bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Genesis 40
Genesis 40
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 39
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 41 →
1
ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ هڪڙي نانوائيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو.
2
تنهنڪري فرعون پنهنجي ٻنهي عملدارن، وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو.
3
پوءِ هن کين پهريدار سپاهين جي سالار جي گھر ۾، انهيءَ ساڳئي قيدخاني ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو جتي يوسف بند هو.
4
پهريدارن جي سالار انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو. يوسف هنن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هو ڪجھہ وقت قيد ۾ رهيا.
5
پوءِ انهن ٻنهي يعني مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ نانوائيءَ جيڪي قيد ۾ بند هئا، تن ساڳيءَ ئي رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو. سندن خوابن جو تعبير ڌار ڌار هو.
6
صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو پريشان آهن.
7
تنهن تي کانئن پڇيائين تہ ”اڄ اهڙا پريشان ڇو آهيو؟“
8
هنن وراڻيس تہ ”اسان ٻنهي ڄڻن هڪ هڪ خواب لڌو آهي، جن جو تعبير ڪرڻ وارو هتي ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يوسف کين چيو تہ ”خوابن جي تعبير جو علم خدا جي طرفان آهي. مون کي پنهنجا خواب ٻڌايو.“
9
تڏهن وڏي ساقيءَ يوسف کي پنهنجو خواب ٻڌايو. کيس چيائين تہ ”مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي انگورن جي ول منهنجي سامهون آهي.
10
انهيءَ ول ۾ ٽي ٽاريون هيون. جيئن ئي ان ٻور ڪيو تہ منجھس گل نڪتا ۽ ان جا ڇڳا ڦري پڪل انگور ٿي پيا.
11
فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو، سو مون انگور کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙيا ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.“
12
تڏهن يوسف کيس چيو تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن.
13
ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تو کي آزاد ڪندو ۽ تو کي تنهنجو عهدو موٽائي ڏيندو. اڳي وانگر جيئن تون سندس ساقي هئين، تيئن تون وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.
14
پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ.
15
حقيقت هي آهي تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان زوريءَ هتي کڻي آيا هئا ۽ هتي مون ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو مون کي قيدخاني ۾ وڌو وڃي.“
16
جڏهن وڏي نانوائيءَ ڏٺو تہ يوسف سٺو تعبير ٻڌايو آهي تڏهن يوسف کي چيائين تہ ”مون بہ خواب لڌو آهي، جنهن ۾ ڏسان ٿو تہ ٽي مانيءَ واريون ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن.
17
سڀ کان مٿين ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا. پر پکين انهيءَ ٽوڪريءَ مان پئي کاڌو جيڪا منهنجي مٿي تي رکي هئي.“
18
يوسف چيس تہ ”انهيءَ جو تعبير هي آهي تہ اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن.
19
ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي تو کي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيندو ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان پٽي کائيندا.“
20
هاڻ ٽئين ڏينهن فرعون جي سالگرہ هئي، تنهن ڏينهن هن پنهنجي سڀني نوڪرن جي دعوت ڪئي. هن وڏي ساقيءَ ۽ وڏي نانوائيءَ کي آزاد ڪري پنهنجي سڀني نوڪرن جي سامهون گھرايو.
21
هن وڏي ساقيءَ کي وري سندس اڳئين عهدي تي مقرر ڪيو، جنهن فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏنو.
22
پر وڏي نانوائيءَ کي جيئن يوسف کين تعبير ڪري ٻڌايو هو ڦاسيءَ تي چاڙهيائين.
23
انهيءَ هوندي بہ وڏي ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، بلڪ کيس وساري ڇڏيائين.
← Chapter 39
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 41 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50