bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 13
2 Chronicles 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 14 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ابياہ يهوداہ ملڪ جو بادشاهہ بڻيو.
2
هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٽي سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو ميڪاياہ هو، جيڪا جِبعہ واري اوريايل جي ڌيءَ هئي. ابياہ ۽ يربعام جي وچ ۾ لڙائي لڳي.
3
سو ابياہ چار لک چونڊ جنگي جوڌا ساڻ ڪري جنگ لاءِ نڪتو. هوڏانهن يربعام اٺ لک چونڊ جنگي جوڌن سان هن جي مقابلي ۾ صفون ٻڌي اچي بيٺو.
4
يهوداہ جو بادشاهہ ابياہ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ صمريم جبل تي چڙهي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي يربعام ۽ اي سڀ اسرائيل وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
5
ڇا اوهان کي خبر نہ آهي تہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا دائود ۽ سندس اولاد کي سڄي بني اسرائيل جي بادشاهت اڻٽٽ عهد سان هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏي آهي؟
6
تنهن هوندي بہ يربعام ولد نباط جيڪو سليمان ولد دائود جو خدمتگار هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي خلاف بغاوت ڪئي آهي.
7
ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.
8
هاڻ وري اوهين خداوند جي بادشاهت سان مقابلي ڪرڻ جا منصوبا ٿا ٺاهيو، جيڪا دائود جي اولاد جي هٿن ۾ آهي. اها حقيقت آهي تہ اوهين هڪ وڏو لشڪر آهيو ۽ اوهان وٽ سونا گابا بہ آهن جيڪي يربعام ٺاهي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.
9
پر ڇا اوهان خداوند جي ڪاهنن يعني هارون جي پٽن کي ۽ لاوين کي بہ پاڻ وٽان هڪالي نہ ڪڍيو آهي؟ ڇا اوهان پنهنجي طرفان انهن جي جاءِ تي ٻين ماڻهن کي مقرر نہ ڪيو آهي، جيئن ٻين ملڪن جون قومون ڪنديون آهن؟ جيڪو ماڻهو هڪڙو وهڙو ۽ ست گھٽا پاڻ سان کڻي پاڻ کي وقف ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بڻجي وڃي جيڪي حقيقت ۾ معبود آهن ئي ڪونہ.
10
باقي اسان يهوداہ وارن جي لاءِ خداوند اسان جو خدا ئي آهي ۽ اسان انهيءَ کي ڇڏي ڪين ڏنو آهي. ڪاهن اهي ئي آهن جيڪي هارون جي اولاد مان خداوند جا خدمتگار مقرر ٿيل آهن ۽ لاوي ئي انهن جا مددگار آهن.
11
اهي روزانو صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندا آهن ۽ لوبان ساڙيندا آهن. هو نذراني وارا روٽ بہ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٺاهي سنواري رکندا آهن ۽ سوني شمعدان ۾ رکيل ڏيئا هر روز شام جو ٻاريندا آهن. اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي قائم آهيون، پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.
12
خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“
13
انهيءَ وچ ۾ يربعام يهوداہ وارن جي پٺيان لڪ ڇپ ۾ ڪجھہ لشڪر ڦيرائي آندو، جڏهن تہ باقي لشڪر ابياہ جي لشڪر اڳيان بيٺل رهيو.
14
يهوداہ جي لشڪر پٺ تي نهاريو تہ ڇا ڏسن تہ پٺيان ۽ اڳيان ٻنهي طرفن کان مٿن حملو ٿيڻ وارو آهي، تڏهن هنن خداوند کي پڪاريو. پوءِ جيئن ئي ڪاهنن پنهنجا توتارا وڄايا
15
۽ لشڪر وارن جنگ جو نعرو هنيون تيئن ئي خدا يهوداہ جي بادشاهہ ابياہ ۽ سندس لشڪر جي اڳيان اسرائيل جي بادشاهہ يربعام کي سندس لشڪر سميت شڪست ڏني.
16
اهي يهوداہ وارن جي اڳيان وٺي ڀڳا، پر يهوداہ وارا انهن جي پٺيان ڪاهي پيا.
17
ابياہ ۽ سندس لشڪر هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، تان جو اسرائيل ملڪ جا پنج لک سگھارا ماڻهو مارجي ويا.
18
اهڙيءَ طرح اسرائيل وارن انهيءَ موقعي تي شڪست کاڌي ۽ يهوداہ وارا سوڀارا ٿيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو ڪيو.
19
انهيءَ جنگ ۾ ابياہ يربعام جا هي شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت قبضي ڪيا: بيتايل، يسانہ ۽ افرون.
20
ان کان پوءِ ابياہ جي ڏينهن ۾ يربعام وري زور وٺي نہ سگھيو ۽ خداوند کيس سزا ڏيئي ماري ڇڏيو.
21
پر ابياہ طاقت ۾ وڌندو ويو. هن چوڏهن شاديون ڪيون ۽ کيس ٻاويهہ پٽ ۽ سورهن ڌيئر ڄايون.
22
ابياہ جي بادشاهيءَ جون ٻيون ڳالهيون جيڪي هن ڪيون يا جيڪي هن چيون، سي سڀ عيدو نبيءَ جي تفسير ۾ لکيل آهن.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36