bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 9
2 Chronicles 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
1
جڏهن شبا جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان جي ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي، تڏهن هوءَ ڪجھہ ڏکيا سوال کڻي سليمان کي آزمائڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. هن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نوڪر چاڪر هئا ۽ ساڻس گڏ مصالحن، گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان لڏيل اٺ پڻ هئا. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين.
2
سليمان سندس سڀني سوالن جا جواب ڏنا. ڪابہ ڳالهہ سمجھائڻ هن لاءِ مشڪل نہ هئي.
3
جڏهن شبا ملڪ جي راڻي سليمان جي سڄي ڏاهپ ڏٺي ۽ جيڪو گھر سليمان ٺهرايو هو سو ڏٺائين،
4
سندس دسترخوان جا طعام، سندس عملدارن جو ويهڻ، سندس خدمتگارن ۽ ساقين جو پنهنجي ورديءَ ۾ حاضر رهڻ ۽ خداوند جي هيڪل ۾ جيڪي سليمان ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون ٿي، سي سڀ ڏٺائين تہ هوش وَ هواس اڏامي ويس.
5
هن بادشاهہ کي چيو تہ ”مون تنهنجي ڪارنامن ۽ تنهنجي ڏاهپ بابت پنهنجي ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٻڌو هو سو سڀ سچ نڪتو.
6
پر مون تيستائين انهن تي اعتبار نہ پئي ڪيو جيستائين اچي پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم. مون کي تہ تنهنجي ڏاهپ جو اڌ بہ نہ ٻڌايو ويو هو. مون تنهنجي جيڪا هاڪ ٻڌي هئي تنهن کان تون گھڻو وڌيڪ آهين.
7
تنهنجا ماڻهو ڪيڏا نہ خوشنصيب آهن. تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوشبخت آهن جيڪي هميشہ تنهنجي حاضريءَ ۾ بيٺا تنهنجي ڏاهپ ٻڌندا آهن.
8
خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي، جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي پنهنجي تخت تي ويهاريو اٿائين تہ تون خداوند پنهنجي خدا طرفان بادشاهہ ٿئين. جيئن تہ تنهنجي خدا جي بني اسرائيل سان محبت آهي ۽ کين هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ گھري ٿو، تنهنڪري هن تو کي مٿن بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“
9
پوءِ راڻيءَ بادشاهہ کي چار هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، مصالحن جو وڏو مقدار ۽ قيمتي هيرا جواهر ڏنا. جهڙا مصالحا شبا جي راڻيءَ سليمان بادشاهہ کي ڏنا تهڙا ڪٿي بہ ڪين هئا.
10
شبا جي راڻيءَ جيڪي ڪجھہ چاهيو ۽ گھريو سو سليمان بادشاهہ کيس ڏنو. راڻيءَ جيڪي ڪجھہ بادشاهہ لاءِ آندو هو بادشاهہ کيس انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڏنو. پوءِ هوءَ پنهنجي نوڪرن چاڪرن سان پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويئي. حيرام ۽ سليمان جي جن ماڻهن اوفير مان سون آندو هو تن چندن جو ڪاٺ ۽ قيمتي هيرا جواهر بہ آندا هئا. بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان هيڪل لاءِ ۽ پنهنجي محل لاءِ ڏاڪڻيون ٺهرايون، ان کان علاوہ ڳائڻن لاءِ تار وارا ساز پڻ ٺهرايائين. اهڙي ڪابہ شيءِ ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن بہ نہ ڏٺي ويئي هئي.
13
هر سال سليمان کي جيڪو سون ملندو هو تنهن جو وزن اٽڪل ٽيويهہ هزار ڪلوگرام هو.
14
انهيءَ کان علاوہ واپاري ۽ سوداگر ٽيڪس بہ ڀريندا هئا. سمورا عرب بادشاهہ ۽ اسرائيل ملڪ جا حاڪم پڻ سون ۽ چاندي سليمان وٽ آڻيندا هئا.
15
سليمان بادشاهہ ٻہ سؤ وڏيون ڍالون ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي ساڍا ٽي ڪلوگرام سون لڳو.
16
هن ٽي سؤ ننڍيون ڍالون پڻ ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي پوڻا ٻہ ڪلوگرام سون لڳو. اهي سڀ بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل ۾ رکرايون.
17
تنهن کان سواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ ان تي خالص سون چاڙهايائين.
18
انهيءَ تخت کي ڇهہ ڏاڪا هئا ۽ هڪ سوني پيرن جي صندلي ان سان ڳنڍيل هئي. ويهڻ جي جاءِ جي ٻنهي پاسن کان ٻہ ٻانهيون بہ هيون. ٻنهي ٻانهين جي ڀرسان شينهن جو هڪ هڪ مجسمو لڳل هو.
19
انهن ڇهن ڏاڪن تي شينهن جا ٻارهن مجسما لڳل هئا. هر هڪ ڏاڪي جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ شينهن بيٺل هو. اهڙو تخت ٻي ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ هو.
20
بادشاهہ سليمان جا سڀ پيالا سون جا هئا ۽ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جا سڀيئي ٿانوَ پڻ نج سون جا هئا. ڪا هڪڙي شيءِ بہ چانديءَ جي ٺهيل ڪانہ هئي، ڇو تہ تن ڏينهن ۾ چاندي ليکي ۾ ئي نہ ايندي هئي.
21
سليمان کي تجارتي سامونڊي جهاز هئا جيڪي حيرام بادشاهہ جي جهازن سان ايندا ويندا هئا. هر ٽئين سال اهي جهاز ترسيس کان ٿي موٽندا هئا ۽ پاڻ سان سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور آڻيندا هئا.
22
بادشاهہ سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ دنيا جي سڀني بادشاهن کان وڌيڪ هو.
23
دنيا جي سڀني بادشاهن کي اهو شوق هوندو هو تہ هو سليمان وٽ حاضر رهي سندس ڏاهپ ٻڌن، جيڪا خدا سندس دل ۾ وڌي هئي.
24
سال بسال هر ڪنهن پنهنجو نذرانو ٿي آندو، جنهن ۾ چانديءَ ۽ سون جا ٿانوَ، جبا، هٿيار، مصالحا، گھوڙا ۽ خچر شامل هوندا هئا.
25
سليمان کي گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جي لاءِ چار هزار طبيلا هوندا هئا. کيس ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.
26
فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي ملڪ تائين ۽ ويندي مصر جي سرحد تائين هو سڀني بادشاهن تي حڪمراني ڪندو هو.
27
بادشاهہ يروشلم ۾ چاندي ائين تہ عام ڪري ڇڏي جيئن پٿر هوندا آهن ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن.
28
سليمان لاءِ مصر ۽ ٻين ملڪن مان گھوڙا آندا ويندا هئا.
29
سليمان جا ٻيا سڀيئي ڪم، شروع کان آخر تائين ”ناتن نبيءَ جي تواريخ“، ”اخياہ سيلائيءَ جي معرفت پيغام“ ۽ ”عيدو غيبدان جون ڏٺل رويائون“ ۾ لکيل آهن. انهيءَ پوئين ڪتاب ۾ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ولد نباط جو بيان بہ لکيل آهي.
30
سليمان يروشلم ۾ رهي سڄي اسرائيل تي چاليهن سالن تائين حڪمراني ڪئي.
31
پوءِ سليمان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36