bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 31
2 Chronicles 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
1
جڏهن جشن پورو ٿيو، تڏهن اتي جيڪي ماڻهو آيا هئا سي سڀ نڪري يهوداہ جي ٻين شهرن ڏانهن ويا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان بت، يسيرہ ديويءَ وارن ٿنڀي جيان کوڙيل بتن سميت ڀڃي ڪيرائي ڇڏيائون. هنن يهوداہ ۾، بنيامين جي علائقي ۾، بلڪ افرائيم ۽ منسيءَ جي علائقن ۾ بہ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ قربانگاهون تباهہ ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا.
2
حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.
3
بادشاهہ پنهنجي چوپائي مال مان ساڙڻ وارين قربانين لاءِ جانور ڏيندو هو. اهي جانور خداوند جي شريعت مطابق صبح ۽ شام وارين قربانين لاءِ، سبت تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ جي قربانين لاءِ، ۽ مقرر عيدن تي قربانين لاءِ پيش ڪرڻا هئا.
4
تنهن کان سواءِ هن يروشلم جي رهاڪن کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ پنهنجي ملڪيت مان مقرر ٿيل حصو ڏيندا رهن تہ جيئن اهي پاڻ کي پوريءَ طرح شريعت موجب خداوند جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين.
5
انهيءَ حڪم جي جاري ٿيڻ سان ئي يروشلم جي ڪيترن ئي پنهنجي اناج، مئي، زيتون جي تيل، ماکيءَ ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيداوار مان پهريتي پيداوار جو ڏهون حصو گھڻي انداز ۾ آڻي ڏنو.
6
ان کان علاوہ يهوداہ وارا ۽ اسرائيل وارا جيڪي يهوداہ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ رهندا هئا تن بہ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن مان ڏهون حصو آڻي ڏنو ۽ جيڪي شيون خداوند سندن خدا جي لاءِ وقف ڪيون هيائون سي بہ آڻي ڍڳ ڪيائون.
7
سال جي ٽئين مهيني ۾ انهن ماڻهن انهيءَ حڪم تي عمل شروع ڪيو ۽ ستين مهيني ۾ اهو ڪم پورو ٿيو.
8
جڏهن بادشاهہ حزقياہ ۽ سندس عملدارن اچي اهو ڏٺو، تڏهن خداوند جي واکاڻ ڪيائون ۽ بني اسرائيل قوم کي دعا ڏنائون.
9
پوءِ حزقياہ بادشاهہ انهن نذرانن بابت ڪاهنن ۽ لاوين کان پڇا ڪئي.
10
تڏهن عزرياہ سردار ڪاهن جيڪو صدوق جي گھراڻي مان هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”جڏهن کان ماڻهن خداوند جي گھر ۾ پنهنجا نذرانا آڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان وٺي اسان جھجھو ئي پئي کاڌو پيتو آهي ۽ گھڻو ڪجھہ بچي بہ پيو آهي. جيئن تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي برڪت ڏني آهي، سو کاڌي کان پوءِ بہ هيترو سارو بچيو پيو آهي.“
11
تڏهن حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ سامان لاءِ خداوند جي گھر ۾ گدام ٺاهيا وڃن.“ سو هنن اهي تيار ڪيا.
12
پوءِ اهي نذرانا ۽ ڏهان حصا انهن گدامن ۾ حفاظت سان رکيائون. انهن شين جي مٿان ڪنعنياہ نالي لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ويو ۽ سندس ڀاءُ سمعيءَ کي نائب نگران مقرر ڪيو ويو.
13
ڪنعنياہ ۽ سندس ڀاءُ سمعيءَ جي هٿ هيٺ ٻيا ڏهہ لاوي بہ مقرر ڪيا ويا، جن جا نالا يحيئيل، عزرياہ، نحت، عساهيل، يريموت، يوزبد، اليايل، اسماڪياہ، محت ۽ بناياہ هئا. انهن جي مقرري حزقياہ بادشاهہ ۽ عزرياہ سردار ڪاهن جي اختياريءَ هيٺ ڪئي ويئي.
14
قوري ولد يمنہ لاوي جيڪو هيڪل جي اوڀر واري دروازي جو دربان هو سو خدا لاءِ آندل خوشيءَ جي نذرانن جو نگران بہ مقرر هو. قوري اهي نذرانا ڪاهنن ۽ لاوين ۾ سندن حصي مطابق ورهائيندو هو.
15
انهيءَ جي هٿ هيٺ عدن، منيامين، يشوع، سمعياہ، امرياہ ۽ سڪنياہ لاوي مقرر هئا جيڪي ايمانداريءَ سان ڪاهنن جي شهرن ۾ ڪاهنن ۽ لاوين مان وڏن توڙي ننڍن کي سندن مقرر حصو پهچائيندا هئا.
16
انهيءَ کان علاوہ هو انهن سڀني مردن کي بہ حصو ڏيندا هئا جن جا نالا نسب نامي ۾ لکيل هئا توڙي جو اهي ٽن سالن جا هئا يا ٽن سالن کان مٿي هئا. انهيءَ نسب نامي ۾ اهي ماڻهو بہ شامل هئا جيڪي هر روز پنهنجي مقرر خدمت مطابق ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ خداوند جي گھر ۾ ايندا هئا.
17
سڀيئي ڪاهن پنهنجي پنهنجي گھراڻن موجب نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، جڏهن تہ اهي لاوي جيڪي ويهن سالن يا ويهن سالن کان مٿي عمر وارا هئا تن جا نالا پنهنجي پنهنجي مقرر خدمت ۽ ٽولي مطابق نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا.
18
انهن جا سڀ گھراڻا بہ، زالن، ٻارن ۽ ٻين محتاجن سميت نسب نامن ۾ داخل ٿيل هئا، ڇاڪاڻجو هو هر وقت پنهنجي مخصوص ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ حاضر رهندا هئا.
19
مختلف شهرن ۽ انهن جي پسگرداين ۾ هارون جي اولاد مان ڪجھہ ڪاهنن جا ڪٽنب رهندا هئا، تن لاءِ ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جيڪي انهن ڪاهنن جي مردن کي سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا. اهي مقرر ڪيل ماڻهو انهن لاوين کي جيڪي اتي رهندا هئا ۽ جن جا نالا نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، تن سڀني کي بہ سندن حصا پهچائي ڏيندا هئا.
20
اهڙيءَ طرح حزقياہ بادشاهہ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اهو ئي ڪجھہ ڪيو، جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ چڱو، درست ۽ سچائيءَ تي ٻڌل هو.
21
جيڪو بہ ڪم هن خدا جي گھر جي خدمت لاءِ يا شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيو، سو خدا جي طلب رکندي دل وَ جان سان ڪيائين. تنهنڪري هو هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36