bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Chronicles 22
2 Chronicles 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 23 →
1
جيئن تہ عرب حملہآور، جيڪي لشڪرگاهہ تي چڙهائي ڪري آيا هئا، تن بادشاهہ يهورام جي سڀني پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، پر سندس ننڍو پٽ اخزياہ بچي ويو. سو يروشلم جي رهاڪن اخزياہ کي يهورام جي جاءِ تي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو.
2
اخزياہ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل هڪ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو عتلياہ هو، جيڪا اسرائيل جي بادشاهہ عمريءَ جي پوٽي ۽ اخياب جي ڌيءَ هئي.
3
هو بہ اخياب گھراڻي جي رستي تي هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس ماءُ کيس بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي صلاح ڏيندي هئي.
4
هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اخياب جي گھراڻي وارن کيس بڇڙيون صلاحون ڏيئي برباد ڪيو.
5
هو انهن جي صلاح تي هلندي اسرائيل جي بادشاهہ يورام ولد اخياب سان اتحاد ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن ويو، جنهن ۾ ارامين يورام کي زخمي ڪري وڌو.
6
سو يورام پنهنجي زخمن جي علاج لاءِ موٽي يزرعيل شهر ۾ آيو. بادشاهہ اخزياہ کانئس پڇڻ لاءِ وٽس آيو.
7
يورام وٽ اچڻ جي وقت خدا جي طرفان اخزياہ جي بربادي لکجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو آيو تہ يورام سان گڏجي نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي خداوند اخياب جي گھراڻي کي برباد ڪرڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو.
8
جڏهن ييهو اخياب جي گھراڻي کي ماري رهيو هو تہ هن يهوداہ جي اڳواڻن ۽ اخزياہ جي انهن ڀائٽين کي ڏسي ورتو جيڪي اخزياہ جي خدمت ڪندا هئا. سو هن انهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.
9
اخزياہ جي ڳولا ڪئي ويئي تہ اهو کين سامريہ ۾ مليو جتي هو لڪل هو. کيس پڪڙي ييهوءَ وٽ آندو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. پوءِ اهو چئي کيس انهيءَ لاءِ دفن ڪيو ويو تہ هي بادشاهہ يهوسفط جو پوٽو آهي، جنهن پنهنجي دل وَ جان سان خدا جي فرمانبرداري ڪئي هئي. اخزياہ جي گھراڻي ۾ ڪوبہ باقي نہ رهيو جيڪو بادشاهت هلائي سگھي.
10
هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ کي خبر پيئي تہ سندس پٽ مارجي ويو آهي، تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ يهوداہ جي گھراڻي جي سڄي شاهي نسل کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.
11
پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ ۽ بادشاهہ اخزياہ جي ڀيڻ جنهن جو نالو يهوسبع هو ۽ جيڪا يهويدع نالي هڪڙي ڪاهن جي زال هئي، تنهن بادشاهہ اخزياہ جي پٽن جي قتلام وقت هڪڙي پٽ يوآس کي چورائي ورتو ۽ کيس سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ کي راڻي عتلياہ کان لڪائي کيس قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.
12
انهيءَ کان پوءِ اهو ٻار ڇهن سالن تائين هيڪل ۾ لڪل رهيو ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي ٿي ڪئي.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36