bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 17
2 Chronicles 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 18 →
1
آسا جو پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو ۽ اسرائيل جي خلاف پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪيائين.
2
هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ لشڪر مقرر ڪيا. ان کان علاوہ افرائيم جا جيڪي شهر سندس پيءُ آسا قبضي ڪيا هئا تن ۾ ۽ يهوداہ جي ٻين هنڌن تي بہ چوڪيون قائم ڪيائين.
3
خداوند يهوسفط سان گڏ هو، ڇاڪاڻ تہ جيئن سندس پيءُ پنهنجي شروعاتي دور ۾ پئي هليو تيئن هن بہ ڪيو ۽ بعل ديوتا جي پٺيان ڪونہ لڳو.
4
هو اسرائيل جي بادشاهن جي بري رستي تي هلڻ بدران پنهنجي پيءُ جي خدا جي طلب ۾ رهيو ۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪندو رهيو.
5
سو خداوند انهيءَ جي هٿ هيٺ بادشاهت قائم ڪئي ۽ سڄي يهوداہ جي ماڻهن يهوسفط وٽ نذرانا پئي آندا، تان جو هو دولت ۽ عزت ۾ گھڻو وڌي ويو.
6
هن جي دل خدا جي واٽن تي لڳي رهي. ٻيو تہ هن سڄي يهوداہ ۾ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا ڊهرائي ڇڏيا.
7
هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ٽئين سال پنهنجي عملدارن بنخيل، عبدياہ، زڪرياہ، نتنيايل ۽ ميڪاياہ کي موڪليو تہ اهي يهوداہ جي شهرن ۾ وڃي تعليم ڏين.
8
انهن سان گڏ هي لاوي بہ هئا: سمعياہ، نتنياہ، زبدياہ، عساهيل، سميراموت، يهونتن، ادونياہ، طوبياہ ۽ طوب ادونياہ. انهن سان گڏ اليسمع ۽ يهورام ڪاهن پڻ هئا.
9
انهن وٽ خداوند جي شريعت جو ڪتاب هو، جنهن جي هنن يهوداہ ۾ تعليم ٿي ڏني. اهي يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ ويا ۽ ماڻهن کي تعليم ڏنائون.
10
يهوداہ جي چوڌاري جيڪي ملڪ هئا تن جي سڀني بادشاهن تي خداوند جو خوف طاري ٿي ويو، جنهنڪري انهن يهوسفط سان جنگ نہ ڪئي.
11
ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ٽيڪس طور آڻي ڏني. عرب جي رهاڪن بہ هن کي ٽيڪس طور ست هزار ست سؤ گھٽا ۽ اوترا ئي ٻڪر ڏنا.
12
يهوسفط تمام طاقتور ٿيندو ويو. هن يهوداہ ۾ گدام وارا شهر ۽ قلعا تعمير ڪرايا.
13
انهن شهرن ۾ هن وٽ گھڻو ئي راشن هو. هن يروشلم ۾ آزمودگار جنگي جوڌا مقرر ڪيا.
14
انهن جو تعداد سندن گھراڻن موجب هيئن هو: يهوداہ مان هزارن جي دستن جو سالار عدنہ پنهنجي ٽي لک جنگي جوڌن سميت،
15
ان کان ٻئي نمبر تي سالار يهوحنان ٻہ لک اسي هزار جنگي جوڌن سميت،
16
ٽيون عمسياہ بن زڪري، جنهن رضاڪارانہ طور تي پاڻ کي خداوند جي خدمت لاءِ پيش ڪيو سو ٻہ لک جنگي جوڌن سميت،
17
بنيامين مان هڪ همت ڀريو جان نثار سالار اليدع، ٻہ لک تيراندازن ۽ ڍال بردارن سميت،
18
ان کان پوءِ يهوزبد جنهن سان هڪ لک اسي هزار ماڻهو هئا، جيڪي جنگ جي لاءِ مسلح هئا.
19
هي اهي ماڻهو هئا جيڪي بادشاهہ جا ملازم هئا. انهن کان علاوہ بادشاهہ ٻين ماڻهن کي بہ سڄي يهوداہ ۾ قلعي وارن شهرن ۾ مقرر ڪيو هو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36