bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 7
2 Chronicles 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 8 →
1
جڏهن بادشاهہ سليمان اها دعا گھري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ نازل ٿي ۽ قربانگاهہ تي پيش ڪيل ساڙڻ واري قرباني ۽ ٻين قربانين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي.
2
ڪاهن هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي جلوي سان هيڪل ڀرجي ويئي هئي.
3
جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن باهہ کي نازل ٿيندي ۽ خداوند جي جلوي کي هيڪل جي مٿان لهندي ڏٺو تہ هنن زمين تي منهن ڀر سجدو ڪيو ۽ خداوند جي شڪرگذاري ادا ڪندي چيائون تہ ”هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“
4
پوءِ بادشاهہ سليمان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جي حضور ۾ قربانيون پيش ڪيون.
5
سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو.
6
ڪاهن پنهنجين مقرر جاين تي بيهي رهيا، ۽ لاوي بہ انهن جي سامهون اهي ساز وڄائي خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا، جيڪي دائود بادشاهہ خداوند جي واکاڻ ڳائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. هنن انهيءَ مهل ساز وڄائي دائود جو شڪرگذاريءَ وارو هي مقرر ڪيل گيت ڳايو تہ ” خداوند جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ ڪاهن شرنايون وڄائيندا رهيا ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيٺا رهيا.
7
انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اڱڻ جو وچ وارو حصو جيڪو خداوند جي گھر جي اڳيان هو، تنهن کي بادشاهہ مخصوص ڪيو ۽ اتي هن ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پتل جي قربانگاهہ جيڪا خداوند جي حضور ۾ هئي سا انهن قربانين لاءِ تمام ننڍي هئي.
8
انهيءَ وقت سليمان ۽ ساڻس گڏ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن ست ڏينهن تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين تمام گھڻا ماڻهو آيا هئا.
9
هنن قربانگاهہ کي مخصوص ڪرڻ ۾ ست ڏينهن لڳايا ۽ ست ڏينهن وڌيڪ عيد ملهايائون. پندرهين ڏينهن تي خدا جي عبادت لاءِ هنن گڏجاڻي ڪئي.
10
ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن يعني ستين مهيني جي ٽيويهين تاريخ تي سليمان بادشاهہ ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن واپس موڪليو. هو انهن برڪتن تي ڏاڍا خوش ۽ سرها هئا، جيڪي خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل ، دائود ۽ سليمان کي عطا ڪيون هيون.
11
جڏهن سليمان هيڪل ۽ پنهنجو شاهي محل ٺهرائي پورو ڪيو ۽ جيڪي ڪجھہ هيڪل ۽ پنهنجي محل بابت سوچيو هئائين سو ڪرڻ ۾ هو ڪامياب ٿيو،
12
تڏهن رات جو خداوند کيس ڏيکاري ڏيندي چيو تہ ”مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ هن هيڪل کي پنهنجي لاءِ قربانين واسطي قبول ڪيو اٿم.
13
جڏهن آءٌ آسمان مان مينهن وسائڻ بند ڪندس، يا ماڪڙ کي حڪم ڏيندس تہ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏي، يا پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس
14
۽ پوءِ جيڪڏهن منهنجي قوم جيڪا منهنجي نالي ٿي سڏجي، سا عاجزيءَ سان دعا گھرندي ۽ منهنجي ٻاجھہ طلبيندي ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ وارين راهن کان منهن موڙيندي، تہ پوءِ آءٌ عرش عظيم مان سندن دعا ٻڌي سندن گناهہ معاف ڪندس ۽ سندن ملڪ کي وري خوشحال بڻائيندس.
15
هاڻي جيڪا بہ دعا هن هيڪل مان گھري ويندي سا آءٌ پنهنجي ٻاجھہ سان قبول ڪندس.
16
مون هن هيڪل کي چونڊي مخصوص ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هميشہ منهنجو نالو قائم رهي. سو منهنجي نگاهہ ۽ دل هر وقت مٿس رهندي.
17
باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،
18
تہ آءٌ تنهنجو شاهي تخت قائم رکندس، جيئن مون تنهنجي پيءُ دائود سان واعدو ڪيو هو تہ ’تنهنجي اولاد مان بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.‘
19
پر جيڪڏهن اوهين ڦري ويندا ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اوهان کي ڏنا آهن تن تي عمل نہ ڪندا ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ انهن اڳيان سر جھڪائيندا،
20
تہ پوءِ مون جيڪو ملڪ بني اسرائيل کي ڏنو آهي تنهن مان سندن پاڙون پٽي ڇڏيندس ۽ هيءَ هيڪل جيڪا مون پنهنجي نالي لاءِ مخصوص ڪئي آهي تنهن کي آءٌ رد ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهيءَ کي سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪنهاب بڻائي ڇڏيندس.
21
هاڻ جيتوڻيڪ هيءَ هيڪل وڏي شان وَ شوڪت واري آهي، تڏهن بہ جيڪي اتان لنگھندا سي ان جي حالت ڏسي دهلجي ويندا ۽ چوندا تہ ’ خداوند هن ملڪ سان ۽ هن هيڪل سان هيئن ڇو ڪيو آهي؟‘
22
ماڻهو کين ورندي ڏيندا تہ ’هن ڪري جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو. هنن غير معبودن جي اطاعت ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪري پوڄڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو خداوند مٿن اها سموري مصيبت آندي آهي.‘“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36