bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 36
2 Chronicles 36
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
1
يهوداہ ملڪ جي ماڻهن يوسياہ جي پٽ يهوآخز کي سندس پيءُ جي جاءِ تي يروشلم ۾ بادشاهہ بڻايو.
2
يهوآخز جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.
3
پوءِ مصر جي بادشاهہ نڪوہ جو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ يهوآخز کي تخت تان لاهي ڇڏيائون. نڪوہ بادشاهہ يهوداہ ملڪ کان ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي ۽ پنجٽيهہ ڪلوگرام سون ڍل طور ورتو.
4
پوءِ نڪوہ يهوآخز جي ڀاءُ الياقيم کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي بادشاهہ مقرر ڪيو ۽ هن جو نالو مَٽائي يهويقيم رکيائين. پوءِ نڪوہ سندس ڀاءُ يهوآخز کي قيدي بڻائي مصر ملڪ ڏانهن وٺي ويو.
5
جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.
6
تڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر مٿس ڪاهہ ڪري آيو ۽ کيس بابل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ زنجيرن سان ٻڌائينس.
7
نبوڪدنضر خداوند جي گھر جا ٿانوَ بہ بابل ڏانهن کڻي ويو ۽ هن اهي بابل ۾ پنهنجي محل ۾ وڃي رکرائي ڇڏيا.
8
يهويقيم جي بادشاهيءَ جو باقي احوال، هن جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا ۽ جيڪي ٻيون بڇڙايون ڪيائين سي سڀ ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن. سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
9
يهوياڪين جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.
10
نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.
11
صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.
12
هن جيڪي ڪم ڪيا سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ بُرا هئا. هن خداوند جي آڏو عاجزي نہ ڪئي ۽ يرمياہ نبيءَ خداوند جو جيڪو فرمان ٻڌايو پئي تنهن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو.
13
نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند ، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.
14
تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بيحرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.
15
سو خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجي پيغمبرن جي معرفت هنن ڏانهن وقت بوقت پيغام موڪليا، ڇاڪاڻ تہ هن کي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي گھر تي رحم آيو.
16
پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.
17
تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
18
خدا جي گھر جا سڀ ٿانوَ، وڏا توڙي ننڍا، ان جا خزانا ۽ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا خزانا، اهي سڀ جو سڀ هو بابل ڏانهن کڻائي ويو.
19
بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.
20
جيڪي مارجڻ کان بچي ويا هئا تن کي بابل جو بادشاهہ جلاوطن ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. اهي هن جا ۽ سندس اولاد جا تيستائين غلام ٿي رهيا جيستائين فارس جي شهنشاهہ بابل تي قبضو ڪيو.
21
اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“
22
فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪمنامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ
23
”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند ، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان. سو هاڻ اوهين سڀ خداوند جي قوم اوڏانهن موٽي وڃو. خداوند اوهان جو خدا شل اوهان سان گڏ هجي.“
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36