bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 26
2 Chronicles 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
1
پوءِ يهوداہ جي سڀني ماڻهن امصياہ جي پٽ عُزياہ کي سندس پيءُ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.
2
عُزياہ پنهنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ايلات شهر تي ٻيهر قبضو ڪري يهوداہ ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ان جي نئين سر تعمير ڪرايائين.
3
جڏهن عُزياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن سندس عمر سورهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٻاونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يڪولياہ هو جيڪا يروشلم جي رهندڙ هئي.
4
پنهنجي پيءُ امصياہ وانگر هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
5
زڪرياہ هن کي خداترسيءَ جي تعليم ڏيندو هو ۽ جيستائين زڪرياہ جيئرو هو تيستائين عُزياہ خدا جي طلب ۾ مشغول رهيو ۽ خدا کيس ڪاميابيون ڏنيون.
6
هڪڙي دفعي عُزياہ نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات، يبنہ ۽ اشدود شهرن جا ڪوٽ ڪيرايائين. هن پوءِ فلستين جي علائقي ۾ اشدود شهر جي ويجھو ۽ ٻين هنڌن تي بہ ڪوٽن وارا شهر ٻڌرايا.
7
فلستين ، جُوربعل ۾ رهندڙ عربن ۽ معونين کي شڪست ڏيڻ ۾ خدا سندس مدد ڪئي.
8
عموني عُزياہ کي ڏنُ ڏيڻ لڳا ۽ هو ايترو تہ طاقتور ٿي ويو جو مصر تائين سندس هاڪ پئجي ويئي.
9
عُزياہ يروشلم شهر ۾ ڪنڊ واري دروازي وٽ، ماٿريءَ واري دروازي وٽ ۽ ڀت جي وراڻي وٽ ٺُلهَہ ٺهرائي ڪوٽ کي مضبوط ڪيو.
10
هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.
11
عُزياہ بادشاهہ وٽ جنگ لاءِ هڪ وڏو لشڪر هوندو هو، جيڪي سندس محرر يعيئيل ۽ ناظم معسياہ جي شمار موجب ٽولين ٽولين جي صورت ۾ بادشاهہ جي هڪڙي سپهہسالار حنانياہ جي نظرداريءَ هيٺ جنگ لاءِ تيار هوندا هئا.
12
جنگي جوانن مٿان سالارن جو جملي تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ هو.
13
انهن سالارن جي نظرداريءَ هيٺ ٽي لک ساڍا ست هزار جوانن جو سکيا ورتل لشڪر هو، جيڪي بادشاهہ لاءِ سندس دشمنن جي خلاف وڏي بهادريءَ سان وڙهڻ لاءِ تيار هوندا هئا.
14
عُزياہ سڄي لشڪر کي ڍالون، نيزا، سپرون، زرهون، تيرڪمان ۽ کانڀاڻين ۾ هڻڻ لاءِ پٿر جا گولا موجود ڪري ڏنا هئا.
15
هن يروشلم ۾ هنرمندن کان نئين نموني جون مشينون ٺهرايون جيڪي تير ۽ وڏا پٿر وَسائڻ لاءِ ٺُلهن ۽ ڪوٽن جي ڪنڊن تي رکيون ويون. سو هر طرف هن جي هاڪ پئجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مدد سان هو ڏاڍو طاقتور بڻجي ويو.
16
پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙيو.
17
تڏهن عزرياہ ڪاهن ، ٻين اَسي دلير ڪاهنن سان گڏ سندس پٺيان هيڪل ۾ اندر گھڙي آيو.
18
هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“
19
تڏهن عُزياہ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو ان وقت خداوند جي گھر ۾ لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ جي ڀرسان بيٺو هو ۽ لوبان ساڙڻ وارو ٿانوَ هٿ ۾ هئس. سو جيئن ئي هو ڪاهنن تي ڇوهہ ڇنڊي رهيو هو تيئن اوچتو ڪاهنن جي موجودگيءَ ۾ سندس پيشاني تي ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري ظاهر ٿي.
20
جڏهن سردار ڪاهن عزرياہ ۽ ٻين ڪاهنن هن ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسن تہ هن جي پيشانيءَ تي ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري ظاهر ٿي چڪي هئي! تنهن تي بادشاهہ کي اتان هڪدم ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. حقيقت ۾ هو پاڻ ئي خوف وچان اتان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس هڻي سٽي وڌو هو.
21
سو عُزياہ بادشاهہ کي مرندي گھڙيءَ تائين ڪوڙهہ جهڙي بيماري لڳل رهي. هو ان بيماريءَ سبب ناپاڪ ٿي پيو ۽ وري ڪڏهن خداوند جي گھر ۾ وڃڻ جي لائق نہ رهيو. هو محل بجاءِ هڪڙي ڌار گھر ۾ رهندو هو. سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.
22
عُزياہ بادشاهہ جا ٻيا سمورا ڪم جيڪي هن شروع کان وٺي آخر تائين پنهنجي بادشاهيءَ دوران ڪيا، سي سڀ آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ لکيا.
23
نيٺ عُزياہ بادشاهہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس بادشاهن واري قبرستان جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ بيماريءَ جي ڪري کيس شاهي قبرستان ۾ اندر دفن نہ ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36