻہ لک عورتون ۽ ٻار قيد ڪري وٺي ويا. هنن لٽ جو مال بہ گھڻو ئي هٿ ڪيو جيڪو هو سامريہ شهر ڏانهن کڻي آيا.
9
سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.
10
هاڻ اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي مردن ۽ عورتن کي پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون بڻائڻ جي نيت رکو ٿا. پر اوهان پاڻ خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار نہ آهيو ڇا؟
11
سو منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو! پنهنجي همقوم وارن کي موٽائي سندن ملڪ ڏانهن موڪليو جن کي اوهين قيد ڪري وٺي آيا آهيو، نہ تہ خداوند جو غضب اوهان تي نازل ٿيڻ وارو آهي.“
12
تڏهن اسرائيل جا اڳواڻ عزرياہ ولد يهوحنان، برڪياہ ولد مسليموت، يحزڪياہ ولد سلوم ۽ عماسا ولد خدلي جيڪي افرائيم قبيلي مان هئا، تن جنگ تان موٽندڙن سان مهاڏو اٽڪايو.
13
هنن کين چيو تہ ”انهن قيدين کي هيڏانهن نہ وٺي اچو، نہ تہ اسان خداوند جي آڏو قصوروار ٿينداسين. ڇا اوهين اسان جي قصورن ۽ گناهن کي وڌائڻ گھرو ٿا؟ اسان جو قصور تہ اڳ ۾ ئي وڏو آهي ۽ خدا جو غضب اسان جي ملڪ اسرائيل تي ڀڙڪڻ وارو آهي.“
14
تڏهن لشڪر وارن اسرائيل جي اڳواڻن ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو قيدين ۽ لٽ جي مال کي ڇڏي ڏنو.
15
تڏهن ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو تہ هو قيدين جي سنڀال ڪن. انهن لٽ جي مال مان اُگھاڙن قيدين کي ڪپڙا پهرايا، کين جتيون پائڻ لاءِ ڏنائون، کين کاڌو کارايائون ۽ سندن زخمن جي ملم پٽي پڻ ڪيائون. انهن مان جيڪي ڪمزور هئا تن کي گڏهن تي چاڙهيو ويو. اهڙيءَ طرح سڀني قيدين کي يهوداہ ۽ اسرائيل جي سرحد وٽ کجين واري شهر يريحو ڏانهن واپس آندو ويو. پوءِ اسرائيل وارا سامريہ ڏانهن موٽي ويا.
16
پوءِ ادومين وري يهوداہ تي اچي حملو ڪيو ۽ يهوداہ وارن مان ڪن کي قيد ڪري وٺي ويا. سو بادشاهہ آخز اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر کان مدد گھري.
18
فلستين پڻ هيٺاهين زمين وارن شهرن تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي. هنن بيتشمس، ايالون ۽ جديروت شهرن تي ۽ آسپاس وارن ڳوٺن سميت شوڪہ، تمنہ ۽ جِمزو شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي آباد ٿي ويا.
19
خداوند سڄي ملڪ يهوداہ کي اتان جي بادشاهہ آخز جي ڪري ذليل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ آخز يهوداہ ۾ بڇڙائيءَ کي وڌايو هو ۽ خداوند جو ڏاڍو نافرمان ٿي پيو هو.
20
اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر هن وٽ آيو تہ سهي، پر مدد جي بجاءِ رهندو کيس مصيبت ۾ وڌائين.
21
آخز بادشاهہ خداوند جي گھر مان، شاهي محل مان ۽ اڳواڻن جي گھرن مان سون کڻي آڻي اشور جي شهنشاهہ جي اڳيان پيش ڪيو، تڏهن بہ کيس ڪا مدد ڪانہ ملي.
22
آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.
23
هن دمشق جي ديوتائن جي لاءِ قربانيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال موجب هنن ئي کيس شڪست ڏياري هئي. هن سوچيو تہ ”جيئن تہ ارام جي بادشاهن جي ديوتائن هنن جي مدد ڪئي هئي، سو آءٌ بہ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ جيئن هو منهنجي بہ مدد ڪندا.“ پر آخز جو اهو عمل سڀني يهوداہ وارن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيو.
24
آخز خدا جي گھر جو سمورو سامان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هن خدا جي گھر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ يروشلم جي هر گھٽيءَ جي ڪنڊ تي غير معبودن لاءِ قربانگاهون ٺهرايائين.
25
هن يهوداہ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ غير معبودن جي لاءِ پوڄا گھر ٺهرايا تہ جيئن اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياري.
26
هن جو باقي احوال ۽ طور طريقا، شروع کان آخر تائين، ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
27
نيٺ آخز وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ کيس يروشلم ۾ دفن ڪيو ويو. پر هن کي شاهي قبرستان ۾ نہ رکيو ويو. پوءِ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36