bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 16
2 Chronicles 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 17 →
1
آسا جي بادشاهيءَ جي ڇٽيهين سال اسرائيل جو بادشاهہ بعشا يهوداہ ملڪ تي ڪاهي آيو. هو رامہ شهر تي قبضو ڪري ان جي چوڌاري ڪوٽ ڪڍائڻ لڳو تہ جيئن ڪوبہ يهوداہ ڏانهن نہ وڃي سگھي ۽ نہ وري اتان اندر اچي سگھي.
2
تڏهن بادشاهہ آسا خداوند جي گھر مان ۽ پنهنجي محل جي خزانن مان چاندي ۽ سون ڪڍي ارام جي بادشاهہ بنهدد ڏانهن ڏياري موڪليو، جيڪو دمشق شهر مان راڄ ڪندو هو.
3
هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ ”اسين پاڻ ۾ اهڙو معاهدو ڪريون، جيئن منهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ هو. اِجھو، آءٌ تو ڏانهن سون ۽ چاندي موڪليان ٿو. سو تون اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو اتحاد ختم ڪر تہ جيئن هو منهنجي ملڪ مان پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي.“
4
بنهدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. انهن عيون، دان، ابيل بيتمعڪہ ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارا شهر فتح ڪيا.
5
جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن رامہ شهر کي ڪوٽ ڪڍائڻ ڇڏي ڏنائين.
6
پوءِ آسا بادشاهہ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ اهي رامہ ڏانهن ويا ۽ اتان اهي پٿر ۽ ڪاٺ جيڪي بعشا استعمال ٿي ڪيا، سي سڀ کڻي آيا. انهيءَ سامان مان آسا جِبع ۽ مصفاہ شهرن کي ڪوٽ ڪڍرايا.
7
انهيءَ دوران حناني غيبدان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو ڪيو ۽ خداوند پنهنجي خدا تي توڪل نہ رکي اٿيئي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو.
8
ڇا سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن جو لشڪر بيشمار گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو ڪيو هو تڏهن هن اهي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا.
9
بيشڪ خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ٿيون ڊوڙين، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا سان وفادار آهن، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، سو اڄ کان وٺي اڳتي تو کي جنگيون ڪندي گذارڻو پوندو.“
10
انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو.
11
آسا جي بادشاهيءَ دوران ٿيل واقعا پهريان توڙي پويان ”يهوداہ ۽ اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
12
سندس بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال آسا کي پيرن ۾ اچي مرض لڳو. جيتوڻيڪ سندس اهو مرض تمام سخت هو، تڏهن بہ هن انهي بيماريءَ ۾ خداوند کان مدد نہ گھري، بلڪ حڪيمن کان مدد وٺندو رهيو.
13
آخرڪار آسا پنهنجي بادشاهيءَ جي ايڪيتاليهين سال وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏيو.
14
هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36