bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 10
2 Chronicles 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
1
رحبعام سڪم شهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
2
انهيءَ کان ڪجھہ وقت اڳ ۾ يربعام ولد نباط بادشاهہ سليمان کان ڀڄي مصر ۾ وڃي رهيو هو. اتي هن جڏهن اها سڄي خبر ٻڌي تہ موٽي پنهنجي وطن آيو.
3
تڏهن اتر وارن قبيلن جي ماڻهن يربعام کي گھرايو ۽ پوءِ ساڻس گڏجي رحبعام وٽ اچي کيس چيو تہ
4
”توهان جي پيءُ سليمان ڳؤري پاڃاري اسان جي ڳچيءَ ۾ وڌي هئي. هاڻ توهان اها ڳؤري پاڃاري اسان تان هلڪي ڪريو تہ اسين توهان جي خدمت ڪندا رهنداسين.“
5
رحبعام کين وراڻيو تہ ”اوهين ٽن ڏينهن کان پوءِ موٽي اچي جواب وٺجو.“ تنهن تي ماڻهو موٽي هليا ويا.
6
پوءِ بادشاهہ رحبعام انهن ماڻهن سان صلاح ڪئي، جيڪي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ سندس صلاحڪار هئا. هن کانئن پڇيو تہ ”هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“
7
هنن کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون هنن ماڻهن سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندين، کين خوش رکندين ۽ کين وڻندڙ ورندي ڏيندين تہ پوءِ هو هميشہ لاءِ تنهنجا خادم ٿي رهندا.“
8
پر رحبعام انهن جي اها صلاح رد ڪري ڇڏي. پوءِ هن انهن نوجوانن سان صلاح مصلحت ڪئي جيڪي ساڻس گڏ ننڍا ٿي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس خدمت ۾ رهندا هئا.
9
هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟ هنن ماڻهن کي ڪهڙي ورندي ڏيڻ گھرجي، جيڪي چون ٿا تہ ’جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي آهي سا تون هلڪي ڪر.‘“
10
تڏهن انهن نوجوانن کيس وراڻيو تہ ”هي ماڻهو جيڪي چون ٿا تہ ’توهان جي پيءُ اسان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي سا توهين هلڪي ڪريو،‘ تن کي اوهين چئو تہ ’منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان وڌيڪ ٿلهي آهي.
11
منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، تنهن کي آءٌ اڃا بہ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“
12
جيئن رحبعام چيو هو، تيئن ئي يربعام ۽ ٻيا سڀ ماڻهو ٽئين ڏينهن تي وٽس موٽي آيا.
13
رحبعام پنهنجي پيءُ جي صلاحڪارن جي صلاح کي رد ڪندي انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو.
14
هن جوان ماڻهن جي صلاح تي هلندي کين چيو تہ ”منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي هئي، تنهن کي آءٌ اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.“
15
سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خدا جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.
16
جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ” دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.
17
يهوداہ جي علائقي ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي رڳو ٻن قبيلن تي ئي رحبعام جي بادشاهي وڃي بچي.
18
پوءِ بادشاهہ رحبعام بيگارين جي نگران ادونرام کي بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏانهن موڪليو، پر هنن کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو. انهيءَ تي بادشاهہ رحبعام تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.
19
انهيءَ وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل جا اهي ڏهہ قبيلا دائود جي گھراڻي کان باغي آهن.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36