bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 49
Genesis 49
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 50 →
1
يعقوب پنهنجي پٽن کي سڏائي چيو تہ ”اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.
2
اي مون يعقوب جا پٽؤ! اچو، گڏ ٿي ٻڌو، هائو، پنهنجي پيءُ اسرائيل ڏانهن ڪن ڏيو.
3
اي روبن! تون منهنجو پهريتو پٽ آهين، هائو، تون منهنجي قوت ۽ طاقت جي ابتدا آهين. تون وڏي عزت وارو ۽ وڏي طاقت وارو آهين.
4
تنهن هوندي بہ تون ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر ڇڙواڳ آهين، سو تو کي وڏائي ڪڏهن بہ حاصل ڪين ٿيندي، ڇو تہ تو منهنجي هنڌ تي، هائو، پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي ان کي پليت ڪيو آهي.
5
اي شمعون ۽ لاوي! اوهين ٻيئي ان ڳالهہ ۾ بہ ڀائر آهيو، جو اوهان جون تلوارون ظلم جا هٿيار آهن.
6
آءٌ ڪڏهن بہ اوهان جي صلاح تي نہ هلندس، هائو، اوهان جي منصوبن ۾ هرگز شامل نہ ٿيندس، ڇو تہ ڪاوڙ ۾ اوهان ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، ۽ پنهنجي خودسريءَ ۾ ڍڳن کي جڏو ڪيو اٿوَ.
7
لعنت هجي اوهان جي ڪاوڙ تي، جيڪا ڏاڍي تيز هئي. هائو، لعنت هجي اوهان جي چڙ تي، جيڪا بيحد سخت هئي. اوهان جو اولاد پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، هائو، سندن ئي ملڪ ۾ کين ڇڙوڇڙ ڪيو ويندو.
8
اي يهوداہ! تنهنجا ڀائر تنهنجي واکاڻ پيا ڪندا، بلڪ تنهنجي بابي جو اولاد تنهنجي آڏو سر نوائيندو. تنهنجي دشمنن جي گردن ۾ تنهنجا هٿ هوندا.
9
بيشڪ اي منهنجا پٽ يهوداہ! تون اهڙو جوان شينهن آهين، جيڪو شڪار کي ماري اتان هليو ٿو اچين، ۽ ليٽي ڪري سمهين ٿو رهين، هاڻ ڪير آهي جيڪو تو کي اٿاري سگھي؟
10
تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.
11
تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون، جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا. بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي، جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.
12
گھڻي مئي جي پيئڻ ڪري انهن جا نيڻ چمڪندڙ هوندا، ۽ گھڻي کير جي پيئڻ ڪري انهن جا ڏند صفا اڇا هوندا.
13
اي زبولون! تنهنجو اولاد سمنڊ جي ڪناري تي پيو رهندو، هائو، انهيءَ ڪناري تي جيڪو جهازن جو بندرگاهہ ٿيندو. سندن علائقي جي سرحد وڌي صيدا تائين وڃي پهچندي.
14
اي اِسڪار! تنهنجو اولاد اهڙي مضبوط گڏهہ جيان ٿيندو، جنهن جي پٺيءَ تي ٻورا هجن تڏهن بہ اهو ليٽيل رهي.
15
پر جڏهن هو ڪا چڱي آرامگاهہ يا ڪا دلپسند زمين ڏسندا، تڏهن ڪلهي تي بار کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو جھڪائيندا، توڙي جو کين غلام بڻجي مجبوراً ڪم ڪرڻو پوي.
16
اي دان! تنهنجو اولاد مون اسرائيل جي ٻين قبيلن وانگر، پنهنجي ماڻهن جي عدالت پاڻ ڪندو.
17
جيتوڻيڪ تنهنجو اولاد شمار ۾ کڻي گھٽ هوندو، تہ بہ اهو نانگ، هائو، اهڙي کپر نانگ جيان خطرناڪ ٿيندو، جيڪو رستي ويندڙ گھوڙي کي پٺيان اهڙو ڏنگ ٿو هڻي، جو ان جو سوار وڃي پٺتي ٿو ڪري.
18
اي خداوند! ڇڏائجڻ لاءِ آءٌ تنهنجي ئي راهہ پيو نهاريان.
19
اي جد! تنهنجي اولاد تي ڌاڙيل اچي حملو ڪندا، پر هو ڦري سندن مٿان ئي حملو ڪري کين ڀڄائي ڪڍندا.
20
اي آشر! تنهنجي اولاد جي ٻني عمدو اناج پيدا ڪندي. هو اهڙو لذيذ طعام مهيا ڪندا، جيڪو بادشاهن جي کائڻ لائق هوندو.
21
اي نفتالي! تنهنجو اولاد ان آزاد هرڻ جيان ٿيندو، جيڪو ٺاهوڪا ٻچڙا ڄڻيندو رهي ٿو.
22
اي يوسف! تون اهڙي ڦلدار وڻ جيان آهين، جيڪو پاڻيءَ جي چشمي ڀرسان بيٺل هجي، ۽ جنهن جون ٽاريون ڀت جي مٿان پکڙجي ويون هجن.
23
دشمن تيرانداز تنهنجي اولاد تي حملو ڪندا، ۽ تير هڻي هڻي هنن کي ڏاڍو ستائيندا.
24
پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.
25
اي يوسف! اهو منهنجو خدا ئي آهي، جيڪو تنهنجي اولاد جي مدد پيو ڪندو. هائو، قادرِمطلق خدا مٿان آسمان مان برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪندو. هو ٻارن توڙي چوپائي مال ۾ کين جھجھيون برڪتون عطا ڪندو.
26
اي منهنجا پٽ! قائم وَ دائم جبلن جي برڪتن کان بہ وڌيڪ منهنجيون تو لاءِ خير وَ برڪت جون دعائون آهن. شال اهي برڪتون تو يوسف مٿان اچي نازل ٿين، جنهن کي پنهنجي ڀائرن مان اعليٰ ڪري چونڊيو ويو آهي.
27
اي بنيامين! تنهنجو اولاد بگھڙ جيان خطرناڪ ٿيندو. صبح جو هو دشمنن کي چيري ڦاڙي ناس ڪندو، ۽ سانجھيءَ جو لُٽ جو مال ورهائيندو.“
28
بني اسرائيل جا ٻارهن قبيلا اهي ئي آهن ۽ سندن وڏن مان هر هڪ کي يعقوب سندس لاءِ مناسب دعا ڏيندي اهي ئي ڳالهيون چيون.
29
پوءِ يعقوب پنهنجي پٽن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن سان گڏجڻ وارو آهيان. سو مون کي منهنجي ابن ڏاڏن وٽ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو جيڪا عِفرون حِتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي.
30
هائو، انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪا ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف مڪفيلاہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. اها غار ڏاڏي ابراهيم ٻنيءَ سوڌي عِفرون حِتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهيءَ جو قبضو ورتو هو.
31
اتي ڏاڏي ابراهيم ۽ ڏاڏيءَ سارہ کي دفنايو ويو، اتي ئي بابي اسحاق ۽ اما ربقہ کي دفنايو ويو ۽ اتي ئي مون پنهنجي زال لياہ کي بہ دفن ڪيو.
32
انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾ مون کي دفن ڪجو، جيڪا حِتي قوم کان خريد ڪئي ويئي هئي.“
33
جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي وصيت ڪري چڪو، تڏهن هن پنهنجيون ٽنگون هنڌ ۾ ڇڪيون ۽ دم ڏنائين. ائين هو وڃي پنهنجن سان گڏيو.
← Chapter 48
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 50 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50