bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 30
2 Chronicles 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
1
هر نئين سال جي پهرئين مهيني ۾ عيد فصح ملهائڻي هوندي هئي. پر هن سال اها مقرر وقت تي نہ ملهائي ويئي هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم لاءِ گھربل تعداد جيترن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو ۽ نہ وري ماڻهو ئي يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا. سو بادشاهہ پنهنجي سڀني عملدارن ۽ ماڻهن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ عيد فصح ملهائي وڃي. اهو فيصلو بادشاهہ ۽ سڄيءَ عوام کي چڱو لڳو. سو حزقياہ بادشاهہ سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن چورائي موڪليو ۽ خاص طور افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن ڏانهن بہ خط لکي موڪليائين تہ سال جي ٻئي مهيني ۾ سڀيئي ماڻهو اچي خداوند جي گھر وٽ عيد فصح ملهائين.
5
يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ طرف بيرسبع شهر کان وٺي اسرائيل جي اتر طرف دان شهر تائين سڄي بني اسرائيل ۾ پڙهو گھمرايو ويو تہ سڀيئي ماڻهو خداوند ، بني اسرائيل جي خدا لاءِ عيد فصح ملهائڻ خاطر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين. انهيءَ سبب جو گھڻي عرصي کان ڪيترن ئي ماڻهن شريعت موجب عيد فصح ڪونہ ملهائي هئي.
6
بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا جيڪي خط بادشاهہ جي حڪم تي قاصد سڄي اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ڏانهن کڻي ويا، تن ۾ لکيل هو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! جيئن تہ اوهين اشور جي شهنشاهن جي هٿن کان بچي ويا آهيو، سو خداوند ، اسان جي وڏن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا آڏو توبهہتائب ٿيو، تہ من هو اوهان تي وري مهربان ٿئي.
7
اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ انهن قوم وارن وانگر نہ ٿيو، جن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي نافرماني ڪئي، جنهن ڪري هن کين عبرت جوڳو بڻائي ڇڏيو جيڪا ڳالهہ اوهين اڳي ئي ڄاڻو ٿا.
8
هاڻي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر پنهنجن ڳاٽن کي اوچو نہ ڪريو، بلڪ خداوند جي آڏو جھڪو. اوهين انهيءَ مقدس هيڪل وٽ اچو جيڪا هن هميشہ پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي آهي. خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ جيئن هن جي سخت ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.
9
جيڪڏهن اوهين خداوند آڏو توبهہتائب ٿيندا، تہ هو انهن جي دل ۾ رحم وجھندو جيڪي اوهان جي مائٽن ۽ اوهان جي اولاد کي قيد ڪري وٺي ويا آهن ۽ اهي جلاوطن ٿيل وري هن ملڪ ڏانهن موٽي ايندا. خداوند اوهان جو خدا فضل ۽ رحم وارو آهي. جيڪڏهن اوهين هن آڏو توبهہتائب ٿيندا تہ هو بہ اوهان کان منهن نہ موڙيندو.“
10
قاصد افرائيم ۽ منسيءَ جي سڄي علائقي ۾ شهر بہ شهر ٿيندا اتر واري زبولون جي علائقي تائين وڃي پهتا، پر ماڻهو مٿن کلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
11
تنهن هوندي بہ آشر، منسي ۽ زبولون قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن حزقياہ جي پيغام تي ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ يروشلم ۾ اچڻ جو يقين ڏياريو.
12
هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.
13
سو ماڻهن جو هڪ تمام وڏو تعداد ٻئي مهيني ۾ بيخميري مانيءَ واري عيد ملهائڻ لاءِ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيو.
14
يروشلم ۾ غير معبودن جون جيڪي لوبان يا قربانيون ساڙڻ واريون قربانگاهون هيون سي سڀ هنن ڊاهي قدرون جي برساتي نهر ۾ کڻي اڇلائي ڇڏيون.
15
هنن ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تي عيد فصح جا گھيٽا ذبح ڪيا. ڪاهن ۽ لاوي جيڪي اڃا پاڪ نہ ٿيا هئا تن پشيمان ٿي پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پوءِ ماڻهن طرفان خداوند جي هيڪل آڏو ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لاءِ
16
هر هڪ ڪاهن ۽ لاوي خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجن پنهنجن مقرر ڪيل ڪمن کي لڳي ويو. ڪاهنن لاوين جي هٿان قربانين جو رت وٺي قربانگاهہ تي ڇٽڪاريو.
17
جيئن تہ ميڙ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهنڪري لاوين انهن جي پاران خداوند لاءِ عيد فصح جون قربانيون ذبح ڪيون، تہ جيئن اهي قربانيون خداوند وٽ قبول پون.
18
جيتوڻيڪ افرائيم، منسي، اِسڪار ۽ زبولون قبيلي وارن مان گھڻن ئي ماڻهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهن هوندي بہ شريعت جي برخلاف هنن عيد فصح کاڌي. پر حزقياہ بادشاهہ هنن لاءِ دعا گھري تہ ”اي ڀلارا خداوند! تون انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪر
19
جيڪي تو خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جا پنهنجي دل وَ جان سان طالبو آهن، توڙي جو اهي هيڪل جي قانونن موجب پاڪ نہ ٿيا هجن.“
20
خداوند حزقياہ جي دعا قبول ڪئي ۽ ماڻهن کي معاف ڪيائين.
21
سو جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ اچي حاضر ٿيا هئا تن ڏاڍي خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين بيخميري مانيءَ جي عيد ملهائي، جڏهن تہ لاوين ۽ ڪاهنن روزانو پوري جوش ۽ جذبي سان خداوند جي تعريف جا گيت پئي ڳايا.
22
حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.
23
تڏهن سڀيئي ماڻهو ان ڳالهہ تي متفق ٿيا تہ ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ملهائجي، سو هنن خوشيءَ سان ٻيا ست ڏينهن بہ عيد ملهائي.
24
يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ سڀني ماڻهن لاءِ هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ٻڪريون مهيا ڪري ڏنيون ۽ اميرن کين هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ٻڪريون ڏنيون. تنهنڪري انهن هيترين قربانين پيش ڪرڻ لاءِ ڪاهنن جي وڏي تعداد پاڻ کي پاڪ ڪيو.
25
سڀيئي يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن وارا، ڪاهنن ۽ لاوين سميت ۽ اهي سڀ پرڏيهي جيڪي يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن ۾ رهندا هئا ۽ عيد ملهائڻ لاءِ اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا هئا، تن سڀني بيحد خوشيون ملهايون.
26
اهڙيءَ طرح يروشلم ۾ ڏاڍي خوشي ملهائي ويئي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جي بادشاهہ سليمان ولد دائود کان پوءِ اهڙي خوشي يروشلم ۾ اڳ نہ ٿي هئي.
27
تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36