bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 20
2 Chronicles 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 21 →
1
ڪجھہ عرصي کان پوءِ موآب ۽ عمون جا لشڪر ڪن معونين سان گڏجي يهوسفط سان جنگ ڪرڻ آيا.
2
تڏهن ڪن ماڻهن اچي يهوسفط کي ٻڌايو تہ ”کاري سمنڊ جي پرينءَ ڀر ادوم کان هڪڙو وڏو لشڪر توهان تي ڪاهيو ٿو اچي. اهي حصيصونتمر (يعني عينجديءَ) تي اڳ ۾ ئي قبضو ڪري چڪا آهن.“
3
اهو ٻڌي يهوسفط ڊڄي ويو ۽ خداوند کي ٻاڏائي ڪري رهنمائي گھرڻ لڳو. پوءِ هن سڄي يهوداہ ملڪ ۾ روزي رکڻ جو اعلان ڪرايو.
4
تڏهن يهوداہ جي هر شهر کان ماڻهو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ سان گڏجي خداوند کي مدد لاءِ ٻاڏائين.
5
پوءِ يهوسفط يروشلم شهر بلڪ پوري يهوداہ ملڪ جي ماڻهن جي اڳيان خداوند جي هيڪل جي نئين اڱڻ آڏو ٿي بيٺو
6
۽ وڏي آواز سان دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي خداوند ، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا! عرش عظيم ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي. غير قومن جي سڀني ملڪن تي تون ئي تہ حڪمران آهين. بيشڪ قدرت ۽ طاقت تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو تو آڏو بيهي سگھي.
7
تون ئي تہ اسان جو خدا آهين، جنهن هن ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو ۽ هي ملڪ پنهنجي دوست ابراهيم جي اولاد کي هميشہ جي لاءِ عطا ڪيو.
8
اسان جا ابا ڏاڏا هِتي آباد ٿي ويا ۽ تنهنجي نالي لاءِ هنن مقدس هيڪل جوڙي.
9
سندن ايمان هو تہ جيڪڏهن جنگ، وبا يا ڏڪار جي ڪا مصيبت هنن تي نازل ٿيندي، تہ اهي تنهنجي نالي سان قائم ٿيل هن هيڪل ۾ تنهنجي آڏو اچي پنهنجيءَ مصيبت ۾ تو کي پڪاريندا تہ تون سندن ٻڌندين ۽ کين بچائيندين.
10
هاڻي ڏس، عمون، موآب ۽ ادوم جا ماڻهو اسان تي چڙهائي ڪري آيا آهن. جڏهن اسان جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪري آيا تڏهن تون هنن کي سندن ملڪن منجھان گذرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اسان جا ابا ڏاڏا سندن ملڪن جي ٻاهران ئي ڦري ويا ۽ کين ناس نہ ڪيائون.
11
پر اهي اچي اسان کي انهيءَ جو بدلو اهو ٿا ڏين جو جيڪو ملڪ تو اسان کي ميراث ڪري ڏنو هو تنهن مان اسان کي ڪڍي ٻاهر ڪن.
12
اي اسان جا خدا! ڇا تون انهن کي سزا نہ ڏيندين؟ ڇاڪاڻ تہ اسان سان وڙهڻ لاءِ آيل هيڏي وڏي لشڪر سان منهن ڏيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي. اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڇا ڪريون، بلڪ اسين تہ مدد لاءِ تو ڏانهن پيا واجھايون.“
13
يهوداہ ملڪ جا سڀيئي ماڻهو پنهنجي زالن ۽ ٻارن سميت هيڪل آڏو خداوند جي حضور ۾ بيٺا رهيا.
14
تڏهن ماڻهن جي وچ ۾ بيٺل بني آسف گھراڻي جي هڪڙي لاويءَ يحزيايل ولد زڪرياہ جنهن جا وڏا بناياہ، يعيايل ۽ متنياہ هئا، تنهن تي خداوند جو روح نازل ٿيو.
15
هو چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ يهوسفط! ۽ اي يروشلم وارو، بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين بلڪل نہ ڊڄو، نڪي هن وڏي لشڪر کي ڏسي گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست اوهان جي هٿ ۾ نہ، پر منهنجي هٿ ۾ ئي آهي.
16
سڀاڻي اوهين هنن تي ڪاهہ ڪريو. ڏسو، هو صيص واري چاڙهيءَ کان چڙهندا ٿا اچن. اوهين انهن سان يروئيل جي بيابان سامهون برساتي نهر جي ڇيڙي وٽ وڃي مدِمقابل ٿيندا.
17
هن جنگ ۾ اوهان کي وڙهڻ جي ضرورت نہ پوندي. اوهين رڳو صفون ٻڌي ثابت قدميءَ سان بيٺا رهو. اوهين ڏسندا تہ آءٌ خداوند اوهان کي فتح بخشيندس. اي يروشلم ۽ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين نہ ڊڄو، نڪي ڪو خوف ڪريو، بلڪ سڀاڻي هنن تي ڪاهي وڃو. آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان.‘“
18
تڏهن بادشاهہ يهوسفط زمين تي منهن رکي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪو پڻ خداوند آڏو سجدي ۾ ڪري پيا.
19
پوءِ لاوي قبيلي جي گھراڻي بني قهات ۽ بني قورح وارا اُٿي کڙا ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ وڏي آواز سان خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪن.
20
ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“
21
پوءِ هن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري ڪي ڳائڻ وارا ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي لشڪر جي اڳيان اڳيان هلندي خداوند لاءِ ڳائين ۽ پاڪيزگيءَ سان سندس جمال جي واکاڻ ڪن ۽ هيئن چون تہ ” خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“
22
جيئن ئي هنن ڳائڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي، تيئن خداوند دشمنن جي لشڪر ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو ۽ هو هڪٻئي جي خلاف ٿي ويا.
23
بني عمون ۽ موآب جي لشڪر وارن پاڻ سان گڏ آيل ادوم جي رهاڪن تي حملو ڪري ڏنو ۽ کين ماري ناس ڪري ڇڏيائون. جڏهن اهي ادوم جي رهاڪن جو بلڪل خاتمو ڪري چڪا، تڏهن اهي وري پاڻ ۾ هڪٻئي کي قتل ڪرڻ لڳا.
24
جڏهن يهوداہ جو لشڪر بيابان جي پهري واري ٺُلهہ وٽ پهتو تہ جيئن ئي سندن نظر دشمنن جي ڪٽڪ تي پيئي تہ ڇا ڏسن تہ زمين تي لاش ئي لاش پيا آهن ۽ منجھائن ڪوبہ جيئرو نہ بچيو آهي.
25
تڏهن يهوسفط ۽ سندس لشڪر وارا دشمنن جو مال لٽڻ لڳا. هنن بيانداز ڍور ڍڳا، مال متاع، ڪپڙا ۽ قيمتي شيون پنهنجي هٿ ڪيون. لٽ جو مال ايترو تہ گھڻو هو جو هو ٽن ڏينهن تائين اهو ميڙي گڏ ڪندا رهيا. تنهن هوندي بہ هو سمورو مال کڻي نہ سگھيا.
26
چوٿين ڏينهن اهي هڪ ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ اتي خداوند جي واکاڻ ڳايائون. تنهنڪري انهيءَ ماٿريءَ کي براڪاہ جي ماٿري سڏيو ويو جيئن اڄ ڏينهن تائين پيئي سڏجي.
27
تنهن کان پوءِ يهوسفط جي اڳواڻيءَ ۾ سڄي يهوداہ جا ماڻهو خوشيون ڪندا يروشلم ڏانهن موٽيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندن دشمنن تي کين فتح بخشي هئي.
28
اهڙيءَ طرح اهي دنبورا، سارنگيون ۽ شرنايون وڄائيندا يروشلم ۾ هيڪل وٽ اچي گڏ ٿيا.
29
جڏهن ٻين قومن ٻڌو تہ ڪيئن نہ خداوند يهوداہ جي دشمنن سان جنگ ڪئي آهي، تڏهن انهن ملڪن جي حڪومتن تي خدا جو خوف طاري ٿي ويو.
30
اهڙيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ امن وَ امان ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ سندس خدا کيس هر طرف کان امن وَ سلامتي بخشي هئي.
31
يهوسفط پنجٽيهن سالن جي عمر ۾ يهوداہ جو بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل پنجويهن سالن تائين حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو عزوبہ هو جيڪا سلحيءَ جي ڌيءَ هئي.
32
هن پنهنجي پيءُ آسا وانگر هميشہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
33
انهيءَ هوندي بہ ماڻهن جون دليون سندن ابن ڏاڏن جي خدا ڏانهن مائل نہ ٿيون ۽ نہ وري غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرايا ويا.
34
يهوسفط جو باقي احوال شروع کان آخر تائين، ييهو ولد حنانيءَ جي لکت ۾ آهي، جيڪا ” اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ موجود آهي.
35
تنهن هوندي بہ يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ اخزياہ ولد اخياب سان اتحاد ڪيو هو، جيڪو وڏو بدڪار هو.
36
هنن ٻنهي انهيءَ لاءِ اتحاد ڪيو تہ سامونڊي جهاز بڻائي ترسيس ڏانهن روانا ڪن. سو هنن عصيونجابر بندر ۾ اهي جهاز جوڙايا.
37
تڏهن اليعزر ولد دوداواهو، جيڪو مريسہ شهر جو رهاڪو هو تنهن يهوسفط جي خلاف خدا جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”جيئن تہ تو اخزياہ سان اتحاد ڪيو آهي، سو خداوند تنهنجا ڪم بگاڙي ڇڏيندو.“ سو سندن اهي جهاز اهڙا ڀڄي ٽٽي پيا جو هو ترسيس وڃي نہ سگھيا.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36