bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 18
2 Chronicles 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
1
يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط جڏهن گھڻو دولتمند ۽ عزت وارو ٿي ويو، تڏهن هن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب سان رشتيداري ڪئي.
2
ڪجھہ سالن کان پوءِ هو اخياب سان ملڻ لاءِ سامريہ شهر ڏانهن ويو. اخياب هن جي ۽ سندس ساٿين جي دعوت لاءِ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا. اتي هن يهوسفط کي اُڪسايو تہ هو ساڻس گڏجي جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر تي چڙهائي ڪري.
3
سو هن يهوسفط کان پڇيو تہ ”ڇا توهين مون سان گڏ رامات شهر تي چڙهائي ڪري هلندا؟“ تڏهن هن اخياب کي وراڻيو تہ ”مون سان گڏ منهنجا ماڻهو بہ تنهنجا ئي آهن. سو اسين جنگ ۾ توهان سان گڏ هونداسين.“
4
يهوسفط اخياب کي وڌيڪ چيو تہ ”مگر پهريائين اسين انهيءَ باري ۾ خداوند کان پڇون.“
5
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”اوهين ڀلي چڙهائي ڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خدا بادشاهہ سلامت کي انهيءَ تي فتح بخشيندو.“
6
پر يهوسفط پڇيو تہ ”هتي ڪو خداوند جو نبي ڪونهي ڇا، جنهن کان اسين پڇون؟“
7
اخياب يهوسفط کي وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگھون ٿا. پر آءٌ ساڻس نفرت ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشنگوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو ميڪاياہ ولد اِملہ آهي.“ يهوسفط اخياب کي وراڻيو تہ ”اوهان کي ائين نہ چوڻ گھرجي.“
8
تڏهن بادشاهہ اخياب هڪڙي عملدار کي سڏي چيو تہ ”جلدي وڃي ميڪاياہ ولد اِملہ کي وٺي اچ.“
9
اسرائيل جو بادشاهہ اخياب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط پنهنجي پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ پهريو ڪرسين تي سامريہ شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ ڳاهہ جي پِڙ جي ڀرسان ويٺا هئا ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن سندن اڳيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون.
10
انهن مان هڪڙي صدقياہ ولد ڪنعانہ لوهہ جا سڱ ٺاهيا ۽ اخياب کي چوڻ لڳو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’هنن سان توهين ارامين کي اهڙو تہ ٽڪر هڻندا جو اهي مڪمل طور ناس ٿي ويندا.‘“
11
ٻين سڀني نبي سڏائيندڙن بہ اهڙي ئي اڳڪٿي پئي ڪئي تہ ”رامات شهر تي ڪاهہ ڪريو، فتح اوهان جي ٿيندي. خداوند اوهان کي سوڀ ڏيندو.“
12
هوڏانهن جيڪو عملدار ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن وڃي ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڏس، سڀيئي نبي يڪ زبان ٿي بادشاهہ کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿا ڏين، سو ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ بادشاهہ کي فتح جي خوشخبري ڏج.“
13
تنهن تي ميڪاياہ چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجو خدا فرمائيندو سو ئي آءٌ ٻڌائيندس.“
14
پوءِ جڏهن هو اخياب وٽ آيو تڏهن هن کيس چيو تہ ”اي ميڪاياہ! اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هن وراڻيس تہ ”ها، ڇو نہ، ڀلي وڃ ۽ ماڻ ڪاميابي. تو کي سوڀ ملندي.“
15
پر اخياب چيس تہ ”ڪيترا ڀيرا آءٌ تو کي قسم ڏيئي چوان تہ تون خداوند جي نالي تي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ؟“
16
تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“
17
تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب يهوسفط کي چيو تہ ”مون توهان کي نہ چيو هو تہ هو منهنجي حق ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نہ ڪندو، بلڪ منهنجي خلاف ڪندو!“
18
تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.
19
خداوند کانئن پڇيو تہ ’ڪير اسرائيل جي بادشاهہ اخياب کي ڌُتاريندو تہ جيئن هو وڃي رامات شهر تي ڪاهہ ڪري ۽ اتي ماريو وڃي؟‘ پوءِ ڪن ڇا چيو تہ ڪن ڇا.
20
ايتري ۾ هڪڙو روح اچي خداوند جي آڏو بيٺو ۽ چيائين تہ ’آءٌ هن کي ڌُتاريندس.‘ خداوند پڇيس تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘
21
هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخياب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘
22
سو اي اخياب بادشاهہ! خداوند انهيءَ روح کي موڪلي تنهنجي هنن نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرايو آهي، بلڪ خداوند تو تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“
23
تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هڻي ڪڍي ۽ چيائينس تہ ” خداوند جو روح مون مان نڪري ڪيئن تو سان ڳالهائڻ اچي پهتو؟“
24
ميڪاياہ کيس وراڻيو تہ ”اهو تو کي انهيءَ ڏينهن معلوم ٿي ويندو جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويندين.“
25
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب حڪم ڏيندي چيو تہ ”ميڪاياہ کي پڪڙيو ۽ کيس وٺي وڃي شهر جي گورنر امُون ۽ شهزادي يوآس جي حوالي ڪريو
26
۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن کي قيد ۾ وجھو ۽ تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيوس، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“
27
تڏهن ميڪاياہ اخياب کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ پوءِ چئبو تہ خداوند منهنجي معرفت ڳالهايو ئي ناهي.“ پوءِ هن اتي موجود سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀ اهو ٻڌي ڇڏيو.“
28
انهيءَ کان پوءِ اسرائيل جي بادشاهہ اخياب ۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط رامات شهر تي چڙهائي ڪئي.
29
اخياب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ پنهنجو ويس بدلائي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيندس، پر اوهان کي پنهنجي شاهي پوشاڪ ئي پاتل هجي.“ سو اخياب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.
30
هوڏانهن ارام جي بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اسرائيل جي بادشاهہ کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي بہ حملو نہ ڪجو.“
31
سو جنگي گھوڙي گاڏين جي سالارن جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي ڏٺو تہ چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي اسرائيل جو بادشاهہ آهي.“ سو هو ساڻس وڙهڻ لاءِ سندس گھيرو ڪرڻ لڳا. پر يهوسفط خداوند کي ٻاڏايو جنهن سندس دانهن ٻڌي ۽ جڏهن انهن سالارن ڏٺو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ ناهي، تڏهن کانئس پري هٽي ويا ۽ مٿس حملو نہ ڪيائون.
33
هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“
34
انهيءَ ڏينهن سخت جنگ لڳي، ۽ زخمي هوندي بہ اسرائيل جو بادشاهہ اخياب ارامين جي سامهون پنهنجو پاڻ کي جنگي گھوڙي گاڏيءَ ۾ سنڀالي بيٺو رهيو. مگر سج لهڻ وقت هو مري ويو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36