bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 11
2 Chronicles 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
1
جڏهن رحبعام بادشاهہ يروشلم ۾ پهتو تڏهن هن يهوداہ ۽ بنيامين قبيلن مان هڪ لک اسي هزار چونڊ جنگي جوڌا گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن سان جنگ ڪري وري پنهنجي سڄي بادشاهت بحال ڪري.
2
پر خداوند پنهنجي ٻانهي سمعياہ نبيءَ کي
3
رحبعام ۽ يهوداہ ۽ بنيامين جي قبيلن جي سڀني ماڻهن ڏانهن موڪليو تہ کين وڃي چوي تہ
4
” خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين پنهنجن بني اسرائيل ڀائرن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃجو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي.‘“ تڏهن هو خداوند جو حڪم مڃي يربعام تي ڪاهہ ڪرڻ کان باز آيا ۽ موٽي هليا ويا.
5
رحبعام يروشلم ۾ رهي پيو ۽ بچاءُ جي لاءِ يهوداہ ۽ بنيامين جي هنن شهرن کي چوڌاري ڪوٽ ڪڍرايائين:
6
بيتلحم، عيطام، تقوع،
7
بيتصور، شوڪو، عدلام،
8
جات، مريسہ، زيف،
9
ادوريم، لڪيس، عزيقہ،
10
صرعاہ، ايالون ۽ حبرون.
11
هن انهن جي قلعن کي مضبوط ڪيو ۽ انهن ۾ قلعيدار مقرر ڪيا، جن لاءِ راشن، زيتون جو تيل ۽ مئي جو ذخيرو مهيا ڪيائين.
12
هن سڀني شهرن ۾ ڍالون ۽ ڀالا موجود ڪري رکيا ۽ انهن شهرن کي نهايت مضبوط ڪيائين. اهڙيءَ طرح يهوداہ ۽ بنيامين جا علائقا سندس ئي قبضي هيٺ رهيا.
13
اسرائيل ملڪ ۾ جيڪي ڪاهن ۽ لاوي هئا سي رحبعام جي طرفداري ڪندي پنهنجي پنهنجي علائقن مان نڪري يهوداہ ملڪ ۾ آيا.
14
لاوين پنهنجا چراگاهہ ۽ ملڪيتون بہ ڇڏي ڏنيون ۽ يروشلم شهر ۽ يهوداہ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اچي آباد ٿيا، ڇاڪاڻ تہ يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪهانت واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو.
15
هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۽ پنهنجي بڻايل گابي ۽ ٻڪر جي شڪل وارن بتن لاءِ پنهنجي ماڻهن کي مذهبي بزرگ مقرر ڪيو هو.
16
سو بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي مان جيڪي خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جا دلي طور طالبو هئا سي بہ لاوين جي پٺيان لڳي يروشلم ۾ آيا تہ جيئن هو خداوند ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان قربانيون پيش ڪن.
17
اهڙيءَ طرح هنن ٽن سالن تائين دائود ۽ سليمان جي واٽن تي هلندي يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام جي حمايت ڪئي ۽ سندس بادشاهت کي زور وٺايائون.
18
رحبعام محالات نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي پيءُ جو نالو يريموت ولد دائود هو ۽ سندس ماءُ جو نالو ابيخيل هو جيڪا الياب ولد يسيءَ جي ڌيءَ هئي.
19
ان مان کيس هي پٽ ڄاوا: يعوس، سمرياہ ۽ زهم.
20
انهيءَ کان پوءِ رحبعام ابيسلوم جي ڌيءَ معڪہ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هي ٻار ٿيا: ابياہ، عتي، زيزا ۽ سلوميت.
21
هن کي جملي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، جن مان کيس اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئر ڄايون. رحبعام پنهنجين سڀني زالن ۽ سريتن کان وڌيڪ ابيسلوم جي ڌيءَ معڪہ سان محبت ڪندو هو.
22
رحبعام معڪہ مان ڄاول پنهنجي پٽ ابياہ کي ٻين ڀائرن مان چونڊي اڳواڻ مقرر ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پوءِ اهو بادشاهہ بڻجي سگھي.
23
هن سياڻپ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجي سڀني پٽن کي يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن جي ڪوٽ وارن شهرن ۾ پکيڙي ڇڏيو. هن انهن کي بيانداز سامان ڏنو ۽ کين ڪيتريون ئي زالون پرڻايائين.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36