bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 11
Genesis 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 12 →
1
انهن ڏينهن ۾ جڏهن دنيا جي سڀني ماڻهن جي هڪڙي ئي ٻولي ۽ هڪڙو ئي ڳالهائڻ جو طريقو هو،
2
تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.
3
اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو.
4
پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“
5
تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو.
6
خداوند چيو تہ ”جيئن تہ هي سڀ هڪڙي قوم آهن ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ هو ڪرڻ لڳا آهن، اِها انهن جي رڳو شروعات آهي. جلد هو هر اهو ڪم ڪري ويندا، جيڪي ڪجھہ ڪرڻ گھرندا.
7
سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“
8
سو خداوند کين اتان سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو تڏهن هنن اهو شهر ٺاهڻ ڇڏي ڏنو.
9
ان شهر جو نالو بابل پئجي ويو، ڇو تہ اتي خداوند سڀني ماڻهن جي ٻولي منجھائي ڇڏي هئي ۽ اتان انهن کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو هئائين.
10
سِم جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان ٻہ سال پوءِ جڏهن سِم هڪ سؤ سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ارفڪسد نالي هڪ پٽ ڄائو.
11
تنهن کان پوءِ هو پنج سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
12
جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سِلح نالي پٽ ڄائو.
13
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
14
جڏهن سِلح ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس عبر نالي هڪ پٽ ڄائو.
15
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
16
جڏهن عبر چوٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس فلج نالي پٽ ڄائو.
17
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
18
جڏهن فلج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس رعو نالي هڪ پٽ ڄائو.
19
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ نو سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
20
جڏهن رعو ٻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سروج نالي هڪ پٽ ڄائو.
21
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
22
جڏهن سروج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس نحور نالي پٽ ڄائو.
23
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
24
جڏهن نحور اوڻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس تارح نالي هڪ پٽ ڄائو.
25
پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو هڪ سؤ اوڻيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.
26
جڏهن تارح ستر سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ابرام، نحور ۽ حاران نالي ٽي پٽ ڄاوا. حاران کي لوط ڄائو.
28
حاران پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ ڪسدين جي اُور شهر ۾ مري ويو.
29
کيس ملڪہ ۽ اِسڪہ نالي ڌيئرون پڻ هيون، جن مان نحور ملڪہ سان شادي ڪئي. ابرام سارائيءَ نالي عورت سان شادي ڪئي
30
جيڪا سنڍ هئي.
31
تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
32
تارح ٻہ سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ اتي ئي وفات ڪئي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50