bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 8
2 Chronicles 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
1
هيڪل ۽ پنهنجي محل تعمير ڪرائڻ ۾ سليمان کي ويهہ سال لڳي ويا.
2
تنهن کان پوءِ هن اهي شهر پڻ وري تعمير ڪرايا جيڪي کيس حيرام بادشاهہ ڏنا هئا. هن بني اسرائيل مان ڪن کي اتي رهڻ لاءِ موڪليو.
3
سليمان حمات ضوباہ نالي علائقي تي بہ حملو ڪري مٿس قبضو ڪيو.
4
هن بيابان ۾ تدمور نالي شهر تعمير ڪرايو ۽ حمات علائقي ۾ گدامن وارا سڀ شهر پڻ نئين سر تعمير ڪرايائين.
5
سليمان مٿاهون بيتحورون ۽ هيٺاهون بيتحورون بہ وري تعمير ڪرايا. اهي شهر ڪوٽن ۽ دروازن وارا شهر هئا، جن جي دروازن ۾ گز پيل هئا.
6
هن بعلات شهر، گدامن وارا شهر ۽ اهي شهر بہ وري تعمير ڪرايا جن ۾ سندس گھوڙي گاڏيون ۽ سندس گھوڙي سوار رهندا هئا. هن يروشلم ۾، لبنان ۾ ۽ پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ ٻيو جيڪي بہ چاهيو سو تعمير ڪرايو.
7
سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ حتي، اموري، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو پيو اچي.
9
پر سليمان بني اسرائيل مان ڪنهن کي بہ بيگار ۾ نہ لڳايو. هن انهن کان سپاهگيري، عملداري، گھوڙي گاڏين جي سالاري ۽ گھوڙي سواريءَ جا ڪم ورتا.
10
سليمان بادشاهہ جا ٻہ سؤ پنجاهہ مکيہ عملدار هئا جيڪي بيگار وارن جي نگراني ڪندا هئا.
11
سليمان پنهنجي زال جيڪا فرعون جي ڌيءَ هئي، تنهن کي دائود جي شهر مان ڪڍي انهيءَ محل ۾ آندو جيڪو سندس لاءِ جوڙايو هئائين. هن چيو تہ ”منهنجي زال کي اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي محل ۾ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اها غير قوم مان آهي ۽ جنهن جنهن جاءِ ۾ خداوند جي عهد واري صندوق آئي آهي سي سڀيئي پاڪ آهن.“
12
سليمان خداوند جي انهيءَ قربانگاهہ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، جيڪا هن هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان ٺهرائي هئي.
13
هو اهي ساڙڻ واريون قربانيون موسيٰ جي شريعت موجب مخصوص ڏينهن تي مقرر طريقي مطابق پيش ڪندو هو، جهڙوڪ: سبت جي ڏينهن تي، نئين چنڊ تي، سال ۾ ٽي ڀيرا مقرر عيدن تي يعني بيخميري مانيءَ جي عيد تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي.
14
پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
15
جيڪو حڪم دائود ڪاهنن ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏيندو هو، تنهن جي هو ڀڃڪڙي نہ ڪندا هئا.
16
هيڪل جي بنياد پوڻ کان وٺي ان جي ٺهي راس ٿيڻ تائين سليمان انهيءَ جا ٻيا سمورا ڪم بہ ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا.
17
پوءِ سليمان عيصونجابر ۽ ايلات شهرن ڏانهن ويو، جيڪي ادوم جي ملڪ ۾ خليج عقبہ جي ڪناري تي اڏيل هئا.
18
حيرام بادشاهہ پنهنجي سالارن سميت سامونڊي جهازن سان گڏ تجربيڪار ملاح سليمان ڏانهن ڏياري موڪليا. اهي سليمان جي ماڻهن سان گڏجي اوفير جي علائقي ڏانهن ويا ۽ اتان اٽڪل پندرهن هزار ڪلوگرام سون بادشاهہ سليمان وٽ کڻي آيا.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36